Monday, 24 December 2018

تعليمي ادارن جي ترقي ۽ اسان جا رويا

روزاني جيجل حيدرآباد ۾ 24 ڊسمبر 2018ع تي منهنجو آرٽيڪل تعليمي ادارن جي ترقي ۽ اسان جا رويا!ٰ تي ڇپيو جيڪو اوهان منهنجي بلاغ تي پڙهي سگهو ٿا. هن آرتيڪل پڙهڻ سان اوهان کي موجوده دور ۾ تعليمي اداران جا مسئلا ڪهڙا آهن، انهن ادارن ۾ تعليم جو معيار ڇا آهي؟ اسان جا رويا ڪهڙا آهن ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جور ڪردار ڪهڙو آهي؟
http://dailyjeejal.com/e-paper/2018-12-23/news/page4/1%20(6).htm


دنيا ۾ ترقي جا معيار مقرر ٿيل آهن، جنهن تحت قومون، ملڪ ۽ ادار ڪم ڪن ٿا. ترقي يافته ملڪن جا ماڻهو ملڪي ادارن کي پنهنجو سمجهندا آهن جنهنڪري انهن ملڪن جا سمورا ادارا بهترين نتيجا ڏئي رهيا آهن ۽ دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪري رهيا آهن. ماڻهو انهن ادارن ۾ ڪنهن به قسم جي ناجائز ۽ غير ضروري مداخلت نٿا ڪن، نه ئي وري ڪا بي تڪي تنقيد ڪن ٿا بلڪه انهن ادارن کي بهتر بڻائڻ لاءِ انهن جي جائز مدد ڪن ٿا. انهن ملڪن جا ڏاها، تجربيڪار ۽ ماهر ماڻهو انهن ادارن کي بهتر هلائڻ لاءِ هر وقت ڪارائتا مشورا ڏيندا رهن ٿا. اسان وٽ ماڻهن جا رويا انهن ترقي ڪندڙ ملڪن جي ماڻهن کان مختلف آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان جا ادارا ڪي خاص نتيجا نه ڏئي سگهيا آهن.
پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين اسان وٽ ڪا به عالمي سطح جي يونيورسٽي ڪون ٺهي سگهي آهي جنهن جي ڊگريز کي پوري دنيا ۾ مڃيو وڃي. اسان وٽ اهڙيون گهٽ اسپتالون آهن جت ڪو بهتر ۽ عالمي معيار جو علاج ٿيندو هجي. جنهن به اداري کي ڏسبو ته هو خراب حالت ۾ ئي نظر ايندو. آخر ڪهڙا سبب آهن جو اسان وٽ ادارا گهربل نتيجا نٿا ڏين ۽ نه ئي وري ڪا ترقي ڪندي نظر اچن ٿا، ڪهڙا عنصر آهن جيڪي انهن ادارن کي ترقي ڪرڻ نٿا ڏين؟ اها ڪهڙي قسم جي مداخلت آهي جيڪا ادارن ۾ ڪم ڪندڙن کي آزاد ٿي ڪم ڪرڻ نٿي ڏئي ۽ ترقي واري عمل کي روڪي ٿي؟ ڇا اسان جا ادارا عالمي معياري طريقي کي سمجهندي ان تي هلن ٿا،  جنهن سان صحي ۽ ميرٽ تي ڪم ڪري سگهجي؟  ڇا اسان جا ادارا آئي ايس او سرٽيفيڪيشن جو سوچين ٿا، جنهن سان ادارا عالمي معيار جا نتيجا ڏيندا آهن؟ ڇا اسان جي ادارن جي سربراهن کي هڪ آزاد ۽ خاص عمل ذريعي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو؟ اهي ڪهڙا عمل آهن جيڪي ادارن جي سربراهن ۽ انهن جي ماتحت ماڻهن کي ڪرپشن ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا؟ ان کانسواءِ کوڙ سارا ٻيا سوال آهن جيڪي اسان جي ادارن جي ترقي ۾ رڪاوٽ کي ظاهر ڪري سگهن ٿا.

ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ ضروري هوندو آهي ته اتان جو عوام سڄاڳ هجي. اتان جو عوام تعليم يافته هجي. اتان جا تعليمي ادارا نج تعليم ڏيڻ واري  عمل ۾ مشغول هجن. انهن جو مقصد پنهنجي قوم کي تعليم يافته ڪرڻ هجي. اهي ادارا بهترين قسم جا تحقيقي مرڪز قائم ڪن. انهن وٽ انڪيوبيشن سينٽر هجن جتي تحقيق ۽ نوڪرين جي سکيا ڏني وڃي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان وٽ ان سطح جا تعليمي ادارا نه ٺهي سگهيا آهن. ڪرپشن، اها ڪرپشن سوفٽ ڪرپشن هجي يا هارڊ ڪرپشن هجي ، جلدي ۾ امير ٿيڻ واري سوچ، اقرباپروري، سفارش،  پنهنجي عهدي جو ناجائز ۽ غلط فائدو وٺڻ ، پنهنجي ماڻهن کي ناجائز فائدو ڏيڻ ، انهن کي غير ضروري ۽ غير قانوني ترقي ڏيڻ ۽ ڀرتي ڪرڻ ، غير جهموري روين ۽ حڪومت، سماجي ادارن ۽ ميڊيا جي ناجائز مداخلت اسان جي ٻين ادارن سان گڏ تعليم جهڙي مقدس ادارن کي به تباھ ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ جهڙو تعليمي نظام يا نصاب ۽ تعليمي ادارن ۾ بهترين ماحول قومن ۽ ملڪن کي ترقي ڏياريندا آهن ۽ سماج ۾ برابري واري سوچ پيدا ڪندا آهن. پر اسان وٽ ائين نه آهي.  اسان جا اسڪول ۽ ڪاليج جنهن نصاب تحت تعليم ڏين ٿا اهو نصاب موجوده دور جي ضرورتن مطابق نه آهي. تنهنڪري اسان جا ٻار اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پراڻن نظرين ۽ طريقن سان تعليم حاصل ڪن ٿا. اسان وٽ پرائمري سطح کان وٺي يونيورسٽي تائين تعليم جا معيار مختلف آهن. اسڪولس، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز جو الڳ الڳ تعليم جو نظام آهي. اهڙي طرح حڪومتي ۽ خانگي اداران جا جدا جدا تعليمي نظام آهن. خانگي اسڪولس ۾ به مختلف قسم جا تعليمي معيار ۽ طريقا آهن. هر خانگي اسڪول پنهنجو الڳ نطاب ۽ ڊريس ڪوڊ ٺاهي ويٺو آهي.  پاڪستان ۾  مدرسن جو پنهنجو تعليمي نظام آهي. هتي مدرسن جا به ڪي پنج ڇھ تعليمي نظام آهن. اهڙن تعليمي نصابن ۽ نظامن جي ڪري اسان جو نوجوان طبقو مختلف سوچن ۾ ورهايل رهيو آهي جنهنڪري هن ملڪ ۾ اڄ تائين ڪو بهتر سياسي، معاشي ۽ سماجي ترقي جو نظام نه ٺهي سگهيو آهي. حڪومتون اهڙن نظرين تي قائم ڪيون وڃن ٿيون جن سان ملڪ ۽ قوم کي ڪو خاص فائدو نه پهچي سگهيو آهي.  

پاڪستان ۾ تعليم جا معيار پرائمري کان وٺي پي ايچ ڊي تائين مختلف رهيا آهن. جڏهن ته معاشي طبقاتي نظام جو به اسان جي تعليم ادارن تي اثر رهندو اچي پيو.  طبقاتي نظام جي ڪري هر طبقو پنهنجي حيثيت مطابق پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياري رهيو آهي. اسان وٽ ڪو به اهڙو ادارو نه ٺهيو آهي جيڪو انهن معيارن کي ماپي ڪو هڪ نصاب ۽ نظام ٺاهي ته جيئن ملڪ ۾ سڀ جا سڀ ماڻهو هڪجھڙي تعليم حاصل ڪري سگهن. اهڙي طرح ادارن جي بناوٽ جا به ڪي خاص اصول نه ٺاهيا ويا آهن تنهنڪري مختلف طبقن لاءِ مختلف قسم جا ادارا ٺاهيا وڃن ٿا جنهنڪري سماج ۾ اڻ برابري واري سوچ پيدا ٿئي ٿي جيڪا ملڪ جي ترقي تي سئون سڌو اثر ڪري ٿي.
جيئن پرائمري، مڊل ۽ ڪاليج تائين تعليم جا معيار مختلف رهيا آهن ائين ئي وري پي ايچ ڊي جي ڊگري به پاڪستان ۾ مختلف معيارن تحت ڏني وڃي ٿي. يونيورسٽيز پنهنجي سهولتن ۽ ماحول مطابق پي ايچ ڊي ڪرائڻ جا طريقا ٺاهن ٿيون جنهنڪري ان ڊگري جا معيار به مخلتف رهيا آهن. ايتري تائين جو تحقيقي مقالن جي چڪاس لاءِ به مختلف معيار مقرر ٿيل آهن جنهن سان پي ايچ ڊي جهڙي اهم ڊگري جي اهميت تي اثر پوي ٿو.  پاڪستان ۾ ماڻهو پنهنجي محنت، سهولت، وسيلن جي بنياد تي هيٺين ادارن مان پي ايچ ڊي جون ڊگريون وٺن ٿا.
پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيز ذريعي پي ايچ ڊي جي ڊگري
پرائيويٽ سيڪٽر ذريعي پي ايچ ڊي جي ڊگري
 
يوروپين ۽ امريڪن ملڪن جي يونيورسٽيز مان پي ايچ ڊي جي ڊگري
ايشين ملڪن جي يونيورسٽيز مان پي ايچ ڊي جي ڊگري

پاڪستان ۾ پي ايچ ڊي جي ڊگري کي حيثيت ملڪن جي حيٽيت مطابق ڏني ويندي آهي. ٻاهرين ملڪن مان ڊگري وٺندڙن جي اهميت سڀ کان وڌيڪ هوندي آهي. اهڙي طرح ٻاهرين ملڪن مان به يوروپين ۽ امريڪن ملڪن جي پي ايچ ڊي کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي. ان کان پوِءِ ايشين ملڪن جي پي ايچ ڊي جي ڊگري کي اهميت ڏني ويندي آهي. پاڪستان ۾ وري پرائيويٽ ادارن مان پي ايچ ڊي جي ڊگري وٺندڙن کي پبلڪ سيڪٽر جي يونيورسٽيز کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي جنهنجو مطلب ته پاڪستان ۾ پي ايچ ڊي جي ڊگري کي به مختلف حيٽيتن ۾ ورهايو ويو آهي جيئين هڪ دور ۾ پيلي ڊريس پائيڻ جي بنياد تي شاگردن ۽ اسڪولس جي سڃاڻپ ٿيندي هئي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته امريڪن ۽ يوريپين يونيورسٽيز ۾ پڙهائي جي نظام اسان جي يونيورسٽِز کان بهتر آهي تنهنڪري اتان ڊگريز وٺندڙن جي ڄاڻ ۽ پڙهائي جو طريقيڪار به مختلف هوندو آهي. پاڪستان ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪو پاڪستان جي سمورين يونيورسٽيز کي سنبالي ٿو، انهن جا نصاب ٺاهي ٿو ۽ يونيورسٽيز کي فنڊ مهيا ڪري ٿو. اهڙي طرح اهو ئي ادارو آهي جيڪو مختلف ڊگرين ڏيڻ جا معيار به مقرر ڪري ٿو خاص ڪري ايم فل يا پي ايچ ڊي جي ڊگرين جا معيار مقرر ڪري ٿو.  هي ادارو ئي ٻاهرين يونيورسٽيز کي رڪگنائيز ڪري ٿو جتان پاڪستاني وڌيڪ تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. پر افسوس جو اڄ تائين ان اداري ڪو اهڙو طريقيڪار نه ٺاهيو آهي جنهن جي معيار کي پبلڪ ۽ پرائيويٽ يونيورسٽيز ۾ نافذ ڪيو وڃي ته جيئين ٻنهي ادارن جي ڊگرين جي اهميت ۾ ڪو فرق نه هجي. ان سان گڏ هي ادارو اهڙو معيار نه ٺاهي سگهيو آهي جنهن ذريعي پاڪستان مان ٿيندڙ پي ايچ ڊي جي ڊگري کي بين الاقوامي ڊگري جي حيثيت ملي جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ ٿيندڙ پي ايچ ڊي ٻاهريان ٿيندڙ پي ايچ ڊي کان وڌيڪ ڏکي ۽ پيچيده آهي. تنهنڪري پاڪستان ۾ ٿيندڙ پي ايچ ڊي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي نه ئي ان ڊگري جي اهميت کي گهٽائي سگهجي ٿو. ٻاهرين ملڪن مان  پي ايچ ڊي ڪندڙن کي کوڙ ساريون سهولتون، رعاتيون ۽ اسڪالرشپس ملن ٿيون جڏهن ته پاڪستان ۾ اهڙيون سهولتون ۽ رعايتون ڪون ملن ٿيون. هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي هڪ خاص نصاب ۽ طريقيڪار نه ٺاهڻ جي ڪري،  پاڪستان مان پي ايچ ڊي ڪندڙن جي حيثيت ٻاهريان پي ايچ ڊي ڪندڙن جي نظرن ۾ گهٽ رهي ٿي ۽ هتان جا ادارا ٻاهريان پي ايچ ڊي ڪنڊڙ يا خانگي ادارن مان پي ايچ ڊي ڪندڙ کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. تنهنڪري هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي ان معامري تي گهرائي سان سوچڻ گهرجي ٻي صورت ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ پي ايچ ڊيز جي ڊگرين جي اڳتي هلي اهميت نه رهندي يا اهي ڊگريون صرف ترقي ۽ الائونس لاءِ حاصل ڪيون وينديون. .
 
جيڪڏهن اسان پنهنجي ملڪ، قوم ۽ صوبي سان سچا آهيون ته اسان کي پنهنجي سمورن ادارن جي ترقي لاءِ سوچڻ سان گڏ مثبت ڪم به ڪرڻو پوندو، اسان کي پنهنجي سوچ به مثبت ڪرڻي پوندي خاص ڪري تعليمي اداران جي ترقي لاءِ اسان کي مثبت ٿي سوچڻو پوندو ۽ انهن جي تباهي جي سببن تي به مثبت سوچ رکي بحث ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ اسان ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهنداسين ڇاڪاڻ ته بهتر تعليم ۾ ئي اسان جي سمورن مسئلن جو حل آهي. اسان جون تنقيدون صرف ادارن کي بدنام ڪرڻ لاءِ هونديون آهن جڏهن ته تنقيد براءِ اصلاح هئڻ گهرجي. تنهنڪري جڏهن به اسان ڪنهن اداري يا شخصيت تي تنقيد ڪريون ته ان کي مختلف رخن کان ڏسون ۽ تنقيد سان گڏ ان جو حل ۽ تجويزيون پڻ ڏيون. اسان تنقيد پنهنجي نالي ۽ مفاد لاءِ نه ڪريون پر اداري جي ترقي ۽ بهتري لاءِ ڪريون. ڪنهن هڪ فرد يا ڪجھ فردن جي ڪري پنهنجي ادارن جي غلا نه ڪريون. اسان ڊرائنگ روم واري سياست جيان پنهنجي تعليمي ادارن تي به گهر ۾ ويهي بغير ڪنهن ڄاڻ جي تنقيد ڪندا آهيون ۽ انهن لاءِ گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهيون.  صرف ڳالهين ڪرڻ سان سماج ۽ ادارا ترقي نه ڪندا آهن. پر ان لاءِ عملي ڪم ڪرڻا پوندا آهن. ذاتي لالچ ۽ ٻئي جي ٽنگ ڪڍڻ لاءِ ڪم ۽ تنقيد ڪنداسين ته اسان جو سماج موجوده حالت کان به خراب حالت ۾ هليو ويندو.
اسان وٽ تنقيد ڪرڻ جو ڄڻ ته رواج پئجي ويو آهي. هتي تنقيد جي ڪي معيار ئي ڪونهن. هر ڪم  تي تنقيد ڪريون ٿا ايتري تائين جو جنهن ڪم جي خبر به نه آهي ان تي به ڳالهايون ٿا. تنهنڪري جنهن شعبي ۾ اسان کي مهارت هجي ان شعبي تي اصلاحي تنقيد ڪريون ته بهتر ٿيندو ٻي صورت ۾ اداري جي بدنامي کان سواءِ ڪجھ به نه ملندو جنهنجو نقصان ملڪ، قوم ۽ صوبي جو هوندو.
تعليم ئي سماج کي ترقي ڏياريندي آهي، تعليم ئي پٺتي پيل سماجن کي اڳتي آڻيندي آهي تنهنڪري تعليمي ادارن تي ڳالهائڻ ۽ انهن تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ ۾ پنهنجي شخصيت کي به جاچڻ گهرجي ته ڇا اسان جي ڄاڻ ۽ تجربو انهن ادارن تي تنقيد ڪرڻ جي لائق آهن.  ڇا اسان تعليمي ماهر آهيون يا جنهن تعليمي اداري تي تنقيد ڪريون پيا ان جي اداري جي بناوٽ جي ڪا خبر آهي يا صرف هوا ۾ تير هڻون پيا. جيسيتائين اسان کي ان لاڳاپيل اداري جي نظام جي خبر نه هجي تيسيتائين اسان کي ان اداري تي تنقيد ڪرڻ جو به ڪو حق نه هجڻ گهرجي. اسان وٽ ٿئي ائين پيو ته ٻڌي ڳالهين تي يا دوستي يا ڪنهن لالچ جي ڪري مختلف ادارن تي بي تڪي تنقيد ڪجي ٿي.  اسان وٽ ميڊيا، حڪومتي، سياسي ۽ سماجي ادارن جي تعليمي ادارن ۾ تمام گهڻي مداخلت رهي ٿي. جنهنڪري اسان جا تعليمي ادارا تحقيقي ۽ تدريسي عمل ۾ ڪا گهربل ترقي نه ڪري سگهيا آهن ۽ ني ئي وري ڪي خاص نتيجا ڏئي سهگيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان جا ادارا عالمي سطح جي حيثيت حاصل نه ڪري سگهيا آهن. اها مداخلت مثبت هجي ته تمام بهتر ٿئي پر هتي پنهنجي مفادن خاطر فردن ۽ ادارن کي بدنام ڪيو وڃي پيو.

اسان وٽ يونيورسٽيز ۾ تحقيق واري عمل کي گهٽ اهميت ڏني وڃي ٿي. اهڙي طرح جيڪي تحقيق ڪرڻ چاهين ٿا انهن وٽ گهربل فنڊ ۽ وسيلا نه آهن تنهنڪري ڪا اهم ۽ خاص تحقيق سامهون نه اچي سگهي آهي. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا تحقيق ڪندڙن ۽ تحقيقي ادارن جي ڪا خاص مدد نٿا ڪن جنهن جو سئون سڌو نقصان يونيورسٽيز ، سماج ۽ لاڳاپيل ادارن کي ٿئي ٿو. ڪنهن به يونيورسٽي جو وڏي ۾ وڏو ڪم تحقيق کي وڌائڻ ۽ تحقيقي ادارا قائم ڪرڻ هوندو آهي پر اسان وٽ بدقسمتي سان ائين نه آهي. هتي جن ادارن کي فنڊ ۽ وسيلا مهيا ڪيا وڃن ٿا انهن ادارن ۾ سٺي تحقيق ٿي رهي آهي ۽ نتيجا به سٺا نڪري رهيا آهن يا جيڪي تحقيق ڪندڙ پنهنجي گهران خرچ ڪن ٿا اهي به بهتر تحقيق ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي تحقيق نتيجا به ڏئي رهيا آهن.  اسان وٽ بدقسمتي سان تحقيقي عمل ۾ به مداخلت آهي. اسان وٽ ڊپارٽمينٽس جا سربراھ ، دوست ۽ ڪجھ استاد پنهنجي شعبي ۾  ترقي  حاصل ڪرڻ جي ڪري زور ڀريندا آهن ته تحقيقي مقالن ۾ انهن جو نالو به شامل ڪيو وڃي جيڪو هڪ غير اخلاقي ۽ ڪريل عمل آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن جو ان تحقيقي ڪم ۾ ڪو به ڪردار نه هوندو آهي. هو بغير ڪم ڪرڻ جي پاڻ کي تحقيق جو حصو بڻائيندا آهن. جڏهن ته ٿيڻ ائين گهرجي ته هو ماڻهو پاڻ ئي ان عمل جو حصو نه ٿين جنهن عمل يا ڪم  ۾ انهن جو ڪنهن به حوالي سان ڪو ڪردار يا ڪم نه رهيو آهي، اهڙي طرح ان عمل جي ڪري تحقيق جو معيار به نٿو رهي. حقيقت ۾ اها به هڪ قسم جي ڪرپشن آهي جيڪا اسان جي يونيورسٽي يا ڪاليج جا استاد ڪن ٿا.  ان کان سواِءِ اسان وٽ تحقيق کان وڌيڪ اڪيڊيمڪ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. ڪجھ استاد تحقيق ڪرڻ کان وڌيڪ رسمي طريقن سان سبجيڪٽ پڙهائڻ کي ترجيح ڏين ٿا ڇاۡڪاڻ ته هو تحقيق واري عمل کان ايترا واقف نه آهن جڏهن  ته هڪ يونيورسٽي استاد لاءِ تحقيق ئي سڀ ڪجھ هوندي آهي. ايتري تائين جو يونيوريسٽي استاد جي ترقي به تحقيق ۽ تحقيق واري ڊگري جي ڪري ٿئي ٿي. هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي اهڙو نظام ٺاهڻ گهرجي جنهن ذريعي انهن استادن کي اڳين گريڊ ۾ ترقي ڏني وڃي جنهن جا گهربل تحقيقي مقالا پنهنجا هجن نه ڪي ٻين جي ڪم جا هجن.
تعليمي ادارن جي ترقي نه ڪرڻ ۾ مختلف قسمن جي مداخلت ۽ ڪرپشن سان گڏ محترم استادن ۽ اسٽاف جي يونينز جو پڻ اهم ڪردار رهيو آهي. اهي به ڪن عملن ذريعي تعليمي ادارن کي نقصان ڏين ٿا. اهڙي طرح اهي يونينز به اداري جي ترقي لاءِ ڪي خاص ڪم ۽ مثبت ڪردار ادا نه ڪري سگهيا آهن، نه ئي تحقيق ۽ تدريس واري ڪم کي وڌائڻ لاءِ ڪا خاص جدوجهد ڪري سگهيا آهن.
اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڪجھ اهڙا به شاگرد هوندا آهن يا اهڙيون شاگردياڻيون هونديون آهن جيڪي پڙهائي دوران محنت نه ڪندا آهن يا محنت نه ڪنديون آهن نه ئي وري ريگيولر ڪلاس اٽينڊ ڪندا آهن. جڏهن اهڙن شاگردن يا شاگردياڻين تي اسان جا محترم استاد سختي ڪندا آهن ته اهي شاگرد يا شاگردياڻيون ڪوڙيون شڪايتيون ڪندا آهن اهڙي طرح انهن جي غلط شڪايتن تي اسان جا ڪجھ مخصوص ادار ۽ سول سوسائيٽي جا نمائندا اسان جي محترم استادن جي بيعزتي ڪندا آهن. ان عمل سان اسان جي محترم استادن جي دل آزاري ٿيندي آهي جنهن جو نقصان به اسان جي تعليمي ادارن ۽ اسان جي سماج کي ٿئي ٿو. تنهنڪري اهڙي قسم جي مداخلت کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن محترم استاد صحي ۽ معياري تعليم ڏئي سگهن ۽ محنت ڪندڙ شاگردن کي اڳتي آڻي سگهن. جيڪڏهن تعليمي ادارن ۾ ميرٽ کي برقرار نه رکيو ويندو ته اسان جو سماج ترقي نه ڪندو ۽ نه ئي وري اسان جا تعليمي ادارا عالمي حيثيت جا بڻجي سگهندا.
ڪنهن به قوم جي ترقي ۾ سڀ کان اهم ڪردار تعليم ۽ تحقيق جو هوندو آهي. تعليم ۽ تحقيق سان سماج ترقي ڪندو آهي. هن وقت اسان وٽ شاگردن ۾ تعليم ۽ تحقيق جو شعور پيدا ٿي رهيو آهي. اسان جا ٻار پڙهڻ چاهين ٿا. اسان وٽ تحقيق جو رجحان پيدا ٿي چڪو آهي پر مخصوص ادارن جي نه هجڻ جي ڪري ۽ بي تڪي مداخلت جي ڪري اهو سلسلو گهڻو وڌي نه سگهيو آهي. تنهنڪري اچو ته مثبت ڪردار ادا ڪريون اصلاحي راءِ ڏيون. اداران کي بدنام نه ڪريون. جيڪا تنقيد ڪريون ان جو حل به ڏيون. هي اسان جا ادارا آهن انهن جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي. قومون ترقي تڏهن ڪنديون آهن جڏهن فرد ايمانداري ۽ سچائي سان ڪم ڪندا آهن ۽ صحي ڪم ڪندڙ جي مدد ڪندا آهن. پنهنجي مفادن خاطر ڪنهن جا پير ڪڍڻ قوم ۽ ملڪ سان ڌوڪو هوندو آهي. ڪنهن به يونيورسٽي تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ ۾ اهو ضرور سوچيو وڃِي ته ڇا اسان جون يونيورسٽيز ايتريون ئي آزاد آهن جيتريون يورپ، آمريڪا ۽ دنيا جي ترقي ڪندڙ ملڪن جون يونيورسٽيز آزاد آهن؟ ڇا اسان جا استاد ايترا ئي آزاد آهن جيترا ترقي ڪندڙ ملڪن جا 
استاد آزاد آهن؟


Thursday, 13 December 2018

سنڌ ٻولي کي عالمي تحقيق لاءِ مناسب اوزار طور پيش ڪرڻ ۽ ان عالمي گرامر مطابق استعمال ڪرڻ لاءِ منهنجو تحقيقي ڪم هيٺين لنڪ ذريعي ڏسي سگهجي ٿو. هي ڪم پرائمري اسڪولس لاءِ پڻ بهتر ثابت ٿي سگهي ٿو. هن اوزار ذريعي احساسن کي پڻ ماپي سگهجي ٿو

http://www.sindhinlp.com/

Tuesday, 4 December 2018

سنڌ ۾ هڪ بين الاقوامي سطح جي يونيورسٽي جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ هيٺين لنڪ کولي وڌيڪ پڙهي سگهو ٿا

http://dailyjeejal.com/e-paper/2018-12-03/news/page4/1%20(5).htm

Wednesday, 28 November 2018

سنڌي ٻولي جي انجنيئرنگ ۽ بقا


هن وقت دنيا ۾ 6099 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جڏهن ته سوين ٻوليون مري چڪيون آهن يا ختم ٿي چڪيون آهن.  ٻولي جي ماهرن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجھ ڏهاڪن ۾ ٻولين جي اڪثريت مري ويندي يا ختم ٿي ويندي. ٻولي جي ختم ٿيڻ ۽ مري وڃڻ ۾ فرق  اهو آهي ته جن ٻولين جو هڪ به ڳالهائيندڙ نه آهي ۽ نه ئي انهن جي لکت جو ڪواستعمال آهي ته انهن ٻولين کي ختم ٿيل ٻولي چئجي ٿو ۽ جن ٻولين جا ڳالهائيندڙ موجود نه آهن يا اهي ٻوليون صرف تاريخ جي صفحن ۾ موجود آهن ۽ انهن ٻولين جو لفظن جو ڀنڊار يا ڪارپس موجود آهي ته اهي مئل ٻوليون چورائجن ٿيون. هت ڪيتريون ئي اهڙيون ٻوليون آهن جيڪي ختم ٿيڻ يا مري وڃڻ جي مرحلي ۾ آهن جيڪي ڪجھ ڏهاڪن ۾ ختم ٿي وينديون يا مري وينديون. امريڪا، يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا جون ڪيتريون ٻوليون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيتريون وري مري چڪيون آهن. 
وڌيڪ روزاني جيجل اخبار 28 نومبير 2018 ۾ پڙهي سگهو ٿا. لنڪ هيٺ ڏجي ٿي

http://dailyjeejal.com/e-paper/2018-11-28/news/page4/1%20(5).htm 

Tuesday, 27 November 2018

AUTOMATIC STEMMING AND LEMMATIZATION PROCESS FOR SINDHI TEXT

Mazhar Ali Dootio  and Asim Imdad Wagan 

Abstract: Stemming and lemmatization are preprocessing steps in the NLP for language modeling and information retrieval system. Searching, information retrieving and other text analysis problems of Sindhi text increase day to day since Sindhi data grow on internet. Lots of research studies have been conducted on NLP problems of languages other than Sindhi language thus, deficiency of NLP resources for Sindhi text lemmatization and stemming processes generate research tasks to design a research methodology for solution of Sindhi computational linguistics problems. A little research work has been done on Sindhi stemming and lemmatization processes, therefore, this work is an addition to Sindhi stemming and lemmatization process.  Sindhi is one of the significant languages of the sub-continent having lexicons with more inflections, diacritics and morphological structures. Therefore, development of computational linguistics and NLP resources for Sindhi text, perform significant role in solving computational, NLP, information retrieval, machine translation and other text analysis problems of Sindhi language. Research Methodology structure the research problem of this study. It solves the lemmatization and stemming problems of Sindhi language by proposing novel algorithms. Algorithms identify the Sindhi lexicons from Sindhi text and performs the lemmatization and stemming process. NLP tools are developed on basis of proposed algorithms for Sindhi text lemmatization and word stemming. Algorithm-1 is proposed for Sindhi lexicons lemmatization process and Algorithm-2 is proposed for Sindhi lexicons stemming process. This research work may be helpful and beneficial for linguistics research, search engines, information retrieving systems, machine translations as well as computational linguists for Sindhi corpus analysis, however, more research work is required on Sindhi text Word2Vec, topic modeling, sentiment and semantic analysis and feature distribution for information retrieval and language variation analysis.
KEYWORDS: Sindhi NLP, Lemma, Stemming, computational linguistics, lexicon

Research Gate Link. You may find full paper

https://www.researchgate.net/publication/328202210_AUTOMATIC_STEMMING_AND_LEMMATIZATION_PROCESS_FOR_SINDHI_TEXT?fbclid=IwAR2V07sYdTXYV1-yK7pLZYmGFZTzlitBOqdlfXcQho7t1I6XM1tpfIbx1Ng


Journal Link

https://jssir.neduet.edu.pk/sites/default/files/JSSIR/Abstract%20and%20key%20words/AUTOMATIC%20STEMMING%20AND%20LEMMATIZATION%20PROCESS.txt

Friday, 16 November 2018

انا ۽ همت افزائي

مظهر علي ڏوتيو

ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو پنهنجي انا ۽ ڪنهن خوف خاطر اصل ۽ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي نظر انداز ڪندا آهن ۽ انهن جي ڪم کي اهميت نه ڏيندا آهن بلڪ انهن جي ڪم کي گهٽ ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا آهن. شايد اهڙي قسم جا ماڻهو انهن ماڻهن جي ڪم کي سمجهي نه سگهندا آهي ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن جو ڪم هنن جي ذهني سطح کان تمام گهڻو مٿاهون هوندو آهي. اهڙن ماڻهن جي رويي ۽ انا جو نقصان قومن ۽ انهن جي ٻولي، ثقافت، تهذيب وغيره کي ٿيندو آهي. ماڻهو پنهنجو پاڻ کي مٿاهون سمجهڻ ۽ پاڻ کي مٿاهون ڪرڻ جي چڪر ۾ عظيم مقصد کي وڃائي ويهندا آهن. اهڙن روين وارا ماڻهو هر قوم ۾ هوندا آهن. سنڌي قوم ۾ به اهڙا رويا رکندڙ ماڻهو موجود آهن جن جي ڪري ڪجھ اهم ڪم ڪندڙ ماڻهو پنهنجو ڪم روڪي ڇڏيندا آهن ۽ ڪي وري اهڙن ماڻهن جي سوچ ۽ عمل کي نظر انداز ڪري پنهنجو ڪم جاري رکندا آهن ڇاڪاڻ ته ڪم ڪندڙ ماڻهون اهڙن ماڻهن لاءِ ڪم نه ڪندا آهن بلڪه قوم ۽ ڌرتي لاءِ ڪم ڪندا آهن، هو پنهنجي ضمير آڏو جوابده هوندا آهن. اهي قومون ترقي وڌيڪ ڪنديون آهن جيڪي ٻئي جي ڪم کي مڃن، اهميت ڏين انهن جي مدد ڪن بجاءِ جو انهن تي تنقيد ڪن يا انهن جي غلا ڪن. هر قوم ۾ جينئس ماڻهو پيدا ٿيندا آهن جيڪي ٿوري وقت ۾ اڪيلا هوندي به سالن جو ڪري ڇڏيندا آهن پر منفي روين وارا ماڻهو انهن جي ڪم کي مڃڻ بجاءِ تنقيد جو نشانو بڻائيندا آهن. حقيقت ۾ اهڙن ماڻهن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ نقصان قوم جو ٿيندو. هاڻي انهن ماڻهن تي منحصر ٿئي ٿو تو ڪم ڪندڙ ماڻهن جي اهمت افزائي ڪندا يا ائين ئي تنقيد ۽ غلا ڪندا رهندا.
پنهنجي قوم لاءِ سوچو پاڻ لاءِ نه!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!

سنڌي انسائيڪلوپيڊيا ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جو حصو

قاسم ڪيهر
تاريخ جي سهيڙ جو ڪم جن فردن يا ادارن جي ذمي هُجي ٿو انهن کي سرشٽيءَ جي تمام وڏي ذميواري مليل هُجي ٿي. اهڙي ئي ذميواري اسانجو پنهنجو سنڌ جو ادارو سنڌي ٻوليءَ جو باختيار ادارو (Sindhi Language Authority) به نڀائي رهيو آهي. جنهن طرفان انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ترتيب ڏيڻ جو تمام وڏو ڪم پڻ ڪجھه سالن کان تمام گھڻي محنت سان ڪيو پيو وڃي. تنهن هوندي ڪجھه ننڍيون ننڍيون شيون اچڻ کان رهجي وڃن ٿيون جنهن جا ڪيترائي هلڪا ڦلڪا سبب ٿي سگھن ٿا ۽ اهڙي قسم جي ڪنهن تمام وڏي ڪم کي پهريون دفعو سهيڙ هيٺ آڻڻ ۾ اهڙو عمل ٿي وڃڻ فطري پڻ آهي. پر جڏهن ڪنهن تاريخ جي بنيادي معلومات ۾ ڪي بنيادي شيون يا فرد ۽ انهن جي ڪيل خدمتن جو اندراج رهجي وڃي ته اُن کي ننڍو چئي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. اهڙي ئي هڪ ضروري اندراج جي رهجي وڃڻ جي خبر تڏهن پئي جڏهن لسانيات ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيل ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بنيادي ڪم ڪندڙ ساٿين جي سٿ جي هڪ ساٿي ۽ اسانجي هڪ پياري دوست ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتيي هڪ ذاتي قسم جي فيس بوڪ ميسيج ۾ پنهنجي اندر جو احوال ونڊيو ته ”سنڌي ڪمپيوٽنگ“ جي ڄاڻ وارن صفحن ۾ سندس خدمتن کي وساريو ويو آهي. ان سلسلي ۾ هيٺ ڪجھه عڪس موجود آهن جيڪي انهيءَ جي شاهدي ڏين ٿا. ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتيو جي انهيءَ ڪم جي حوالي سان هڪ ويب سائيٽ پڻ ترتيب ڏنل آهي، جنهن مان ڪيترائي ماڻهو روزانو استفادو حاصل ڪن ٿا. انهيءَ ويب سائيٽ ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ”سنڌي ڪمپيوٽنگ“ واري صفحي جي لنڪ پڻ هيٺ ڏنل آهي. جتي وزٽ ڪري اوهان انهيءَ سموري ماجرا کي ڄاڻي سگھو ٿا ۽ اندازو ڪري سگھو ٿا ته جديد ڪمپيوٽنگ ۾ ٻوليءَ جي انهيءَ خدمت ڪندڙ ماڻهو جي رياضت متعلق ڄاڻ کي انهيءَ تاريخي سهيڙ ۾ شامل نه ڪرڻ گھرجي؟!
http://www.sindhinlp.com/index.php
http://encyclopediasindhiana.org/article.php

رايا ۽ احساس

مظهر علي ڏوتيو

اسان سامسنگ يا ٻين ڪمپنين جي پروڊڪٽس تي جيڪي رايا ڏيون ٿا سي انگريزي يا اردو يا رومن اردو ۾ لکون ٿا، جنهن سان انگريزي ۽ اردو ۾ تحقيق ڪندڙن کي تمام گھڻو فائدو ٿئي ٿو. پر سنڌي ۾ ڳولا ڪندڙن کي ڏکيائي ٿئي ٿي، ڇو ته اهي سڀ جا سڀ رايا سنڌي ۾ ترجمو ڪري لکڻا پون ٿا. ان سان گڏ سنڌي ٻولي کي وڏو نقصان ٿئي ٿو. انگريزي يا اردو ۾ لکڻ سان انگريزي يا اردو ۾ لفظن جو ڀنڊار يا ڪارپس ٺهي ٿو جنهن سان لسانيات يا راين تي ايناليسز جي حوالي سان تمام گهڻي تحقيق ٿي رهي آهي.
اهڙي قسم جي تحقيق ٻولين کي بين الاقوامي سٿ ۾ شامل ڪري ٿي. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجھ سنڌي ۾ لکبو ته دنيا جا تحقيق ڪندڙ ٻولي جا ماهر سنڌي تي به تحقيق ڪندا اهڙي طرح سنڌي ٻولي تمام گهڻي ترقي ڪندي. ٻيو فائدو اهو ته اهي ادارا سنڌي ماڻهن کي نوڪري ڏيندا ته جيئن هو ماڻهن جا رايا پڙهي سگهن. راين کي پڙهڻ ۽ انهن کي اينالائيز ڪرڻ سان ڪمپني کي تمام گهڻو فائدو پهچي ٿو هو انهن راين جي ذريعي پنهنجي پروڊڪٽس ۾ تبديليون آڻن ٿا. مختلف ڪمپنين جا ڪال سينٽر ٺهيل آهن جتي هو فون ڪالز ذريعي پنهنجي ڪسٽمرس جا مسئلا ٻڌن ٿا ۽ انهن کي حل ڪن ٿا. اسان کي انهن سان سنڌي ۾ ڳالهائڻ گهرجي ته جيئن سنڌي ۾ آواز جو ڪارپس ملي سگهي جنهن سان سنڌي ٻولي تي تحقيق ۾ اضافو ٿيندو ۽ سنڌي ماڻهن کي انهن اداران ۾ نوڪريون ملي سگهن.
آءُ اهڙي قسم جي تحقيق جو حصو آهيان جنهنڪري سنڌي ٻولي عالمي ٻولين جي سٿ ۾ شامل ٿي چڪي آهي. مون پاڻ اهڙي قسم جا ڪارپس ٺاهيا آهن پر اهي گهڻي تعداد ۾ نه آهن. تنهنڪري اسان سڀ سنڌي ۾ لکڻ شروع ڪريون ته جيئن ٻولي ۾ ذريعن جو واڌارو به ٿئي، ٻولي لاءِ لفظن جو ڀنڊار به ٺهي ۽ تحقيق ۾ اضافو ٿئي. تنهنڪري هاڻي وڌ کان وڌ سنڌي ۾ پڙھو، سنڌي لکو ۽ سنڌي ڳالھايو. ڪاروباري دنيا جي بازار سان بہ سنڌي ٻولي ۾ لھ وچڙ ۾ اچو.

Tuesday, 13 November 2018

Quantum Computing: A New Era of Computing Technology



Mazhar Ali Dootio
My this article is published in online newspaper The Sindh Times
The development of computing system is really a great invention of the world. Because majority of the discoveries are done due to computer technology. Therefore, computing technology has brought a revolution in developing a world technologically as well as converting it into a global village. Now a day, people are very much happy with the current computer systems and information technological infrastructures. The scientific work is growing day to day because of latest computing system. The emergence of new technology called quantum computing, has opened new doors of development and high speeds processors. A quantum computer exploits properties of quantum physics to perform certain types of calculations more efficiently than any classical computer. Now traditional computing systems will be like abacus for whole world because quantum computing system will replace the traditional computers. Quantum computing is computing which is developed on basis of quantum-mechanical phenomena, such as Superposition and entanglement. A quantum computer is a device that performs quantum computing. Such a computer is different from binary digital electronic computers based on transistors. Whereas common digital computing requires that the data be encoded into binary digits, usually called bits, each of which is always in one of two definite states such as 0 or 1. Quantum computation uses quantum bits or qubits, which can be in superposition of states. A quantum Turing Machine is a theoretical model of such a computer, and is also known as the universal quantum computer. Quantum computing is the area of study focused on developing computer technology based on the principles of quantum theory, which explains the nature and behaviour of energy and matter on the quantum level. Development of a quantum computer would mark a leap forward in computing capability far greater than that from the Abacus to a modern day Super-Computers. The quantum computer, following the laws of quantum physics, would gain enormous processing power through the ability to be in multiple states, and to perform tasks using all possible permutations simultaneously. Current centers of research in quantum computing include MIT, IBM, Oxford University, and the Los Alamos National Laboratory. Quantum computers could one day provide breakthroughs in many disciplines, including materials and drug discovery, the optimization of complex systems, and artificial intelligence. But to realize those breakthroughs, and to make quantum computers widely use able and accessible, we need to re imagine information processing and the machines that do it.

The essential elements of quantum computing originated with Paul Benioff, working at Argonne National Labs, in 1981. He theorized a classical computer operating with some quantum mechanical principles. But it is generally accepted that David Deutsch of Oxford University provided the critical impetus for quantum computing research. In 1984, he was at a computation theory conference and began to wonder about the possibility of designing a computer that was based exclusively on quantum rules, then published his breakthrough paper a few months later. With this, the race began to exploit his ideas. However, before we probe into what he started, it is beneficial to have a look at the background of the quantum world.

The development of actual quantum computers is still in its infancy even in the year 2018, but experiments have been carried out in which quantum computational operations were executed on a very small number of quantum bits. Both practical and theoretical research continues, and many national governments and military agencies are funding quantum computing research in additional effort to develop quantum computers for civilian, business, trade, environmental and national security purposes, such as crypt-analysis. A small 20-QUBIT quantum computer exists and is available for experiments via the IBM Quantum Experience project. D-Wave Systems has been developing their own version of a quantum computer that uses annealing.
Large-scale quantum computers would theoretically be able to solve certain problems much more quickly than any classical computers that use even the best currently known algorithms

A Comparison of Classical and Quantum Computing

Classical computing depend on its ultimate level, on principles expressed by Boolean algebra, operating with a logic gate principle. Data must be processed in an exclusive binary state at any point in time - that is, either 0 (off / false) or 1 (on / true). The millions of transistors and capacitors at the heart of computers can only be in one state at any point. While the time that each transistor or capacitor need be either in 0 or 1 before switching states is now measurable in billionths of a second, there is still a limit as to how quickly these devices can be made to switch state. As we progress to smaller and faster circuits, we begin to reach the physical limits of materials and the threshold for classical laws of physics to apply. Beyond this, the quantum world takes over, which opens a potential as great as the challenges that are presented.

The Quantum computer, by contrast, can work with a two-mode logic gate: 
XOR and a mode called QO1 (the ability to change 0 into a superposition of 0 and 1, a logic gate which cannot exist in classical computing). In a quantum computer, a number of elemental particles such as electrons or photons can be used, with either their charge or polarization acting as a representation of 0 and /or 1. Each of these particles is known as a quantum bit, or qubit, the nature and behaviour of these particles form the basis of quantum computing. The two most relevant aspects of quantum physics are the principles of superposition and entanglement.

Superposition

Think of a qubit as an electron in a magnetic field. The electron's spin may be either in alignment with the field, which is known as a spin-up state, or opposite to the field, which is known as a spin-down state. Changing the electron's spin from one state to another is achieved by using a pulse of energy, such as from a laser - let's say that we use 1 unit of laser energy. But what if we only use half a unit of laser energy and completely isolate the particle from all external influences? According to quantum law, the particle then enters a superposition of states, in which it behaves as if it were in both states simultaneously. Each qubit utilized could take a superposition of both 0 and 1. Thus, the number of computations that a quantum computer could undertake is 2^n, where n is the number of qubits used. A quantum computer comprised of 500 qubits would have a potential to do 2^500 calculations in a single step. This is an awesome number - 2^500 is infinitely more atoms than there are in the known universe This is true parallel processing - classical computers today, even so called parallel processors, still only truly do one thing at a time: there are just two or more of them doing it. But how will these particles interact with each other? They would do so via quantum entanglement.

Entanglement Particles such as photons, electrons, or qubits that have interacted at some point retain a type of connection and can be entangled with each other in pairs, in a process known as correlation . Knowing the spin state of one entangled particle - up or down - allows one to know that the spin of its mate is in the opposite direction. Even more amazing is the knowledge that, due to the phenomenon of superposition, the measured particle has no single spin direction before being measured, but is simultaneously in both a spin-up and spin-down state. The spin state of the particle being measured is decided at the time of measurement and communicated to the correlated particle, which simultaneously assumes the opposite spin direction to that of the measured particle. This is a real phenomenon (Einstein called it "spooky action at a distance"), the mechanism of which cannot, as yet, be explained by any theory - it simply must be taken as given. Quantum entanglement allows qubits that are separated by incredible distances to interact with each other instantaneously (not limited to the speed of light). No matter how great the distance between the correlated particles, they will remain entangled as long as they are isolated.

Taken together, quantum superposition and entanglement create an enormously enhanced computing power. Where a 2-bit register in an ordinary computer can store only one of four binary configurations (00, 01, 10, or 11) at any given time, a 2-qubit register in a quantum computer can store all four numbers simultaneously, because each qubit represents two values. If more qubits are added, the increased capacity is expanded exponentially.

IBM Q is an industry first initiative to build universal quantum computers for business and science. IBM Q quantum devices are accessed using Qiskit, a modular, open-source programming framework. A worldwide network of Fortune 500 companies, academic institutions, and start-ups use IBM Q technology and collaborate with IBM Research to advance quantum computing. IBM has several real quantum devices and simulators available for use through the cloud. These devices are accessed and used through Qiskit, and open source quantum software development kit, and IBM Q Experience, which offers a virtual interface for coding a quantum computer. IBM is rapidly driving scientific advancements and discovery in improving the functionality of quantum computers and realizing quantum’s potential to solve some of the today’s unsolvable problems in areas such as chemistry, machine learning and optimization. The IBM Q Experience Community brings together researchers and quantum enthusiasts to share, connect and collaborate.

D-Wave system’s flagship product, the 2000 qubit D-Wave 2000Q quantum computer, is the most advanced quantum computer in the world. It is based on a novel type of superconducting processor that uses quantum mechanics to massively accelerate computation. It is best suited to tackling complex optimization problems that exist across many domains such as: Optimization, Machine learning, Sampling / Monte Carlo, Pattern recognition and anomaly detection, Cyber security, Image analysis, Financial analysis, Software / hardware verification and validation and Bioinformatics / cancer research.

Quantum computing is latest and emerging development of modern era. It will change the structure and style of current computing systems as well as world. What we imagine our future computer world will be provided by quantum computing. Future research on quantum computing may change even the physical structure of world by virtualization / virtual reality. Therefore, the next wave of computing, which will supercharge artificial intelligence and cryptography, involves going quantum computing.




Thursday, 25 October 2018

سنڌي انسائيڪلوپيڊيا جي ڪمپيوٽنگ واري حصي ۾ رهجي ويل ڄاڻ



مظهر علي ڏوتيو
سنڌي ٻولي دنيا جي پراڻين ۽ اصلي ٻولين مان هڪ ٻولي آهي جيڪا سموري دنيا ۾ لکي، ڳالهائي ۽ پڙهي وڃي پئي. سماجي رابطن جي ويبسائيٽس تي به سنڌي ٻولي لکي ۽ پڙهي وڃي پئي. جنهن سان دنيا جي تحقيق ڪندڙن، ڄاڻ حاصل ڪندڙن ۽ ٻولي تي تجزيو ڪندڙن کي سنڌي ٻولي جي لفظن جو ڀنڊار يا ڪارپس ملي رهيو آهي. ڪمپيوٽر سائنس ۾ ٻولين تي مختلف حوالن سان ڪم ٿي رهيو آهي جيڪو سنڌي ٻولي تي به ٿي رهيو آهي. مثال طور، هن وقت سنڌي ٻولي جا ڪيترن ئي ڪتابن کي ڪمپيوٽر جي سوفٽويئر ذريعي ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي ڪوبه ماڻهو پنهنجي موبائيل فون يا ڪمپيوٽر ذريعي ڪٿي به اهي ڪتاب پڙهي سگهي ٿو. ان کانپوءِ سنڌ جي تفريحي ۽ تاريخي ماڳن جون تصويرون ڪڍي يا وڊيو ٺاهي انهن کي آن لائين ڪيو وڃي پيو يا انهن ماڳن کي گوگل ميپس تي آڻي دنيا آڏو آندو وڃي ٿو ته جيئن دنيا سنڌ جا ماڳ ڏسي سگهي. اهڙي طرح اهو عمل سير و تفريح ڪندڙن کي سهولت فراهم ڪري ٿو. جڏهن ته پروگرامر وري مختلف قسم جا پروگرامس ۽ فونٽس ٺآهي سنڌي لکڻي بهتر بڻائڻ سان گڏ مخلتف ڪمپيوٽر پليٽ فارمس تي سنڌي کي آڻي رهيا آهن.
انهن سڀني ڪمن سان گڏ سنڌي ٻولي تي هڪ ٻيو به ڪم ٿي رهيو آهي جيڪو هن وقت دنيا لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ان ڪم کي نيچرل لينگوئجز پروسس ۽ ڪمپيوٽيشنل لسانيات چون ٿا. هي ٻه اهڙيون فيلڊس آهن جيڪي دنيا ۾ ڳالهائيندڙ ٻولين کي بين الاقوامي ٻولين جي سٿ ۾ شامل ڪرڻ سان گڏ ترجمي ۽ ڄاڻ جي حاصلات ۾ به مدد ڪن ٿيون. انهن فيلڊس جي ڪري ئي ڪنهن به ٻولي جو خاص ترجمي ڪرڻ جو هڪ نظام يا اوزار ٺاهي سگهجي ٿو ۽ ٻولين جي متن يا ڪارپس ۾ لڪل ڄاڻ ۽ احساسن کي سمجهي يا حاصل ڪري يا وري تجزيو ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ٻولي تي اهو ڪم مون ڪيو آهي جنهن سان سنڌي ٻولي جي لفظن جي ڀنڊار يا ڪارپس کي مشين لرننگ ذريعي يا ڊيپ لرننگ (گهري سکيا) ذريعي سمجهي سگهجي ٿو، ان جو تجزيو ڪري سگهجي، سنڌي ٻولي کي دنيا جي ڪنهن به ٻولي ۾ ترجمو ڪري سگهجي، سنڌي جملن کي عالمي گرامر ۽ سنڌي گرامر مطابق ٽڪرا ڪرڻ سان گڏ انهن لفظن، نشانين کي ظاهر ڪري سگهجي ٿو. سنڌي متن مان ليما ڪڍي سگهجن ٿا ۽ انهن لفظن جا اشتقاق ڪري سگهجن ٿا. انهيءَ کان سواءِ ماڻهن جي راين مان احساس ڳولهي سگهجن ٿا ۽ انهن جو تجزيو ڪري سگهجي ٿو. مختلف وکرن بابت ماڻهن جي ڏنل راين جو تجزيو ڪري سگهجي ٿو. اسان جي ان ڪم ڪرڻ جي ڪري دنيا ۾ سنڌي ٻولي تي تحقيق شروع ٿي چڪي آهي پر افسوس ان ڪم کي اسان جي حڪومت ۽ ٻولي سان لاڳاپيل ادارن طرفان نظر انداز ڪيو وڃي پيو جڏهن ته اهو هڪ تاريخي ڪم آهي جيڪو اڳم ان سطح تي ڪڏهن به ڪون ٿيو آهي.
سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري طرفان سنڌي انسائيڪلوپيڊيا پڌرو ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ بهترين عمل آهي جنهنجي ساراھ ڪرڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي پر افسوس جو ان سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جي هڪ حصي سنڌي ڪمپيوٽنگ کي لکڻ وقت اهي اهم موضوع رهايا ويا آهن. جڏهن ته انهن موضوعن کي سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ شامل ڪرڻ تمام ضروري هيو ته جيئن دنيا کي خبر پوي ها ته سنڌي قوم هڪ سڄاڳ قوم آهي ۽ دنيا سان گڏ هلي پئي. اهو ڪم انٽرنيٽ Sindhi NLP  (http://www.sindhinlp.com) جي نالي سان موجود آهي جنهن کي استعمال ڪندي ملڪ ۽ پرڏيھ ۾ تمام گهڻو تحقيقي ڪم ٿي رهيو آهي. اسان جي ان  ڪم کي پوري دنيا مڃيو آهي پر ان ڪم کي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري طرفان  نظرانداز ڪيو ويو آهي. ان ڪم کي نظرانداز ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو ٿي سگهي ٿو سا ته خبر نه آهي پر سنڌي ٻولي تي ٿيندڙ اهم تحقيق کي سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ شامل نه ڪرڻ سنڌي ٻولي جو نقصان آهي. هي ڪم اڄ نه ته سڀاڻي ضرور ظاهر ٿيندو جڏهن سنڌي ٻولي دنيا جي تحقيق جو موضوع ٿي ويندي. اهڙي طرح تحقيق ڪندڙ ان اهم ڪم جو  حوالو ڏيندا.
 ماجد ڀرگڙي صاحب سنڌ ٻولي کي ڪمپيوٽرائزيد ڪري تمام وڏو احسان ڪيو آهي جنهنڪري سنڌي اخبارون، ڪتاب، ويب سائيٽس، بلاگس وغيره وجود ۾ آيا ايتري تائين جو سنڌي ڪمپيوٽيشنل لسانيات تي ڪم ٿي سگهيو. هن وقت دنيا ۾ ٻولين جي حوالي سان ڪمپيوٽيشنل لسانيات ۽ نيچرل لينگوئجز پروسس تي تمام گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي جنهنڪري دنيا جون ڪيتريون ئي ٻوليون بين الاقوامي سطح تي اچي چڪيون آهن ۽ اسان سنڌي خوشنيصيب آهيون جو سنڌي ٻولي به ان سٿ ۾ اچي چڪي آهي پر افسوس سان سان لکڻو پوي ٿو ته سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ان وڏي ڪم کي،  جيڪو ماجد ڀرڳڙي جي ڪم کان پوءِ وڏي حيثيت رکي ٿو، نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.
ان ڪم کي آن لائين ڏسڻ لاءِ هيٺين ويب سائيٽ کولي ڏسي سگهو ٿا

Wednesday, 24 October 2018

Unicode-8 based linguistics data set of annotated Sindhi text

https://www.sciencedirect.com/science/article/pii/S2352340918305687


Sindhi Unicode-8 based linguistics data set is multi-class and multi-featured data set. It is developed to solve the natural languages processing (NLP) and linguistics problems of Sindhi language. The data set presents information on grammatical and morphological structure of Sindhi language text as well as sentiment polarity of Sindhi lexicons. Therefore, data set may be used for information retrieving, machine translation, lexicon analysis, language modeling analysis, grammatical and morphological analysis, Semantic and sentiment analysis.

To read this article please open the link give above




Sentiment Summerization and Analysis of Sindhi Text

http://thesai.org/Downloads/Volume8No10/Paper_38-Sentiment_Summerization_and_Analysis_of_Sindhi_Text.pdf

Text corpus is important for assessment of language features and variation analysis. Machine learning techniques identify the language terms, features, text structures and sentiment from linguistic corpus. Sindhi language is one of the oldest languages of the world having proper script and complete grammar. Sindhi is remained less resourced language computationally even in this digital era. Viewing this problem of Sindhi language, Sindhi NLP toolkit is developed to solve the Sindhi NLP and computational linguistics problems. Therefore, this research work may be an addition to NLP. This research study has developed an own Sindhi sentimentally structured and analyzed corpus on the basis of accumulated results of Sindhi sentiment analysis tool. Corpus is normalized and analyzed for language features and variation analysis using DTM and TF-IDF techniques. DTM and TF-IDF analysis is performed using ngram model. The supervised machine learning model is formulated using SVMs and K-NN techniques to perform analysis on Sindhi sentiment analysis corpus dataset. Precision, recall and f-score show better performance of machine learning technique than other techniques. Cross validation techniques is used with 10 folds to validate and evaluate data set randomly for supervised machine learning analysis. Research study opens doors for linguists, data analysts and decision makers to work more for sentiment summarization and visual tracking.

To read this research article, please open the above given link

Syntactic parsing and supervised analysis of Sindhi text


https://www.sciencedirect.com/science/article/pii/S1319157817301696


This research study addresses the morphological and syntactic problems of Sindhi language text by proposing an Algorithm for tokenization and syntactic parsing. A Sindhi parser is developed on basis of proposed algorithm to perform syntactic parsing on Sindhi text using Sindhi WordNet (SWN) and corpus. Results of Sindhi syntactic parsing are accumulated to develop multi-class and multi-feature based Sindhi dataset in CSV format. Three attributes of Sindhi dataset are labelled as class. All three classes are comprised with different number of categories. SVM, Random forest and K-NN supervised machine learning methods are used and trained to analyze and evaluate the Sindhi dataset. 80% of dataset is used as training set and 20% of dataset is used as test set. In this research study, 10-fold cross validation technique is applied to evaluate and validate the supervised machine learning process. The SVM classifier gives better results on class phrase and UPOS whereas Random forest gives better result on class TagStatus. Precision, recall, f-measure and confusion matrix approve the performance of all supervised classifiers. The better performance of supervised machine learning methods, support the Sindhi dataset and Sindhi online parser for future research. This study opens new doors for research on right hand written languages especially Sindhi language to solve its computational linguistics problems.

Click above link to read the complete research paper 

Is Sindhi an ‘endangered’ language?

The decrease in use of this indigenous language is a threat to Pakistan’s linguistic diversity


Mazhar Ali Dootio

Published in Daily Times, July 21st 2018.
Language is one of the significant identifications of any nation or society. It is the complete source of communication and the primary way of sharing of thoughts, values, emotions, feelings, opinions, social integration, socio-political status and educational development. Therefore, language is considered a vital asset for people and the world. There are about 7000 languages spoken around the world today, whereas, hundreds are dead or extinct.
Linguists are of the opinion that more than 70% of languages used today will be dead or extinct by the coming decades. Several languages are in danger of becoming extinct and this is an increasing threat to linguistic diversity.
Languages are the most influential tools of preserving and developing our tangible and intangible heritage. A society or nation is known by its speakers, therefore, language tells the structure, moral status, behaviour, educational development, social integration, culture, financial status and the everyday routine and lifestyle of a nation or society. Language is a natural phenomenon that was born along with the birth of man. Mother language is as necessary for man as air, water, oxygen, food, land, culture, rains, etc.
A Hungarian poet of early twentieth century AD Mr Gyula Juhasz, explained the significance of language in these touching words: “Let us take care of the people who sing, the people who create myths, the women who draw pictures, and the men that carve wood and bone, and do not become extinct, for their extinction would mean the end of the mankind. Let us preserve, collect and disseminate their work; let us learn from them; let their art which is permanent as nature and continuous as history, become a part of our own living soul.”
Pakistan is a multi-lingual country that has several socio-economic and linguistic diversity problems. Since there is no proper “language policy”, therefore, some languages are in process of transformation to influenced languages and others are in danger of being extinct.
The Sindhi language is one of the oldest indigenous languages of the world, possessing history, culture, civilization, heritage, grammar, morphology, land and nation.
Sindhi is one of the country’s major languages and pivotal to Sindhi identity. A majority of historians, anthropologists, linguists and scholars believe that Sindhi language and culture were not offshoots of any foreign influence, but are indigenous, and owe its roots to the Indus Valley civilization.
A Hungarian poet of early twentieth century AD Mr Gyula Juhasz, explained the significance of language in these touching words: “Let us take care of the people who sing, the people who create myths, the women who draw pictures, and the men that carve wood and bone, and do not become extinct, for their extinction would mean the end of the mankind. Let us preserve, collect and disseminate their work; let us learn from them; let their art which is permanent as nature and continuous as history, become a part of our own living soul.”
Pakistan is a multi-lingual country that has several socio-economic and linguistic diversity problems. Since there is no proper “language policy”, therefore, some languages are in process of transformation to influenced languages and others are in danger of being extinct.
The Sindhi language is one of the oldest indigenous languages of the world, possessing history, culture, civilization, heritage, grammar, morphology, land and nation.
Sindhi is one of the country’s major languages and pivotal to Sindhi identity. A majority of historians, anthropologists, linguists and scholars believe that Sindhi language and culture were not offshoots of any foreign influence, but are indigenous, and owe its roots to the Indus Valley civilization.
Sindhi language has been facing several attacks and conspiracies for the past many years. But the language survived due to its rich literature, morphology and complex grammar. The British had given importance to this language and made it an official language. All officers were bound to learn Sindhi, while working in Sindh.
After partition, Sindhi, like other regional languages, was ignored. Urdu was declared the official language of the country for all purposes, including education. However, the Sindhis did not accept this decision and struggled to revoke their mother language’s status. Some of their efforts were rewarded, but the National Commission for Education’s edict has stopped Sindhi from regaining the status it held under the British.
On 7th July 1972, the Sindh assembly passed a “Sindhi Language Bill,” but it was opposed by non-Sindhi groups. After amendments, the bill was passed in 1990. However, it has not been properly implemented.
Despite these problems, Sindhi languge is alive and developing. It stands together with all developed languages, like English, Arabic, Urdu, etc. Sindhi is resourced with all the natural languages processing (NLP) and computational tools and techniques. It is a fully unicode based language and has got the status, capacity and capability of being a modern language. Sindhi text corpus is developed to analyse using machine learning and deep learning techniques which enable Sindhi language for machine translations, information retrieval, syntactic, semantic and sentiments analysis and other computing and business operations. There are hundreds of daily and weekly Sindhi newspapers, magazines as well as a good number of online blogs and websites. Sindhi keyboard enables Sindhi users all over the world to write texts, messages, while using dissimilar social media sites and applications.
Sindhi NLP is developed professionally to solve the computational linguistics and NLP problems of the language. Now Sindhi text corpus may be segmented, tagged with universal part of speech and Sindhi part of speech, parsed syntactically, analysed morphologically by Sindhi NLP tools (http://www.sindhinlp.com/).
Sentiments and opinions are identified from Sindhi text and analysed to evaluate the positive, negative and neutral polarity. Research on different aspects of Sindhi language and linguistics is in progress and will be published in national and international journals.
However, language diversity, the trend of learning different languages and an “international education system” are generating problems for Sindhi. People, living in big cities are using other languages to communicate with children. They tell stories, poems and songs to their children in foreign languages.
All this might lead to an upcoming Sindhi generation that don’t speak and write Sindhi. This will not only be a great loss to the language, but our society and nation as well and may even lead to Sindhi’s extinction.
The government, linguists, researchers, scholars and socio-political organisations should take serious notice of this situation and work to prevent this outcome. All these parties should take steps like incorporating Sindhi in the country’s primary education syllabus and implementation of the “Sindhi Language Bill” as safeguards to protect and preserve this rich language.
Published in Daily Times, July 21st 2018.
https://dailytimes.com.pk/270587/is-sindhi-an-endangered-language/

Sindhi NLP Blog

Mazhar Ali Dootio   
مظهر علي ڏُوتيو
Computational Linguist and NLP practitioner 
http://www.sindhinlp.com/     

Sindhi NLP deals with Sindhi language and solves computational linguistics problems of Sindhi language by presenting Sindhi Online Parser, Sindhi WordNet, Sindhi Lemma, Sindhi Stemmer and Sentiment Analysis. Sindhi language is one of the oldest language of the World having fifty two alphabetical letters and space to adopt several other languages lexicons. This language is written, read and spoken all over the World. Sindhi language is complex grammatically and rich morphologically. The grammar of Sindhi language is not the same as the grammar of English and other languages even the meaning and sense of understating of Sindhi lexicons are different.


Learning, Growth, and Success

Dr. Mazhar Ali Dootio In the dynamic landscape of personal and professional development, the principles of learning, growth, and success s...