Wednesday, 21 August 2019

ڊجيٽل دور، ٽيڪنولوجي ۽ مدي خارج رويا

منهنجو هي آرٽيڪل پندرنهن روزا افيئرس ۾ 15 جولاءِ 2019 تي ڇپيو. هن آرٽيڪل پڙهڻ سان اوهان کي ٽيڪنولوجي جي اهميت، ان جو مستقبل ۽ اسان ڪٿي بيٺا آهيون جي ڄاڻ ملندي


ڊجيٽل دور، ٽيڪنولوجي ۽ مدي خارج رويا

مختلف دورن ۾ ترقي ۽ تبديلي جا مختلف سبب رهيا آهن جن کي مشين جي ايجاد کان پوءِ جو دور ۽ مشين جي ايجاد کان اڳ جي دور ۾ ورهائجي ٿو. مشين کان اڳ جو دور هڪ عام رواجي دور هيو جنهن ۾ ڪا خاص ترقي نه ٿي هئي البته سماج جي ترقي لاءِ ڪجھ بنيادي ٽيڪنولوجي جا اوزار،  سماجي ۽ سائنسي نظريا پيش ڪيا ويا هئا. مختلف قسم جون تهذيبون وجود ۾ آيون جن سماجن ۾ رهڻي ڪهڻي ۽ مهذب سماجن جو بنياد وڌو.  مشين جو دور مشين جي ايجاد کان پوءِ جو دور آهي جنهن ۾ ڪمپيوٽر، ڪميونيڪيشن جي اوزارن ، انفرميشن ٽيڪنولوجي ۽ انڊسٽريل ڊولپمينٽ اهم ڪردار ادا ڪيا آهن. هي دور انفرميشن ٽيڪنولوجي جو دور يا ڊجيٽيل دور آهي. هن دور کي ڪمپيوٽر، ڪميونيڪيشن، ملٽيميڊيا، اليڪٽرانڪس، انفرميشن ٽيڪنولوجي، بايوٽيڪ، جينيٽڪ انجنيئرنگ، آٽوميٽوِ ٽيڪنولوجي ۽ ايئرواسپيس ٽيڪنولوجي ڊجيٽل دور بڻايو آهي. هاڻي ماڻهو ڪمپيوٽر ذريعي هر قسم جو ڪم ڪن ٿا. اڳ ۾ ماڻهو مختلف قسم جا ڪم هٿراڌو طريقن سان ڪندا هئا پر هينئر ڪمپيوٽر مشين هر ڪم کي ڊجيٽل طريقن سان ڪري پئي. 1940 ۾ آئي بي ايم مارڪ ون ڪمپيوٽر کي مارڪيٽ ۾ آڻي ماڻهن کي حيران ڪرڻ سان گڏوگڏ ڊجيٽل دور جي شروعات ڏانهن هڪ قدم پڻ کنيون. اهڙو طرح 1960 کان پوءِ ڪميونيڪيشن کي ڪمپيوٽر سان ڳنڊي انفرميشن ٽيڪنولوجي  جي شروعات ڪئي وئي جنهن ذريعي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن جي باقائده شروعات ڪئي. انهي دور ۾ ايلن ٽيورنگ انٽيليجنٽ مشين جو خيال پيش ڪري آرٽيفيشل انٽيليجنس يا هٿراڌو ڏاهپ جو بنياد وڌو. ڪمپيوٽر ۽ ڪميونيڪيش جي ترقي جي ڪري ڊجيٽل ايج يا دور جي شروعات ڪئي وئي. مختلف قسم جا ادارا پنهنجو ڪم ڪمپيوٽر ذريعي ڪرڻ لڳا. آئي سي جي ايجاد ته دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. ان سان ڪمري جيڏيون وڏيون شيون ننڍڙي شين ۾ تبديل ٿي ويون. پهريان ڪمپيوٽر هڪ ڪمري جيڏا هوندا هئا پر 1970 واري ڏهاڪي کان پوءِ ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر وجود ۾ آيا جن  دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي کي تيز ڪري ڇڏيو. 1990 کان پوءِ انٽرينيٽ پوري دنيا لاءِ عام ڪئي وئي جيڪا اهم سبب ۽ بنياد آهي موجوده ڊجيٽل دور جي. مائڪروسوفٽ ونڊوز آپريٽنگ سسٽم ۽ آفيس ايپليڪيشنز ذريعي ڪمپيوٽر کي عام ماڻهن لاءِ آسان بڻائي ڇڏيو ۽ ان ۾ نيٽورڪنگ ۽ انٽرنيٽ جي سهولت به ڏني جنهن سبب رابطن ۾ تيزي آئي. ملٽيميڊيا ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ملائي ڇڏيو اهڙي طرح ڪيترائي سائنٽيفڪ، ميڊيسن ۽ سماجي مسئلا ملٽيميڊيا ذريعي حل ڪيا ويا. ماهر ملٽيميڊيا ذريعي پنهنجي ادارن ۾ ويهي ڪري پوري دنيا سان ڳنڊيل رهن پيا. اليڪٽرانڪ ميڊيا پوري دنيا ۾ پيش ايندڙ واقعن کي سيڪنڊس ۾ پوري دنيا آڏو رکي ڇڏي ٿي. هاڻي دنيا انٽرنيٽ ذريعي گلوبل ڳوٺ بڻجي پئي آهي. پوري دنيا جا  ادارا ۽ فرد هڪ ٻئي سان انٽرنيٽ ڳنڍيل رهن ٿا. ان عمل جي ڪري دنيا ڊجيٽل ايج ۾ داخل ٿي وئي آهي.
 موجوده ٽيڪنولوجيڪل دور دنيا کي تمام گهڻي ترقي ڏياري آهي تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته  دنيا جي ترقي ۽ مختلف قسم جي تبديلين جو هڪ اهم ڪارڻ  ٽيڪنولوجي به رهي آهي. ٽيڪنولولجي مختلف دورن ۾ مختلف طريقن  سان استعمل ٿيندي رهي آهي تنهنڪري هن کي صرف موجوده دور تائين محدود نٿو ڪري سگهجي.  اها ٽيڪنولوجي سنڌ ۾ ڦيٿي يا ٻيڙي ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي هجي يا ڊرينيج جي نظام ٺاهڻ لاءِ ، ان ٽيڪنولوجي ڳڻپ کي آسان ڪرڻ لاءِ اباڪس کي ٺاهيو هجي يا وري رابطن لاءِ ٽيليفون، فيڪس يا ٻيا مختلف اوزار ٺاهيا هجن، اها ٽيڪنولوجي موجوده دور جو ڪمپيوٽر ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي هجي يا وري روبوٽ ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيئي پئي پر دنيا ۾ اهم تبديلين جو سبب ضرور رهي آهي. ٽيڪنولوجي جو مطلب ئي آهي ته اهڙو علم يا اهڙي ڄاڻ جيڪا هنر، مهارت ، فن ۽ مخصوص طريقن ۽ عملن ذريعي حاصل ٿئي ۽ جنهن سان ڪا نئين شئي يا اوزار ٺاهجي. موجوده دور ۾ ٽيڪنولوجي جو اهم ڪردار رهيو آهي جنهنڪري دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته ٽيڪنولوجي دنيا ۾ هڪ اهڙو انقلاب برپا ڪيو آهي جنهن ذريعي دنيا هڪ وڏي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي رهي آهي.  ٽيڪنولوجي دنيا ۾ موجود بنيادي اساسن جي فطرت يا نيچر کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ۾ شيون يا ويسيلا هٿراڌو طريقن سان استتعمال ڪبا هئا پر هاڻي انهن جي اڪثريت خودڪار طريقن سان استعمال ٿئي پئي. جيتوڻيڪ اڃا تائين دنيا جو نقشو ته ساڳيو آهي پر ان ۾ موجود وسيلن ، ماڻهن جي فطرت ۽ سوچ کي ٽيڪنولوجي تبديل ڪري رهي آهي. اڳ ۾ ماڻهو پنڌ ۽ جانورن جي سواري وسيلي هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين پهچندا هئا پر هينئر تيز رفتار گاڏيون ۽ جهاز ماڻهو کي هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين تمام ٿوري وقت ۾ پهچائي ڇڏين ٿا. اڳ ۾ ٻولي سکڻ لاءِ تمام گهڻو وقت ڏيڻو پوندو هو پر هينئر ٽيڪنولوجي جي ڪري پنهنجي ٻولين کي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگهجي ٿو اهڙي طرح دنيا جي مختلف ٻولين کي پنهنجي ٻولي ۾ ترجمو ڪري سگهجي ٿو. خودڪار نظام ماڻهن ۽ روبوٽس کي دنيا جون مختلف ٻوليون سيکاري رهيا آهن جنهن سبب دنيا عالمگير ڳوٺ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. اڳ ۾ نياپي، خط ، تار يا فون وغيره ذريعي مائٽن، دوستن سان رابطو ڪري سگهبو هو پر هينئر ٽيڪنولجي ان عمل کي ايميل، موبائيل فون، وڊيو فون وغيره جي ذريعي آسان ۽ وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهن پنهنجي رابطن کي ٽيڪنولوجي جي مختلف اوزارن ذريعي تيز ۽ ڪارائتو ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري هاڻي ٽيڪنولوجي تبديلي جو اهڃاڻ بڻبي وڃي پئي. ماڻهن لاءِ آساني ۽ سهولتون پيدا ڪري پئي. روزگار جا ويسيلا پيدا ڪري رهي آهي. ديس پرديس جو فرق ختم ڪري رهي آهي. دنيا کي هڪ ڳوٺ ۾ تبديل ڪري رهي آهي.
 ٽيڪنولوجي جي ترقي جي ڪري ٿورو وقت اڳ ٺهيل اوزار ختم ٿيندا وڃن پيا. ڪجھ وقت اڳ وي سي آر اسان جي لاءِ اهم اوزار هئي جنهن ذريعي فلمون ۽ ٻيون وڊيوز ڏسندا هئاسين پر هينئر وي سي آر جي ڪا اهميت نه رهي آهي. آڊيو ڪيسيٽ تمام گهڻي اهم هوندي هئي. هر ماڻهو پنهنجي پسند جي فنڪار جي ڪيسيٽ وٺي ايندو هو پر هينئر ڪو ماڻهو اها ڪيسيٽ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي ڇاڪاڻ ته نئين ٽيڪنولوجي انهن اوزارن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح ٿوري ٿوري وقت ۾ ٺهيل اوزارن ۾ تبديلي ايندي وڃي پئي ۽ پراڻا اوزار ڪنهن ڪم جا نٿا رهن. ٽيڪنولوجي جي ترقي جي ڪري ٺهندڙ اوزارن جي قيمت به گهٽجي رهي آهي، جنهنڪري ڪو نئون اوزار وٺڻ ۾ ڪا گهڻي معاشي تڪليف نه پئي ٿئي.
انفرميشن ٽيڪنولوجي نه صرف رابطن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي پر انهن ۾ جدت به پيدا ڪئي آهي، جنهن ذريعي ماڻهو ۽ مختلف قسم جون مشينون هڪ ٻئي سان پوري دنيا ۾ سيڪنڊس کان به گھٽ وقت ۾ رابطو قائم ڪري وٺن ٿا. ميڊيا جا مختلف قسم انفرميشن ٽيڪنولوجي ذريعي دنيا کي ڄاڻ، خبرون وغيره مهيا ڪري رهيا آهن. انفرميشن ٽيڪنولوجي انفراسٽرڪچر يا بناوٽ جي ذريعي دنيا ۾ وڏا وڏا نيٽورڪ ۽ ڪلائوڊ  قائم ٿي رهيا آهن.  ڪمپيوٽر سائنس مختلف قسم جا سوفٽويئر ٺاهي دنيا ۾ موجود مسئلن جو حل پيش ڪري رهي آهي. واپار کي هٿي ڏيارڻ ۾ به ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفرميشن ٽيڪنولوجي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.  ڪمپيوٽر سائنس ايترو اڳتي نڪري وئي آهي جو ڪمپيوٽر يا ڪنهن به مشين کي ڪنهن مخصوص شعبي جي سکيا ڏئي ان کي ماهر بڻايو وڃي  ٿو. مثال طور ڪمپيوٽر کي بولي سکڻ، گرامر جو صحيح استعمال ڪرڻ، ماڻهن جي لکڻ يا ڳالهائڻ مان احساسن ۽ راين کي ڳولهڻ جي سکيا ڏيڻ کان پوءِ ان کي انهن شعبن ۾ هڪ ماهر طور استعمل ڪري سگهجي ٿو. ايتري تائين جو ڪنهن مشين کي سکيا ڏئي ان کان خودڪار طريقي سان ڊرائيونگ ڪرائي وڃي پئي، فيڪٽريز وغيره ۾ ڪم ورتو وڃي پيو، ڪمپيوٽر کي سکيا ڏئي شاعر، ۽ ڳائڻو بڻائي سگهجي ٿو.  اهائي مشين ترجمي لاءِ استعمال ٿئي ٿي. ماڻهن جي تڪليفن مطابق انهن جوعلاج ڪري ٿي، زمين کان ٻاهر چنڊ ۽ مريخ وغيره جون ڳالهيون ٻڌائي ٿي.  موسم، بارشن، ٻوڏن وغيره جي باري ۾  اڳواٽ خبرون ڏئي پئي.
موجوده دور انڊسٽريل انقلاب جو دور آهي جيڪو ٽيڪنولوجي جي ترقي جو چوٿون دور آهي. هن دور ۾ ٽيڪنولوجي مصنوعي ترقي يا آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي تمام گهڻي ترقي ڪري رهي آهي. روبوٽڪس، نيچرل لينگوئجز پروسس، مشين لرننگ، ڊيپ لرننگ ۽ اليڪٽرانڪ جيوگرافي وغيره جي ترقي ۽ استعمال جي ڪري دنيا سسندي وڃي پئي ۽ تيزي سان عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. قئانٽم ڪمپيوٽنگ  جو نظام موجوده ڪمپيوٽنگ کي تبديل ڪري رهيو آهي، هي ڪمپيوٽنگ جو نظام ٽيڪنولوجي کي وڌيڪ جدت ڏيندو ۽ دنيا کي حيران ڪن نتيجا مهيا ڪندو. جيڪا ڳالھ اسان جي تصور ۾ به ناهي سا ٽيڪنولوجي ذريعي ٿيندي. ان ٽيڪنولوجي جي ترقي ۾ سڀ کان اهم ڪردار ڪمپيوٽر سائنس، سسٽم انجنيئرنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، انفرميشن ٽيڪنولوجي ، اليڪٽرانڪ انجينئرنگ، ميڪاٽرانڪس ۽ بايوميڊيڪل ٽيڪنولوجي وغيره جو هوندو.
ناسا ۽ ڪجھ ٻيون تنظيمون ٽيڪنولوجي جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هٿراڌو ڏاهپ جي ذريعي نوان نوان اوزار ٺاهيا وڃن پيا، مختلف قسم جي مرضن لاءِ نوان ۽ بهترين علاج جا طريقا استعمال ڪيا وڃن پيا. ڪمپيوٽرائزيد اوزاز گاڏي يا ٽيڪسي هلائيندڙ ڊرائيور جي حالت کي چڪاس ڪري رهيا آهن ته ڪٿي ڊرائيور نشي جي حالت ۾ ته نه آهي، خودڪار نظام جي ڪري پنهنجو پاڻ گاڏيون هلن پيون ۽ ماڻهن کي گهربل جڳهن تي پهچائن پيون، 5جي انٽرنيٽ جي بنياد تي نوان ڊرون ٺاهيا وڃن پيا ۽ انهن جو استعمال انٽرنيٽ جي ترقي لاءِ ڪيو وڃي پيو وڃي، ان لاءِ سولر پينل استعمال ڪيا وڃن پيا. 5جي بيسڊ انٽرنيٽ 4جي کان 40 دفعا وڌيڪ انٽرنيٽ جي اسپيڊ مهيا ڪندي. اهڙي طرح رابطن ، ڊيٽا ۽ انفرميشن جي وسيلن ۾ تيزي اچي ويندي. ڊيٽا ۽ ٻين اهم اوزارن کي اسٽور ڪرڻ لاءِ 3ڊي اسٽوريج مهيا ڪئي وڃي پئي جيڪا آن لائين اسٽوريج کي وڌائي پئي ۽ وڌائيندي رهندي تنهنڪري ماڻهن کي پاڻ سان گڏ فائيل وغيره کڻڻ جي ضرورت ئي نه آهي. بس آن لائين پنهنجو اڪائونٽ ٺاهين ۽ پنهنجي ڊيٽا ۽ ٻين سوفٽ شين کي آن لائين اسٽور ڪن ۽ جتي چاهين کولين ۽ پنهنجو ڪم ڪن. ان سان ڊيٽا وغيره محفوظ به رهندي.  بايو فريزر تي ڪم هلي رهيو جيڪي بغير دروازن ۽ خانن جي هونديون. انهن ۾ جيلي هوندي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو سامان رکيو ويندو. اهي فريزير تمام گهٽ بجلي استعمال ڪنديون. ان کان سواءِ  ٽيڪنولوجي کي استعمال ڪندي، سائنسدانن آڪيسجن جو انجيڪشن ٺاهين پيا جيڪي بيمار ماڻهن يا ساھ جي مرض ۾ مبتلا مريضن کي لڳايون وينديون جيڪي انهن کي ساھ کڻڻ ۾ مدد ڪنديون. ايتري تائين اگر ماڻهو ڪن سببن جي ڪري ساھ نه پيا  کڻي سگهن ته به انهن کي آڪيسيجن ملندي. اها انجيڪشن يا سئي انهن ماڻهن کي به فائدو ڏيندي جيڪي اهڙي جڳھ تي وڃن ٿا جتي آڪسيجن موجود نه آهي يا گهٽ آهي. ٽيڪنولوجي جي ترقي جي ڪري دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ پاڻي جي اندر رستا يا ٽنل ٺاهيا وڃن پيا جن ذريعي ڳاڏيون هڪ شهر کان يا هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ يا شهر تائين آساني سان پهچنديون. انهن گاڏين ۾ ايڪسيڊنٽ به ڪون ٿيندا.
سماجي رابطن جي اوزارن دنيا ۾ رهندڙ ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. ماڻهو پنهنجا، پنهنجي قوم ۽ ملڪ جا مسئلا انهن سماجي رابطن جي ويبسائيٽس تي هڪ ٻئي سان ونڊي رهيا آهن. هر خوشي ۽ ڏک جي خبر منٽن ۾ سمورن دوستن ۽ مائٽن سان ونڊيون وڃن ٿيون. اهڙي طرح انهن ويبسائيٽس ماڻهن جا پوري دنيا ۾ دوست پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ فيس بڪ، ٽوئيٽر، ماءِ اسپيس، انسٽاگرام، واٽس اپ، گوگل پلس، لنڪڊ ان وغيره اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهي اوزار واپار جي واڌاري لاءِ پڻ تمام گهڻيون سهولتون مهيا ڪري رهيا آهن. جيڪي ماڻهو ٿوري ناڻي سان ڪو به ڌنڌو شروع ڪرڻ چاهين ٿا ته اهي انهن اوزارن جي ذريعي بهتر واپار ڪري پئسا ڪمائي سگهن ٿا. سماجي ۽ سياسي تنظيمون يا فرد سماجي رابطن جي ويبسائيٽس ذريعي سماج کي سڌارڻ جا ڪم ۽ سياسي ڪم ڪن ٿا. ڪن ملڪن ۾ ته انهن ويبسائيٽس جي ڪري تبديليون به آيون آهن. ڪيترن ئي بي پهچ ماڻهن کي انهن ويبسائيٽس جي ڪري تمام گهڻي مدد ملي آهي ۽ انهن جا مسئلا حل ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترن جا وري مسئلا حل ٿي رهيا آهن.  سرچ انجنس يا ڳولها جي ويبسائيٽس جي ذريعي مختلف قسم جي ڄاڻ ۽ ڊيٽا حاصل ٿي رهي آهي. گوگل سرچ انجن ويبسائيٽس جو بهترين مثال آهي. ڪنهن به موضوع تي تمام گهڻي ڊيٽا ملي وڃي ٿي. آن لائينز ڊڪشنريز ذريعي ڏکين لفظن جي معنا ڏسي سگهجي ٿي.  تحقيقي ڪم ۾ انٽرنيٽ ٽيڪنولوجي جي ذريعي پڻ اضافو ٿيو آهي. تحقيق لاءِ گهربل مواد ۽ اوزار آن لائين ملي وڃن ٿا. اهڙي طرح مختلف قسم جا جرنلس پڻ آن لائين آهن جيڪي تحقيق جي ڪم کي ٻين ماڻهن ۽ ادارن تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
مستقبل ۾ ڪمپيوٽر سائنس، انفرميشن ٽيڪنولوجي ، مصنوعي ڏاهپ ۽ رابطي جي نون طريقن ذريعي دنيا جي بناوٽ تبديل ٿي ويندي. اها تبديلي ايتري ته وڏي هوندي جو شايد موجوده دور جو انسان ان تبديلي کي تسليم ئي نه ڪري پر اها تبديلي هڪ حقيقت آهي جيڪا ضرور ايندي. تنهنڪري اسان پنهنجي نئين نسل کي سائنس ۽ ٽيڪنولوجي جي تعليم ڏيون ته جيئن هو هر دور سان گڏ هلي سگهن. ايندڙ وقت ۾ موبائيل فون هڪ ننڍڙي چپ ۾ تبديل ٿي ويندي جنهن ذريعي پوري دنيا سان آساني سان رابطو ڪري سگهبو. هولوگرام ٽيڪنولوجي ذريعي ماڻهو هڪ ٻئي جي سامهون هوندا. هٿراڌو چنڊ  ٺاهيو وڃي پيو جيڪو روشني فراهم ڪندو.  ٽرانسپورٽيشن جا ذريعا تبديل ٿي ويندا، اهڙي طرح ماڻهو پکين وانگر هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين اڏري پهچندا ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو سان گڏ اليڪٽرانڪ پر هوندا جن ۾ بيٽري  لڳل هوندي جيڪا ماڻهن کي اڏاري هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين پهچائيندي. جڏهن ته دنيا ۾ ڳالهائيندڙ سموريون ٻوليون ڪائناتي گرامر يا عالمي گرامر تحت ڪم ڪنديون جنهنجو مطلب ٿيو ته هر ٻولي کي پنهنجو گرامر ته هوندو پر اها ٻولي عالمي گرامر تحت وري ٻين ٻولين سان ڳنڍيل هوندي. هر ٻولي عالمي لفظن جي ڄار، جنهن کي ورڊ نيٽ چئجي ٿو،  جي ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڊيل هوندي. جنهن ذريعي اهي لفظ جيڪي اسم، صفت، ظرف ۽ فعل هوندا پوري دنيا  جي ٻولين جي اسم، صفت، ظرف ۽ فعل وارن لفظن سان ڳنڊيل هوندا. ساڳي معنا وارن لفظن جا جوڙا ٺآهيا ويندا ته جيئن لفظن جي سڃاڻپ آساني سان ٿي سگهي.  دنيا، حقيقت ۾ عالمي ڳوٺ يا گلوبل وليج تڏهن ئي ٿيندي جڏهن سموريون ٻوليون هڪ ٻئي لاءِ سمجھ لائق هونديون ۽ سمورا وسيلا پوري انسانيت جي استعمال لاءِ هوندا.
ٽيڪنولوجي ۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي، تنهنڪري هن وقت ضرورت ان ڳاله جي آهي ته اسان پنهنجي روين کي تبديل ڪريون ۽  پنهنجي ٻارن کي يا نوجوانن کي سائنس، انجينيئرنگ ۽ ٽيڪنولوجي جي تعليم مهيا ڪريون ته جيئن هي نون ايندڙ نظرين ۽ ٽيڪنولوجيز کي سمجهي سگهن ۽ اسان جو سماج ۽ ملڪ ترقي ڪري سگهن ٻي صورت ۾ اسان دنيا کان پٺتي رهجي وينداسين. جيتوڻيڪ اسان ان رستي تي هلون پيا پر آهسته ۽ گهٽ تعداد ۾. هن وقت به اسان جون سوچون ۽ رويا موجوده دور جي ضرورتن مطابق نه آهن. هي دور آرٽيفيشل انٽيليجنس جو دور آهي جنهن کي ڊجيٽل ايج يا ڊجيٽل دور چون ٿا. ان لاءِ اسان کي هٿراڌو ڏاهپ ۽ ان سان لاڳاپيل سمورين ٽيڪنولجيز کي سمجھڻو پوندو ۽ ان مطابق تعليم حاصل ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي ادارن کي نئين دور جي ضرورتن مطابق ٺاهڻو پوندو. حڪومت کي پنهنجي سمورن شعبن ۾ انفرميشن ٽيڪنولوجي، ڪمپيوٽرسائنس سان گڏ مختلف قسم جي ٽيڪنولوجيز کي استعمال ڪرڻو پوندو خاص ڪري تعليم، زراعت، صحت، نهري نظام، ٽرانسپورٽيشن، روينيو ۽ فائننس جي شعبن ۾ ته جلد کان جلد ٽيڪنولوجيز جو استعمال ڪيو وڃي ۽ هر عمل کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو وڃي. صدر پاڪستان ته آرٽيفيشل انٽيليجنس کي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم اسڪيم شروع ڪئي آهي جنهن ذريعي ملڪ جي نوجوانن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مختلف شعبن ۾ سکيا ڏني ويندي.  تنهنڪري اسان جي نوجوانن کي ان اسڪيم مان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي. آرٽيفيشل انٽيليجنس سان گڏ مختلف ٽيڪنولوجيزجا ڪورس پڻ ڪرڻ گهرجن ته جيئن ترت نوڪري وٺڻ سان گڏ تيز رفتار دنيا سان گڏ هلي سگهجي. حڪومت پاڪستان هن وقت آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ ايم فل يا ايم ايس ڪرائڻ لاءِ سمورين يونيورسٽيز تي زور ڀري رهي آهي ته جيئن هي ڊگري ڪورس جلد شروع ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ اسان جي يونيورسٽيز کي فورن ايم ايس هٿراڌو ڏاهپ جهڙي اهم شعبي ۾ شروع ڪرائڻ گهرجي.  اسان جي حڪومت کي  انڊسٽريل دور جي ضرورتن کي سمجهڻو پوندو ۽ ان جي مطابق ترت قدم کڻڻا پوندا. صوبائي حڪومتن کي به اهڙا قدم کڻڻا پوندا خاص ڪري سنڌ حڪومت کي پنهنجي آئي ٽي جي شعبي ۾ جدت آڻڻي پوندي ۽ مختلف قسم جي وزراتن ۾ ٽيڪنولوجي جو ڀرپور استعمال ڪرڻو پوندو. هن وقت سڀ کان اهم سيڙپ ٽيڪنولوجي ئي آهي جنهن جا فائدا تمام گهڻا ۽ ڏوررس آهن.  هاڻي اهو دور ويو جڏهن صرف ڳالهين تي گذارو ڪبو هو. هي دور عمل جو دور آهي، تنهنڪري حڪومت ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن کي نون ٽيڪنولوجيز مطابق ڊانچا يا اسٽرڪچرس ٺاهڻا پوندا. اهڙي طرح اسڪولس، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز کي به اپگريڊ ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي وسيلا مهيا ڪرڻ سان گڏ پابند بڻايو وڃي ته هو ٽيڪنولوجي جو صحي استعمال ڪن. جيستيائين ٽيڪنولوجي جو صحي طريقي سان استعمال نه ٿيندو تيسيتائين اسان ترقي نه ڪري سگهنداسين.


Computational linguistics resources for Sindhi language


My article on Computational linguistics resources for Sindhi language is published in daily Times on 4 August 2019
Read this article to know the current status, capacity and significance of Sindhi language in this digital age


https://dailytimes.com.pk/442732/computational-linguistics-resources-for-sindhi-language/amp/?fbclid=IwAR27sOYyZ3ysM7-m3CtB-BfwCeFpMXvAfJ0wYtEdkF58mkTYRw5N71F2q6c

Monday, 29 July 2019

لسانيات ۽ رومنائيزيشن جي موضوع تي خابرو ٽيوي تي ٿيل ڪچهري

خابرو ٽيوي جي ميزبان ممتاز جويو ڪجھ ڏانهن اڳ منهن جو خابرو ٽيوي لاءِ انٽرويو ڪيو جنهن ۾ ٻولي، لسانيات ۽ رومنائيزيشن تي ڳالھ ٻولھ ٿي.اوهان به هي انٽريو ٻڌيو

https://www.youtube.com/watch?v=-PHN4bBD8k0&feature=share



سوشل ميڊيا، ترقي جو جهان ۽ نفسياتي مونجهارا

مظهر علي ڏوتيو
( هي مضمون پندرنهن روزه افيئرس ۾ 15 جون 2019 تي ڇپيو آهي)
سماجي ميڊيا سماجي رابطن جو هڪ ڄار آهي تنهنڪري هي موجوده دور ۾ رابطن کي قائم رکڻ جو جو هڪ اهم وسيلو يا ميڊيا آهي جنهن ذريعي دنيا ۾ رهندڙ فرد ۽ برادريون هڪ ٻئي سان ڳنڊجي ويون آهن. ماڻهن جي وچ ۾ دوستي ۽ پنهنجائپ جا رشتا قائم ٿي رهيا آهن. فرد يا برادريون يا مختلف قسم جا ادارا سماجي ميڊيا جي مختلف اوزارن ۽ قِسمن جي ڪري پوري دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن جي ڄاڻ بروقت حاصل ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح تاريخي واقعن، سائنسي ترقي، سماجي ترقي، حڪومتن، سماجي ۽ سياسي حرڪتن وغيره جي ڄاڻ به گهر ويٺي حاصل ڪري رهيا آهن.  سماجي رابطن لاءِ استعمال ٿيندڙ سوشل ميڊيا ڪا هن دور جي پيدائش نه آهي بلڪه هي ايتري پراڻي آهي جيتري قومن ۽ سماجن جي ٺهڻ جي تاريخ پراڻي آهي. تنهنڪري سماجي رابطن جي ميڊيا کي موجوده دور جي پيدائش تائين محدود نٿو ڪري سگهجي. هر دور ۾ رابطن لاءِ مختلف اوزار ۽ ٻوليون استعمال ٿيا آهن جن ڌرتي تي آباد سماجن، قومن، آبادين ۽ ملڪن ۾ رابطا قائم رکڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيا آهن ۽ اڄ به اهي ئي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن بلڪه موجوده دور ۾ ته ٽيڪنولوجي جي ترقي ڪرڻ جي ڪري وڌيڪ موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سماجي رابطن جي ميڊيا جو موجوده ڊجيٽل دور ۾ ڪم انٽرنيٽ تي موجود ويب 2.0 جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ شروع ٿيو آهي. ويب 2.0 سوشل ميڊيا کي ترقي جي اوج تي پهچائي ڇڏيو آهي. ماڻهن کي گهر ويٺي رابطن جا ذريا مهيا ڪرڻ سان گڏ ڄاڻ جا خزانه پڻ مهيا ڪيا آهن. ويب 2.0 جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ ۾ يا ڊجيٽل دور کان اڳ ۾ ماڻهو رابطه رکڻ لاءِ سير و سفر ڪندا هئا يا اهي رابطه مختلف شهرن، علائقن ۽ ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جي ڪري قائم ٿيندا هئا. اهڙي ريت  ڄاڻ وري اخبارون پڙهڻ، اوطاقن ۾ ڪچهريون ڪرڻ، سفر ڪرڻ، مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ، ڏيهان ڏيھ گهمڻ وغيره جي ذريعي حاصل ڪندا هئا. مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومون، آباديون يا فرد ڪا عام يا ڪامن ٻولي ڳالهائيندا هئا جنهن ذريعي هو هڪ ٻئي سان رابطه قائم ڪري وٺندا هئا ۽ هڪ ٻئي سان ڪم جي ڳاله ڪري وٺندا هئا يا واپار ڪندا هئا. جن کي ڌاري ٻولي نه ايندي هئي ته اهي وري اشارن ذريعي پنهنجي ڪم جي ڳالھ ڪري وٺندا هئا يا ڪو وکر کپائيندا هئا يا وٺندا هئا. پر سماجي رابطن جو هڪ سلسلو قائم هيو جيڪو موجوده دور ٽيڪنولوجي جي مدد سان تمام گهڻي ترقي ڪري چڪو آهي.
موجوده دور ۾ سماجي رابطن جي ميڊيا ماڻهن جي ڄڻ ته ضرورت بڻجي وئي آهي. ماڻهو 24 ڪلاڪن مان اڪثر وقت سماجي رابطن جي اوزارن کي ڏين ٿا ۽ هو دنيا ۾ ٿيندڙ مختلف ڪمن، تعليمي عملن، تحريڪن، سياسي ۽ سماجي ڪمن، سائنسي عملن، نوڪرين ۽ واپار جي خبرن ۽ مختلف فيصلن وغيره کان واقف ٿي رهيا آهن. ايتري تائين جو پنهنجي مسئلن کي سماجي ميڊيا ذريعي حل ڪرائين ٿا. سماجي رابطن جي ميڊيا ته ملڪي سرحدن کي ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهو دنيا جي ڪنهن به تعليمي يا تربيتي اداري، نوڪري ڏيڻ وارن ادارن، فوجي ادارن، واپارين ، انڊسٽريزوغيره جي ڄاڻ جلدي ۾ حاصل ڪري وٺن ٿا. اڪيلائيپ محسوس ڪرڻ جو خيال به ختم ٿيندو وڃي پيو. هڪ دفعو سماجي رابطن جي اوزارن تي اچڻ کان پوءِ ايترو ته مواد ۽ دوست ملي وڃن ٿا جوايئن لڳي ٿو ته ڪنهن نئين دنيا ۾ داخل ٿي ويا آهيون جت هر قوم، نسل، تهذيب، طبقي وغيره جا فرد موجود آهن، جيڪي پنهنجا تجربا، ڪم، ڏک، سک، سور وغيره هڪ ٻئي سان ونڊي رهيا آهن.  ماڻهو پنهنجي سوچ، طبيعت ۽ ڪم جي مطابق پاڻ جهڙا ماڻهو ڳولهي وٺن ٿا ۽ انهن سان رابطو قائم رکن ٿا.
 سوشل ميڊيا هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جنهن ذريعي بيروزگاري کي گهٽائي سگهجي ٿو. ماڻهو سماجي رابطن جي ميڊيا ذريعي ڪو واپار ڪري سگهن ٿا ۽ وکر پوري دنيا ۾ وڪڻي سگهن ٿا جنهن ذريعي جهجھي رقم ڪمائي سگهن ٿا. هن وقت سماجي رابطن جي ميڊيا ذريعي تمام گهڻو واپار ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهو گهر ويٺي ناڻو ڪمائي پنهنجي گهروارن کي سکيو ستابو رکيو ويٺا آهن.  تنهنڪري سوشل ميڊيا جي اهميت کان ڪنهن به حوالي سان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته سماجي رابطن جا اوزار زندگي جي هر عمل ۽ وهنوار ۾ شامل ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي انهن اوزارن جي استعمال کان سواءِ زندگي گذارڻ ڏکي ٿيندي وڃي پئي. تنهنڪري سماجي رابطن جي ميڊيا جي ترقي ۽ اهميت مان فائدو وٺندي پاڻ به ڪي نوان ڪم ۽ واپار شروع ڪري سگهون ٿا ۽ ناڻي ڪمائڻ سان گڏ هڪ معياري زندگي گذاري سگهون ٿا. سماجي رابطن جي ميڊيا جي اهميت کي ڏسندي، سماجي رابطن جي ميڊيا جي ڪمن ۽ اهميت کي ڪجھ حصن ۾ ورهائجي ٿو، جن جي مختصر تفصيل هيٺ ڏجي ٿي. ان سان اها خبر پوندي ته سماجي رابطن جي اوزارن کي استعمال ڪندي ماڻهو يا ادارا  ڪهڙي قسم جو ڪم ڪن ٿا.

بڪ مارڪنگ

هي هڪ اهڙو عمل آهي جنهن ذريعي ماڻهو يا ادارا مخصوص قسم جا ويب صفحن، ڊاڪيومينٽس، لنڪس، پروفائيلس ۽ اڪائونٽس وغيره کي نشان لڳائي محفوظ بڻائي سگهن ٿا ۽ وقت ضرورت انهن کي ٻيهر ڏسي ، چڪاس يا استعمال ڪري سگهن ٿا. ان سان فائدو اهو ٿيندو جو ڪو به ڊاڪيومينٽ يا ڪا به لنڪ وغيره ضايع نه ٿيندي. خاص ڪري، ڪتابن ، نوڪري ۽ ڄاڻ جا صفحا ته بڪ مارڪ ڪري ڇڏجين ته جيئن اهي بار بار استعمال ڪجن. سماجي رابطن جي اوزارن خاص ڪري لنڪڊان،  فيسبڪ ۽ ٽيئٽر تي ساڄي پاسي کان اسان کي اهڙا صفحا ڏسڻ ۾ ايندا آهن.  

سماجي خبرون

سماجي رابطن جو اوزار هڪ سماجي ويب سائيٽ آهي جيڪا ويب 2.0 ذريعي هلي پئي. جنهن ذريعي ماڻهو يا ادارا پنهنجون ڪهاڻيون، شعر يا خبرون وغيره مختلف قسم جي ماڻهن ۽ اداران تائين پهچائين ٿا. سماجي خبرون يا سوشل نيوز هڪ فقرو اهي جيڪو سماجي رابطن جي اوزارن تي عام طور انهن سڀني ماڻهن ذريعي استعمال ڪيو وڃي ٿو جيڪي سماجي رابطن جا اوزار خاص ڪري فيسبڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام، لنڪڊان وغيره استعمال ڪن ٿا. ماڻهو ڪا نه ڪا خبر پنهنجي صفحي تي رکي دنيا جي مختلف ماڻهن، قومن، آبادين ۽ ادارن سان ونڊن ٿا. سياسي ۽ سماجي تنظيمون پنهنجون خبرون، ڪم ۽ ڄاڻ وغيره پنهنجي سماجي رابطن جي اوزارن ذريعي مختلف سماجن، عوام، آبادين، فردن ۽ حڪومتن وغيره تائين پهچائين ٿا. عام ماڻهو پنهنجي خوشي يا غم يا ڪنهن مسئلي کي سماجي رابطن جي اوزارن تي ٺاهيل پنهنجي صفحن ذريعي رکن ٿا اهڙي طرح انهن سان ڳنڊيل يا لاڳاپيل دوست اهي سڀ سماجي خبرون پڙهن ٿا ۽ پنهنجا مشورا ۽ رايا ڏين ٿا ته ڪي وري انهن خبرن کي پسند ڪري ٻڌائين ٿا ته اسان هي خبر پڙهي ورتي آهي.

ميڊيا شيئرنگ يا فوٽو ۽ وڊيوز ونڊڻ

 ميڊيا شيئرنگ موجوده دور ۾ سماجي رابطن جي اوزارن يا ميڊيا جو اهم ڪم آهي. ان ذريعي ماڻهو يا ادارا پنهنجي ڪم، ڪارڪردگي، پروگرامز، اٿڻي ويهڻي ۽ مختلف واقعن کي فوٽو، آواز يا وڊيو کي سماجي رابطن جي ميڊيا ذريعي پنهنجي دوستن، مائٽن، مختلف قسم جي گروهن، فردن، آبادين يا ادارن سان ونڊين ٿا جيڪي سموري دنيا ۾ ڦهلجي وڃين ٿا. ماڻهو يا ادارا اهڙا فوٽو يا آڊيو آواز يا وڊيو سماجي رابطن جي صفحن تي اپلوڊ ڪن ٿا ۽ انهن کي محفوظ بڻائي ڇڏين ٿا ته جيئن مختلف وقتن تي انهن کي ڏسي سگهجي ۽ پنهنجي لاڳاپيل دوستن يا ادارن سان ونڊي سگهجن. فيسبڪ، ٽوئيٽر، لنڪڊان، انسٽگرام، يوٽيوب ۽ مخلتف قسم جا بلاگ وغيره اهڙن فوٽو، آڊيو آوازن ۽ وڊيو اپلوڊ ، لائيو نياپيو، ڪانفرنس ڪرڻ ۽ انهن کي ونڊڻ لاءِ بهترين سماجي رابطن جا اوزار اهن، جن ذريعي پنهنجو نياپو پوري دنيا ۾ پهچايو وڃي ٿو.

مائڪرو بلاگ

سماجي رابطن جي اوزارن مان هڪ اوزار مائڪرو بلاگ به اهن. هي بلاگ روايتي بلاگ کان مخلتلف آهي. مائڪرو بلاگ ۾ ننڍڙن جملن، فوٽو، وڊيو ۽ مختلف لنڪس وغيره ذريعي ڪنهن به قسم جو نياپو مختلف ماڻهن، قومن، ادارن ۽ ملڪن تائين پهچايو وڃي ٿو. ٽوئيٽر مائڪرو بلاگ جو بهتري مثال آهي جنهن ذريعي مختلف قسم جا فرد، سماجي ۽ سياسي تنظيمون، ادارا وغيره پنهنجا خيال، نظريا، ڪم، نياپا مختلف فردن، عوام، قومن، حڪموتن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن تائين پهچائين ٿا. هي بلاگ ننڍڙا هوندا آهن تنهنڪري پڙهڻ ۾ ڪو گهڻو وقت ڪون لڳندو اهي. جڏهن ته روايتي بلاگ پڙهڻ سان وقت گهڻو لڳندو آهي.

وڪي پيڊيا مطابق سماجي رابطن جي ميڊيا هڪ انٽرنيٽ بيسڊ ڪمپيوٽرائزڊ ميڊيا آهي جيڪا ڄاڻ، مختلف اطلاع، نوڪرين جون خبرون، خيال، قياس آرايون، نظرين جي پرچار ۽ مختلف قسم جي راين وغيره کي ڦهلائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اها ميڊيا هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي جنهن کي ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر، ليپٽاپ ۽ موبائيل فون ذريعي ماڻهو يا ڪو به ادارو مخلتف قسم جي ادارن، گروهن، آبادين، قومن ۽ ملڪن تائين مختلف قسم جا خيال، قياس آريون، تصويرون، وڊيوز، ڪلام، مضمون، ڪهاڻيون، پنهنجا ، دوستن جا ۽ سماج جا حال احوال، سماجي ۽ سياسي خبرون، ننڍا وڏا واقعا وغيره منٽن ۾  پهچائي ٿو. ان عمل جي ڪري پوري سماج، ملڪ ۽ دنيا ۾ رابطن جو ڄار وڇائجي وڃي ٿي جنهن ذريعي ماڻهو گهر ويٺي پوري دنيا جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا پڻ موقعا حاصل ڪن ٿا. اهڙي طرح سياستدان ۽ حڪومتون پنهنجي ايجنڊائن جي مطابق مختلف قسم جي ماڻهن، آبادين وغيره تائين پنهنجون ڳالهيون ۽ ترقياتي ڪم جي ڄاڻ پهچائين ٿا. ماهرن مطابق سوشل ميڊيا هڪ گهرو ۽ ڏکيو ڄار آهي جنهن ۾ فيسبڪ، ٽوئيٽر، لنڪڊ ان، ويبو (چائينز مائڪرو بلاگنگ ويبسائيٽ)، ماءِ اسپيس وغيره اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ ماڻهن کي پليٽ فارم مهيا ڪن ٿا ته جيئن هو پوري دنيا سان ڳنڊيل رهن.  سماجي رابطن جي اوزارن ذريعي ماڻهو نوان نوان خيال ۽ ترڪيبون حاصل ڪري ٿو اهڙي طرح قابل ۽ ڄاڻو دوست بڻائي ٿو. سماجي ميڊيا جي ڄار جي ڪري دنيا ۾ ڪيتريون ئي تبديليون به آيون آهن ۽ ماڻهن، گروهن ۽ مختلف قسم جي سماجن يا آبادين جا سماجي ۽ سياسي مسئلا حل به ٿيا آهن. ڪي ماڻهو سماجي ميڊيا ذريعي تمام گهڻو سکي رهيا آهن ته ڪي وري پنهنجو قيميتي وقت ضايع ڪري رهيا آهن.  ڪمپيوٽرسائنس ۾ سماجي ميڊيا تي موجود ڊيٽا جي تمام گهڻي اهميت آهي ڇاڪاڻ ته ان سان دنيا جي مختلف سماجن جي ته خبر پوي ٿي پر مختلف ٻولين جي گرامر، صرفيه ، لفظ ۽ جملن جي بناوٽ جي به خبر پوي ٿي. ان کانسواءِ ماڻهن ۽ سماجن جا نفسياتي، سماجي، سياسي مسئلن وغيره جي ڄاڻ پڻ پوي ٿي. سماجي محققن سماجي ميڊيا تي موجود مواد کڻي بهتر قسم جي تحقيق ڪئي آهي جنهن ذريعي موجوده دور جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن وقت سماجي ميڊيا تي موجود ڊيٽا تي مختلف رخن کان تمام گهڻي ٿي رهي آهي. اهڙا عمل سماجي ميڊيا جي اهميت کي اجاگر ڪري رهيا آهن.

سماجي ميڊيا جي ڪري دنيا جون اصلي يا ديسي ٻوليون به ترقي ڪري رهيون آهن. ماڻهو سماجي ميڊيا جي اوزارن تي پنهنجي ٻولي ۾ لکي رهيا آهن. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ ماڻهو هڪ ٻئي سان رابطي لاءِ ڪا نه ڪا لنگئا فرئنڪا ٻولي استعمال ڪندا هئا جنهن سان ديسي ٻوليون ختم ٿي رهيون هيون. مثال طور پاڪستان ۾ موبائيل فون ذريعي ماڻهو هڪ ٻئي کي جيڪو نياپو موڪليندا هئا اهو اردو ۾ لکندا هئا پر سوشل ميڊيا جي ڪري ماڻهن هڪ شعور پيدا ٿيو آهي جنهن سبب ماڻهو نه صرف موبائيل فون تي پنهنجي ديسي ٻولين ۾ نياپو موڪلين پيا پر سوشل ميڊيا جي مختلف وسيلن يا اوزارن تي به پنهنجي ديسي ٻولي يا انگريزي ۾ لکن پيا. جنهن سبب انگريزي زبان پوري دنيا هڪ مظبوط لنگئا فرئنڪا ٿيندي وڃي پئي.

جيتوڻيڪ سماجي رابطن جي ڄار دنيا کي ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ ماڻهن کي تفريح ، ڄاڻ وغيره جا خزانه مهيا ڪرڻ سان گڏ اڪيلائپ جي احساس کي به ختم ڪيو آهي پر ان جي ڪري ماڻهو خاندا، سماج وغيره کان به ڪٽجي رهيو آهي. سماجي ميڊيا کي ماڻهو هڪ دنيا ٺاهي ڇڏين ٿا. هنن کي سماجي ميڊيا جي اوزان کان سواءِ ٻئي هنڌ يا ٻي ڪنهن محفل ۾ خاص مزو نه پيو اچي. هو محفل ، گهر وغيره ۾ هوندي به پاڻ کي سوشل ميڊيا تي ڳنڊيل رکي ٿو. جيتوڻيڪ ان سان تازيون خبرون ۽ ڄاڻ ته حاصل ڪري ٿو پر هو تفسياتي به ٿيندو وڃي ٿو. جنهنڪري هن جا گهر وارن، دوستن، مٽن مائٽن وغيره سان رويا تبديل ٿيندا وڃن ٿا. هو سمورن رشتن کان ڪٽبو وڃي ٿو. سماجي ميڊيا کي استعمال ڪندڙ فرد پنهنجي يا خاندان جي مسئلن ۾ گهٽ پر ٻين ماڻهن جي مسئلن ۾ وڌيڪ ملوث نظر ايندا آهن جنهنڪري هو مختلف قسم جي پريشانين ۾ داخل ٿي وڃن ٿا جنهن سبب ڪجھ وقت کان پوِءِ پاڻ نفسياتي مريض ٿي وڃن ٿا. اهڙي قسم جا ماڻهو سماجي مسئلن کي فطري طريقن سان سمجھڻ ۽ حل ڪرڻ بجاءِ سماجي رابطن جي اوزان تي ڏنل خبرن وغيره جي ذريعي سمجهي ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا جنهن ڪري سماجي ترقي  ۽ بناوٽ ۾  ڪو اهم ڪردار ادا نه پيا ڪري سگهن بلڪ ڳالهين جي حد تائين محدود رهن ٿا. سماجي ميڊيا ۾ مختلف قسم جي مسئلن ۾ ملوث هجڻ جي ڪري يا انهن مسئلن کي پنهنجي دماغ تي سوار ڪرڻ جي ڪري اهي ماڻهو گهرو ذميوارين کان پري ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي   نفسياتي مسئلن ۽ بيمارين جي ڪري ڪيترائي گهرا رشتا ٽٽي وڃن ٿا جنهن ڪري اهڙي قسم جا نشائي يا عادي ماڻهو دائمي اڪيلائيپ ۾ هليو وڃن ٿا جنهن جو نتيجو خطرناڪ نڪري ٿو. دنيا ۾ ڪيترائي خودڪشي جا اهڙا ڪيس به سامهون آيا آهن جن جو سبب سوشل ميڊيا جي اوزارن جو گهڻي استعمل ڪرڻ آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جا ماڻهو سماجي ميڊيا جا عادي ٿي وڃن ٿا ۽ هو هڪ نشي ڪندڙ ماڻهو جيئان سماجي ميڊيا ۾ مشغول يا داخل ٿي وڃن ٿا. ڪيترن شادي شده جوڙن جي وچ ۾ طلاق جو سبب به سماجي ميڊيا رهي آهي ڇاڪاڻ ته زال يا مڙس يا ٻنهي جي سماجي ميڊيا ۾ گهڻو مشغول هجڻ جي ڪري هو ٻئي هڪ ٻئي کي وقت نه ڏئي سگهندا آهن ۽ هو پنهنجا نوان دوست ٺاهي ڇڏيندا آهن تنهنڪري هنن کي هڪ ٻئي جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي. سماجي ميدِيا ۾ گهڻي ملوث هجڻ جي ڪري ٻار به نظر انداز ٿي وڃن ٿا اهڙي طرح هنن جي گهربل تربيت ڪون ٿئي ٿي. اهي ٻار نه صحي تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا، نه ئي وري پيءُ ماءُ جو گهربل پيار حاصل ڪري سگهن ٿا تنهنڪري هو اڪيلائيپ جو شڪار ٿي ڪنهن نفسياتي بيماري ۾ وٺجي وڃن ٿا. اهڙي طرح ٻار مستقبل ۾ سماج لاءِ منفي ڪردار ادا ڪن ٿا.  

بحرحال، سماجي ميڊيا اسان کي سهولتون مهيا ڪري رهي آهي ته اسان پاڻ کي دنيا جي مختلف ماڻهن، طبقن، فني ۽ غير فني ماڻهن، آبادين، سياستدانن، هنرمندن وغيره سان ڳنڍي رکون ۽ مختلف قسم جي ڪارائتي ڄاڻ حاصل ڪريون، نوڪريون حاصل ڪريون، تعليم حاصل ڪريون، سائنس، فنون لطيفه، سياست، سماجيات وغيره جي ڄاڻ حاصل ڪريون. پنهنجي قوم، ملڪ، ٻولي، تهذيب، ثقافت، آثارِ قديمه وغيره جي سڃاڻ پوري دنيا سان ڪرايون ۽ پنهنجي حيثيت کي مڃرايون. اهڙي طرح پاڻ کي سماجي رابطن جي ڄار جي نقصانن کان به بچايون. سماجي ميڊيا کي ايترو وقت ڏيون جيترو ضروري هجي. پنهنجي قيمتي وقت کي صرف سماجي ميڊيا تي ضايع نه ڪريون پر پنهنجي گهروارن، خاندان ، دوستن، مٽن مائٽن، تعليم، سماجي ۽ سياسي سرگرمين وغيره کي به ڏيون.








Sunday, 9 June 2019

لنگئا فرئنڪا جي اهميت، فائدا ۽ نقصان

مظهر علي ڏوتيو

روزاني ڪاوش جي هفتيوار ميگزين ڪاوش دنيا ۾ اڄ 9 جون 2019 تي منهنجو آرٽيڪل ڇپيو آهي جنهن ۾ لنگئا فرئنڪا ۽ ان . جي فائدن ۽ نقصانن تي بحث ڪيو ويو آهي جنهنجي لنڪ هيٺ ونڊيا پيو

Lingua Franca

http://www.thekawish.com/www3/Weekly/Wed-day/2019/09-06-2019/12.htm


ٻولي هڪ اهڙو اوزا آهي جنهن ذريعي ڪو به فرد يا فردن جو گروه وغيره پنهنجو نياپو، خيال، جذبو وغيره ٻئي فرد يا فردن جي گروه تائين پهچائي ٿو. تنهنڪري ڪنهن به سماج يا قوم لاءِ ٻولي جي تمام گهڻي اهميت هوندي آهي. ٻولي نه صرف ڳالهائڻ جو هڪ اوزار آهي،  پر اهو هڪ مڪمل نظام آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ملاوٽ يا خرابي ان نظام کي خراب ڪري ٿي يا ختم ڪري ٿي. سماج ۽ قوم جي سڃاڻپ به ٻولي ذريعي ٿيندي آهي اهڙي طرح جڏهن ڪا ٻولي ختم ٿي ويندي آهي ته اها پاڻ سان گڏ لاڳاپيل سماج ۽ قوم جي سڃاڻپ کي به ختم ڪري ڇڏيندي آهي. موجوده دور ۾ اڪثر سماجن يا ملڪن ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. تنهنڪري انهن سماجن يا ملڪن ۾ هڪ يا ٻه ڪي اهڙيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جيڪي سڀني کي سمجھ ۾ اچي وڃن ٿيون جن ذريعي فرد پنهنجي خيالن جو اظهار هڪ ٻئي سان ڪري سگهن ٿا يا تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙي ٻولي يا اهڙين ٻوليون جن جي ذريعي مختلف قسم جي آبادين يا قومن سان رابطو ڪري سگهجي انهن ٻولين کي لنگئا فرئنڪا چون ٿا. لنگئا فرئنڪا جي ڪري ماڻهو پنهنجا مسئلا ، خوشيون ۽ غم وغيره مختلف سماجن ۽ ٻولي ڳالهائيندڙ فردن سان ونڊي سگهي ٿو. مثال طور، اڄڪلھ سوشل ميڊيا جي ذريعي پوري دنيا سان ڪنهن لنگئا فرئنڪا ٻولي ذريعي اربن جي تعداد ۾ ماڻهو ڳنڊيل آهي. هونءَ ته مخلتف دورن ۾ دنيا ۾ مختلف ٻوليون لنگئا فرئنڪا رهيون آهن پر موجوده دور ۾ انگريزي زبان لنگئا فرئنڪا جو بهترين مثال آهي. لنگئا فرئنڪا اصلوڪي يا ديسي ٻولين کان مختلف هوندي آهي. تنهنڪري دنيا جي مختلف سماجن جي ارتقا ۽ ترقي ۾ لنگئا فرئنڪا جو به اهم ڪردار رهيو آهي. لنگئا فرئنڪا جي شروعات تڏهن کي ئي ٿي آهي جڏهن کان دنيا ۾ مختلف سماج ۽ مختلف ٻوليون وجود ۾ آيون هيون. ان جي اهميت جي ڄاڻ ان مان حاصل ڪري سگهجي ٿي ته دنيا جا مخلتف ملڪ، قومون ۽ آباديون پنهنجي ٻولين جي هوندي به تعليمي ادارن، آفيسز، پروگرامز ۽ مختلف ٻولي ڳالهائيندڙ فردن سان رابطن لاءِ ڪا عام لنگئا فرئنڪا ٻولي استعمال ڪن ٿا جيتوڻيڪ انهن جي پنهنجي مادري يا ديسي ٻولي جي هڪ الڳ، منفرد ۽ شاندار تاريخ، ثقافت، تهذيب ۽ ڌرتي آهي.  اهڙي طرح ڪيترن ئي ملڪن جون ته لنگئا فرئنڪا ٻوليون قومي ٻولي ٿي وڃن ٿيون.
          لنگئا فرئنڪا ٻولي وچولي دور ۾ سمنڊ ڪناري رهندڙن ۽ سمنڊ ذريعي واپار ڪندڙن تقريبن يارهين کان اڻويهين صدي ۾ استعمال ڪيو. ان وقت جي واپارين ۽ سمنڊ جي ڪنارن يا سمنڊ ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي هن ٻولي جو لهجو رابطي لاءِ آسان، سندر ۽ پيارو لڳندو هو (وڪيپيڊيا). ماڻهو پنهنجا مسئلا يا پنهنجو وکر وڪڻڻ لاءِ مختلف علائقن يا آبادين جو رک ڪندا هئا. ان وقت دريا ۽ سمنڊ جي ويجهو آباديون هونديون هيون تنهنڪري دريا ۽ سمنڊ رستن طور استعمال ٿيندا هئا. ماڻهو اهڙي ٻولي ڳالهائيندا هئا جيڪا سڀ کي سمجھ ۾ ايندي هئي. اهڙي طرح پنهنجي وکر کي اشارن ذريعي به ٻڌائيندا هئا. تنهنڪري اهو به چئي سگهجي ٿو ته اشارن جي ٻولي به لنگئا فرئنڪا رهي آهي. لنگئا فرئنڪا هڪ اهڙي ٻولي آهي جيڪا عام ، آسان ۽ مختلف سماجن، قومن ۽ آبادين ۾ رابطي لاءِ  پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. ان ذريعي ماڻهو پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف قومن، واپارين، فردن وغيره سان رابطو ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجو مقصد پوري ڪري سگهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ رابطن لاءِ مختلف ادارن، آرگنائيزيشن وغيره ۾ انگريزي ٻولي سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي وڃي ٿي جيتوڻيڪ انگريزن جي آبادي ايتري گهڻي نه آهي پر انهن جي ٻولي کي لنگئا فرئنڪا جي حيثيت ملي چڪي آهي. اهڙي طرح پاڪستان ۾ وري اردو کي لنگئا فرئنڪا جي حيثيت مليل آهي جيتوڻڪ اردو پاڪستان جي اصلوڪي يا ديسي ٻولي نه آهي اهڙي طرح اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي به ٿوري آهي پر پاڪستان جي قومي ٻولي جي حيثيت رکي ٿي ۽ هر اداري ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
لنگئا فرئنڪا جي شروعات جو مثال آرميني ٻولين جو گروه آهي جيڪو دنيا جي پهرين لنگئا فرئنڪا رهيو آهي.  آرميني ٻولي سيميٽڪ يا سامي ٻولين جي ايفرو ايشياٽڪ سٿ سان واسطو رکي ٿي جيڪو سامي ٻولين جو هڪ ننڍو گروه آهي. هي ٻولي ماڻهن يا قومن جي ٻي عام ٻولي رهي آهي جيڪا رابطي جي اوزار طور استعمال ٿيندي رهي. فرانسي ٻولي اولھ وارن ملڪن جي لنگئا فرئنڪا رهي آهي اهڙي طرح اها ٻولي به اولھ وارن ملڪن جي ٻولين جي پهرين لنگئا فرئنڪا رهي آهي. لوئيس چوڏنهن جي دور ۾ فرانسي ٻولي ۽ فرانس جي اولاهين دنيا ۾ تمام وڏي حيثيت رهي آهي ان ڪري فرانسي ٻولي به ان دور ۾ اولاهين يا ويسٽرن دنيا جي لنگئا فرئنڪا رهي آهي. موجوده دور ۾ انگريزي زبان دنيا جي لنگئا فرئنڪا آهي جيڪي واپار، تعليم، رابطن، اداران وغيره جي ٻولي آهي بلڪه ڪيترن ئي ملڪن جي قومي زبان به آهي. هڪ رپورٽ مطابق تقريبن 80 سيڪڙو انگريزي ڳالهائيندڙ دنيا جي اها آبادي آهي جن جي انگريزي مادري ٻولي نه آهي. ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ انگريزي ٻولي فرانسي ٻولي جي جڳھ تي دنيا جي لنگئا فرئنڪا  بڻجي وئي اهڙي طرح انگريزي ٻولي فرانسي ٻولي جي بين الاقوامي حيثيت يا لنگئا فرئنڪا جي حيثيت کي تبديل ڪري ڇڏيو.  ڏٺو وڃي ته انگريزي ٻولي جي اڀرڻ جو دور پهرين مهاڀاري جنگ يا ورڊ وار هڪ ۾ ان وقت شروع ٿيو جڏهن ورسلئيس جومعاهدو فرانسي ٻولي سان گڏ انگريزي زبان ۾ لکيو ويو. ان معاهدي جو انگريزي ٻولي لکجڻ انگريزي ٻولي جي حيثيت کي ظاهر ڪري ورتو.  ٻولين جو لنگئا فرئنڪا ٿيڻ اتان جي آبادي جي ڪري نه هوندو آهي بلڪ اها ٻولي واپار، سياست، تعليم، ثقافت ۽ ٻين سماجي عملن ۾ ڪيتري استعمال ٿئي ٿي. هونءَ به واپاري ٻولي جي حيثيت تمام گهڻي هوندي آهي ڇاڪاڻ ته ان جا اثر سياست ۽ سماج تي گهڻا پوندا آهن.
جڏهن برطانيه دنيا جي مختلف ملڪن کي پنهنجي ڪالوني بڻايو ۽ انهن تي حڪومت ڪئي ته ان عمل انگريزي ٻولي کي لنگئا فرئنڪا بڻايو ۽ دنيا جي آبادي جي اڪثريت انگريزي ٻولي سکڻ لڳي اهڙي طرح انگريزي ٻولي جو استعمال شروع ٿيو. هن وقت گهرن ۾ پنهنجي مادري ٻولي وانگر انگريزي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. اهڙي طرح پوسٽ ڪالونيل دور ۾ جيڪي نيون آباديون قائم ٿيون انهن به پنهنجي ديسي ٻولين جي جڳھ تي انگريزي ٻولي کي پاڻ ۾ رابطن لاءِ استعمال ڪيو ۽ انهن انگريزي ٻولي کي لنگئا فرئنڪا طور استعمال ڪري رابطن کي آسان بڻايو. انگريزي ٻولي جي حيثيت کي وڌائڻ لاءِ برطانيه حڪومت اهم ڪردار ادا ڪيو ان حڪومت پوري دنيا ۾ انگريزي ٻولي کي رائج ڪرايو خاص ڪري اتر امريڪا، هندستان، آسٽريليا، نيوزيلينڊ وغيره ۾ انگريزي ٻولي کي رائج ڪرايو، اهڙي طرح 19 صديءَ جي آخر تائين انگريزي ٻولي جي حيثيت عالمي ٿي وئي ۽ ويهين صديءُ جي وچ ڌاري بين الاقوامي ادارن انگريزي ٻولي کي معاشيات، سائنس،  ملٽري، تعليمي، قومي ۽ بين الاقوامي ادارن، رياستن وغيره جي ٻولي بڻايو. هن وقت، دنيا جي اخبارن، رسالن، سائنسي جرنلس وغيره جي اڪثريت انگريزي ٻولي ۾ ڇپجي رهيا آهن. سوشل ميڊيا ۽ انٽرينيٽ تي هلندڙ ويب سائيٽس جي اڪثريت انگريزي ٻولي ۾ موجود آهن.  دنيا جي اڪثر آبادي پنهنجي ٻولي هوندي به انگريزي ٻولي ۾ موجود مواد پڙهي رهيا آهن اهڙي طرح انگريزي ٻولي کي ئي لنگئا فرئنڪا طور استعمال ڪن پيا. هوائي جهازن يا بحري جهازن جي ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ به انگريزي ٻولي کي لنگئا فرئنڪا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.
پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن پيون، تنهنڪري پاڪستان کي گهڻ ٻولي ڳالهائيندڙ ملڪ چئي سگهجي ٿو. پاڪستان ۾ مخلتف قومن ۽ آبادين جي وچ ۾ رابطو قائم رکڻ لاءِ اردو ۽ انگريزي ٻولين کي لنگئا فرئنڪا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ٻئي ٻوليون پاڪستان جي اڪثر حصن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون جنهنڪري ڪيتريون ئي آباديون پنهنجي ٻولين کي ڇڏي اردو ۽ انگريزي ٻوليون ڳالهائي رهيون آهن جنهنڪري ديسي ٻولين جي ختم ٿيڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي. جيتوڻيڪ اردو ڳالهائيندڙ آبادي جو تعداد ٻين آبادين يا قومن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي پر جيئن ته اردو واپاري ٻولي بڻجي چڪي آهي انڪري ان کي ملڪ جي مختلف قسم جي ادارن جي ٻولي پڻ بڻايو ويو آهي ۽ ان کي لنگئا فرئنڪا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هتان جو ٻوليون جن ۾ سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو ٻوليون اچي وڃن ٿيون، قومي ٻوليون هونديون هيون ۽ پنهنجي علائقن ۾ هر قسم جو وهنوار ۽ واپار انهن ٻولين ۾ ڪيو ويندو هو. اهي ٻوليون پنهنجي علائقن جون لنگئا فرئنڪا هونديون هيون پر پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ اردو ۽ انگريزي ٻولين کي لنگئا فرئنڪا جو درجو ڏنو ويو ۽ ملڪ جي اصلي ٻولين کي ادارن جي ٻولي جو درجو نه ڏنو ويو بلڪ انهن کي ادارن کان پري رکيو ويو. خاص ڪري ون يونٽ کان پوءِ ته ديسي ۽ اصلي ٻولي کي ادارن کان پري رکيو وي.  جنهنڪري آهستي آهستي اهي ٻوليون ختم ٿينديون وڃن پيون.  جڏهن ته اقوام متحده اصلي ٻولين کي زنده رکڻ لاءِ هر سال ٻولين جو سال ملهائيندو آهي ته جيئن دنيا جون سموريون ٻوليون پنهنجي اصلي شڪل ۾ زنده رهن ۽ قومن ۽ انهنجي ثقافت جي سڃاڻپ برقرار رهي سگهي. پاڪستان ۾ اڪثر تعليمي ادار نرسري کان وٺي يونيوريسٽي تائين انگريزي زبان ۾ تعليم ڏئي رهيا آهن، تنهنڪري اهي ٻار پنهنجي مادري يا ديسي ٻولين کان پري ٿيندا وڃن پيا جنهنڪري ديسي يا پاڪستان جون اصلي ٻوليون پنهنجي قومي سڃاڻپ وڃائي رهيون آهن. ننڍن يا وڏن ادارن ۾ اردو ۽ انگريزي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جنهنڪري ديسي ٻولين جي اهميت گهٽبي وڃي پئي بلڪه ختم ٿيڻ واري لڪير جي ويجهو ٿينديون وڃن ٿيون.

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته لنگئا فرئنڪا بين الاقوامي رابطن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهنڪري دنيا جا ادارا ۽ ملڪ هڪ ٻئي سان آساني سان ڪري سگهن ٿا پر ان سان گڏ لنگئا فرئنڪا اصلي ۽ وڏي تاريخ رکندڙ ٻولين کي نقصان به ڏنو آهي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته لنگئا فرئنڪا هڪ ٻه منهين تلوار آهي جيڪا هڪ منهن کان ملڪن، قومن ۽ مخلتلف آبادين کي هڪ ٻئي سان ملائي رهي آهي ۽ انهن جي وچ ۾ رابطن جي پل پيدا ڪري رهي آهي پر ٻئي منهن سان انهن قومن، ملڪن ۽ آبادين جي تاريخي ، تهذيبي ۽ ثقافت سڃاڻپ وڃائي رهي آهي. لنگئا فرئنڪا جي ڪري ماڻهو پنهنجي مادري ٻولين يا ديسي ٻولين کي ڇڏي ڪري لنگئا فرئنڪا واري ٻولي کي پنهنجي ٻولي بڻائي رهيا آهن جنهنڪري هو پنهنجي تاريخي قومي سڃاڻپ وڃائي رهيا آهن. لنگئا فرئنڪا جي ڪري دنيا جون اڪثر ٻوليون خطري ۾ آهن. اقوام متحده جي اڳڪٿي به اها ئي آهي ته ايندڙ پنجن ڏهاڪن ۾ دنيا جون اڪثر ٻوليون ختم ٿي وينديون. ان اڳڪٿي مان ثابت ٿئي ٿو ته ايندڙ پنجن ڏهاڪن ۾ دنيا جون صرف ٻوليون ختم نه ٿينديون پر ان سان گڏ اهي ٻوليون ڳالهائيندڙ قومون به ختم ٿي وينديون ڇاڪاڻ ته ٻولي ئي قوم، ان سان لاڳاپيل ثقافت ۽ تهذيب جي سڃاڻپ هوندي آهي. جيڪڏهن ٻولي زنده نه رهندي ته قوم به زنده نه رهندي.

Sunday, 2 June 2019

لفظن جون تصوراتي معانائون


مظهر علي ڏوتيو

اسان جيڪي لفظ استعمال ڪريون ٿا اهي مختلف وقتن تي پنهنجون معنائون تبديل ڪن ٿا. معنا جي تبديلي جا مکيه سبب ثقافتي تبديليون، مفاصلا ۽ دماغي سنجيدگي يا تصور رهيا آهن. موجوده دور ۾ ٻولي، لسانيات ۽ نفسيات جا سائنسدان ان خيال جا آهن ته لفظن جي معنا ۾ ڦيڙ يا تبديلي دماغي سنجيدگي يا پنهنجي الڳ سوچ يا ان لفظ بابت ڪو تصور ڪري ان لفظ مختلف جڳهن تي مختلف معنائن سان استعمال ڪرڻ آهي. مثال طور انگريزي جا ڪيترائي لفظ اصلي معنا کانسواءِ مختلف استعمالن لاءِ ڪيتريون ئي معنائون ظاهر ڪن ٿا. جيئن لفظ face بنيادي طور انسان جي منهن کي چوندا آهن جيڪو نرڙ کان شروع ٿئي ٿو پر دماغي تصور جي ڪري ان لفظ کي هن وقت مختلف معنائن ۽ مطلبن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. لفظ Run جسماني طور ڊوڙڻ لاءِ آهي پر هينئر خيالي طور ڪيترن ئي معنائن ۽ مقصدن لاءِ اهو لفظ استعمال ٿئي پيو.لفظ drive به پنهنجي اصلي معنا کان سواءِ ڪيترن ئي ورچوئل ۽ خيالي يا تصوراتي معنائن ۽ مقصدن ۾ استعمال ٿئي ٿو. اهڙي طرح ڪيترائي لفظ آهن جيڪي خيالي ۽ تصوراتي طور پنهنجي معنا تبديل ۽ مقصد تبديل ڪري ڇڏين ٿا
سوال هي آهي ته سنڌي ٻولي ۾ اهڙا ڪهڙا لفظ آهن جيڪي خيالي يا تصوراتي يا ورچوئلي پنهنجي اصلي معنا کانسواءِ به استعمال ٿين ٿا؟؟؟؟؟؟؟؟؟

ڊجيٽل دور، ٽيڪنولوجي ۽ مدي خارج رويا

منهنجو هي آرٽيڪل پندرنهن روزا افيئرس ۾ 15 جولاءِ 2019 تي ڇپيو. هن آرٽيڪل پڙهڻ سان اوهان کي ٽيڪنولوجي جي اهميت، ان جو مستقبل ۽ اسان ڪٿي بيٺ...