Monday 27 April 2020

ايپل آئي فون-13 ۾ سنڌي ٻولي جو استعمال ۽ ميڊيا انتشار

ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتيو
ايپل آئي فون پنهنجي نئين ماڊل آئي او ايس 13 ( iOS 13 ) کي سيپٽيمبر 2019ع ۾ ابتدائي طور پيش ڪيو جنهن کي بعد ۾ 25 اپريل 2020ع تي اپگريڊ ڪري 13.4.2 بيٽا (13.4.5 Beta 2 (17F5044d) ) ورزن جي صورت ۾ دنيا آڏو پيش ڪيو ويو آهي. هي ورزن آئي فون جو زبردست ورزن آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي نئين خصوصيتين ۽ صحولتن سان گڏ دنيا جون ڪيتريون ئي ٻوليون به داخل ڪيون ويون آهن جن ۾ هندستان جون 22 ٻوليون به شامل آهن. سنڌي ٻولي به هندستان جي انهن 22 ٻولين ۾ شامل آهي جنهن جون ٻئي لپيون يعني عريبڪ ۽ ديوناگري لپيون ان ماڊل ۾ شامل ڪيون ويون آهن. جڏهن به ڪي سوفٽويئر ٺهندا آهن ته اهي ٺهڻ سان ئي مڪمل نه هوندا آهن پر انهن ۾ ڪيترين ئي غلطين جي گنجائش هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪمپنيون انهن سوفٽويئر کي مختلف ورزن ۾ پيش ڪنديون آهن. تنهنڪري ڪنهن بگ (Bug) جو اچڻ ڪا نئين ڳاله يا حيرت ۾ وجھندڙ نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو آئي فون جي نئين ماڊل ۾ سنڌي ٻولي جي ڪجھ لفظن (Characters string) ۽  اٽلين فليگ اموجي ( Italian Flag Emoji) جي ڪري بگ (Bug) پيدا ٿيو جنهن آئي فون کي ٿوري وقت لاءِ ڪريش (Crash) ڪيو. ايپل آئي فون ۾ هي ڪريش ڪو پهريون دفعو ڪون آيو آهي پر اهو اڳ ۾ به ڪيترا دفعا آيو آهي. ٻه سال اڳ آئي فون آئي او ايس-11 ۾ ٽيلگو ٻولي جي ڪري بگ پيدا ٿيو هو جنهن آئي فون کي ڪريش ڪيو هو پر نئين ورزن سان اهو بگ ختم ڪيو ويو هو. اهو اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته ڪنهن ڪريڪٽر اسٽرنگ (Characters string) جي ڪري بگ (bug) پيدا ٿيو جنهن آئي فون کي ڪريش ڪري ڇڏيو جيڪا ڪا پريشاني جي ڳاله نه هوندي آهي، نه ئي وري ڪو اهڙي قسم جو بگ (bug) ڪو ڊيٽا کي نقصان ڏيندو آهي. تنهنڪري سنڌي اکرن جي اسٽرنگ (String) سان جيڪڏهن ڪو بگ (bug) پيدا ٿيو ۽ ان سان وقتي طور آئي فون هينگ (Hang) ٿي يا رڪجي وئي ته ڪا وڏي ڳاله نه آهي جنهن کي ايڏي وڏي حيرانگي سان پيش ڪيو ويو آهي. ڪمپنين جي پاڻ پروفيشنل جنگ ۽ ميڊيا کي خبر نشر ڪرڻ واري عمل ان ننڍي خبر کي تمام وڏو ڪري پيش ڪيو ۽ سنڌي ٻولي کي پنهنجي نشاني تي رکيو. اسان وٽ اردو ميڊيا کي ته شل نه ڪا سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن يا سنڌي ٻولي جي حوالي سان ڪا خبر ملي. ان خبر ۾ مرچ مصاله ملائي اهڙو پيش ڪن ٿا جو ماڻهو پريشان ٿي وڃن ٿا. هينئر به اردو ميڊيا ان خبر کي اهڙي طرح پيش ڪيو جو ڄڻ سنڌي ٻولي ايپل آئي فون کي ڪريش ڪري مارڪيٽ مان ختم ڪري ڇڏيو هجي يا ان عمل جي ڪري ڪو ايپل آئي فون جو ويليو گهٽجي ويو هجي. جڏهن ته اٽلين اموجي جي ڪري پڻ ان ورزن ۾ بگ پڻ پيدا ٿيو جنهن جي هتان جي ميڊيا ڪا خبر ڪون ڏني.
سنڌي ماڻهن کي ته خوش ٿيڻ گهرجي ته ايپل پنهنجي آئي فون، ٽيب وغيره ۾ سنڌي ٻولي جي ٻنهي لپين کي شامل ڪيو آهي. هي بگ نئين ورزن ۾ ختم ٿي ويندو ۽ سنڌي ٻولي جون ٻئي لپيون ڪاميابي سان ايپل آئي فون تي ڪم ڪنديون جيڪو سنڌي ٻولي لاءِ اهم قدم هوندو. ايپل آئي فون تي سنڌي ٻولي نه صرف لکت ۾ استعمال ٿئي پئي پر آواز جي صورت ۾ پڻ آئي فون تي ڪم ڪري ٿي ۽ اڳتي هلي بهتر طريقي سان ڪم ڪندي.

International Mother Language Day 2024: Linguistic Complexities in Pakistan and Global Impact

  Dr. Mazhar Ali Dootio International Mother Language Day, observed annually on February 21st, serves as a global platform to celebrate li...