Sunday 9 June 2019

لنگئا فرئنڪا جي اهميت، فائدا ۽ نقصان

مظهر علي ڏوتيو

روزاني ڪاوش جي هفتيوار ميگزين ڪاوش دنيا ۾ اڄ 9 جون 2019 تي منهنجو آرٽيڪل ڇپيو آهي جنهن ۾ لنگئا فرئنڪا ۽ ان . جي فائدن ۽ نقصانن تي بحث ڪيو ويو آهي جنهنجي لنڪ هيٺ ونڊيا پيو

Lingua Franca

http://www.thekawish.com/www3/Weekly/Wed-day/2019/09-06-2019/12.htm


ٻولي هڪ اهڙو اوزا آهي جنهن ذريعي ڪو به فرد يا فردن جو گروه وغيره پنهنجو نياپو، خيال، جذبو وغيره ٻئي فرد يا فردن جي گروه تائين پهچائي ٿو. تنهنڪري ڪنهن به سماج يا قوم لاءِ ٻولي جي تمام گهڻي اهميت هوندي آهي. ٻولي نه صرف ڳالهائڻ جو هڪ اوزار آهي،  پر اهو هڪ مڪمل نظام آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ملاوٽ يا خرابي ان نظام کي خراب ڪري ٿي يا ختم ڪري ٿي. سماج ۽ قوم جي سڃاڻپ به ٻولي ذريعي ٿيندي آهي اهڙي طرح جڏهن ڪا ٻولي ختم ٿي ويندي آهي ته اها پاڻ سان گڏ لاڳاپيل سماج ۽ قوم جي سڃاڻپ کي به ختم ڪري ڇڏيندي آهي. موجوده دور ۾ اڪثر سماجن يا ملڪن ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. تنهنڪري انهن سماجن يا ملڪن ۾ هڪ يا ٻه ڪي اهڙيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جيڪي سڀني کي سمجھ ۾ اچي وڃن ٿيون جن ذريعي فرد پنهنجي خيالن جو اظهار هڪ ٻئي سان ڪري سگهن ٿا يا تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙي ٻولي يا اهڙين ٻوليون جن جي ذريعي مختلف قسم جي آبادين يا قومن سان رابطو ڪري سگهجي انهن ٻولين کي لنگئا فرئنڪا چون ٿا. لنگئا فرئنڪا جي ڪري ماڻهو پنهنجا مسئلا ، خوشيون ۽ غم وغيره مختلف سماجن ۽ ٻولي ڳالهائيندڙ فردن سان ونڊي سگهي ٿو. مثال طور، اڄڪلھ سوشل ميڊيا جي ذريعي پوري دنيا سان ڪنهن لنگئا فرئنڪا ٻولي ذريعي اربن جي تعداد ۾ ماڻهو ڳنڊيل آهي. هونءَ ته مخلتف دورن ۾ دنيا ۾ مختلف ٻوليون لنگئا فرئنڪا رهيون آهن پر موجوده دور ۾ انگريزي زبان لنگئا فرئنڪا جو بهترين مثال آهي. لنگئا فرئنڪا اصلوڪي يا ديسي ٻولين کان مختلف هوندي آهي. تنهنڪري دنيا جي مختلف سماجن جي ارتقا ۽ ترقي ۾ لنگئا فرئنڪا جو به اهم ڪردار رهيو آهي. لنگئا فرئنڪا جي شروعات تڏهن کي ئي ٿي آهي جڏهن کان دنيا ۾ مختلف سماج ۽ مختلف ٻوليون وجود ۾ آيون هيون. ان جي اهميت جي ڄاڻ ان مان حاصل ڪري سگهجي ٿي ته دنيا جا مخلتف ملڪ، قومون ۽ آباديون پنهنجي ٻولين جي هوندي به تعليمي ادارن، آفيسز، پروگرامز ۽ مختلف ٻولي ڳالهائيندڙ فردن سان رابطن لاءِ ڪا عام لنگئا فرئنڪا ٻولي استعمال ڪن ٿا جيتوڻيڪ انهن جي پنهنجي مادري يا ديسي ٻولي جي هڪ الڳ، منفرد ۽ شاندار تاريخ، ثقافت، تهذيب ۽ ڌرتي آهي.  اهڙي طرح ڪيترن ئي ملڪن جون ته لنگئا فرئنڪا ٻوليون قومي ٻولي ٿي وڃن ٿيون.
          لنگئا فرئنڪا ٻولي وچولي دور ۾ سمنڊ ڪناري رهندڙن ۽ سمنڊ ذريعي واپار ڪندڙن تقريبن يارهين کان اڻويهين صدي ۾ استعمال ڪيو. ان وقت جي واپارين ۽ سمنڊ جي ڪنارن يا سمنڊ ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي هن ٻولي جو لهجو رابطي لاءِ آسان، سندر ۽ پيارو لڳندو هو (وڪيپيڊيا). ماڻهو پنهنجا مسئلا يا پنهنجو وکر وڪڻڻ لاءِ مختلف علائقن يا آبادين جو رک ڪندا هئا. ان وقت دريا ۽ سمنڊ جي ويجهو آباديون هونديون هيون تنهنڪري دريا ۽ سمنڊ رستن طور استعمال ٿيندا هئا. ماڻهو اهڙي ٻولي ڳالهائيندا هئا جيڪا سڀ کي سمجھ ۾ ايندي هئي. اهڙي طرح پنهنجي وکر کي اشارن ذريعي به ٻڌائيندا هئا. تنهنڪري اهو به چئي سگهجي ٿو ته اشارن جي ٻولي به لنگئا فرئنڪا رهي آهي. لنگئا فرئنڪا هڪ اهڙي ٻولي آهي جيڪا عام ، آسان ۽ مختلف سماجن، قومن ۽ آبادين ۾ رابطي لاءِ  پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. ان ذريعي ماڻهو پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف قومن، واپارين، فردن وغيره سان رابطو ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجو مقصد پوري ڪري سگهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ رابطن لاءِ مختلف ادارن، آرگنائيزيشن وغيره ۾ انگريزي ٻولي سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي وڃي ٿي جيتوڻيڪ انگريزن جي آبادي ايتري گهڻي نه آهي پر انهن جي ٻولي کي لنگئا فرئنڪا جي حيثيت ملي چڪي آهي. اهڙي طرح پاڪستان ۾ وري اردو کي لنگئا فرئنڪا جي حيثيت مليل آهي جيتوڻڪ اردو پاڪستان جي اصلوڪي يا ديسي ٻولي نه آهي اهڙي طرح اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي به ٿوري آهي پر پاڪستان جي قومي ٻولي جي حيثيت رکي ٿي ۽ هر اداري ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
لنگئا فرئنڪا جي شروعات جو مثال آرميني ٻولين جو گروه آهي جيڪو دنيا جي پهرين لنگئا فرئنڪا رهيو آهي.  آرميني ٻولي سيميٽڪ يا سامي ٻولين جي ايفرو ايشياٽڪ سٿ سان واسطو رکي ٿي جيڪو سامي ٻولين جو هڪ ننڍو گروه آهي. هي ٻولي ماڻهن يا قومن جي ٻي عام ٻولي رهي آهي جيڪا رابطي جي اوزار طور استعمال ٿيندي رهي. فرانسي ٻولي اولھ وارن ملڪن جي لنگئا فرئنڪا رهي آهي اهڙي طرح اها ٻولي به اولھ وارن ملڪن جي ٻولين جي پهرين لنگئا فرئنڪا رهي آهي. لوئيس چوڏنهن جي دور ۾ فرانسي ٻولي ۽ فرانس جي اولاهين دنيا ۾ تمام وڏي حيثيت رهي آهي ان ڪري فرانسي ٻولي به ان دور ۾ اولاهين يا ويسٽرن دنيا جي لنگئا فرئنڪا رهي آهي. موجوده دور ۾ انگريزي زبان دنيا جي لنگئا فرئنڪا آهي جيڪي واپار، تعليم، رابطن، اداران وغيره جي ٻولي آهي بلڪه ڪيترن ئي ملڪن جي قومي زبان به آهي. هڪ رپورٽ مطابق تقريبن 80 سيڪڙو انگريزي ڳالهائيندڙ دنيا جي اها آبادي آهي جن جي انگريزي مادري ٻولي نه آهي. ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ انگريزي ٻولي فرانسي ٻولي جي جڳھ تي دنيا جي لنگئا فرئنڪا  بڻجي وئي اهڙي طرح انگريزي ٻولي فرانسي ٻولي جي بين الاقوامي حيثيت يا لنگئا فرئنڪا جي حيثيت کي تبديل ڪري ڇڏيو.  ڏٺو وڃي ته انگريزي ٻولي جي اڀرڻ جو دور پهرين مهاڀاري جنگ يا ورڊ وار هڪ ۾ ان وقت شروع ٿيو جڏهن ورسلئيس جومعاهدو فرانسي ٻولي سان گڏ انگريزي زبان ۾ لکيو ويو. ان معاهدي جو انگريزي ٻولي لکجڻ انگريزي ٻولي جي حيثيت کي ظاهر ڪري ورتو.  ٻولين جو لنگئا فرئنڪا ٿيڻ اتان جي آبادي جي ڪري نه هوندو آهي بلڪ اها ٻولي واپار، سياست، تعليم، ثقافت ۽ ٻين سماجي عملن ۾ ڪيتري استعمال ٿئي ٿي. هونءَ به واپاري ٻولي جي حيثيت تمام گهڻي هوندي آهي ڇاڪاڻ ته ان جا اثر سياست ۽ سماج تي گهڻا پوندا آهن.
جڏهن برطانيه دنيا جي مختلف ملڪن کي پنهنجي ڪالوني بڻايو ۽ انهن تي حڪومت ڪئي ته ان عمل انگريزي ٻولي کي لنگئا فرئنڪا بڻايو ۽ دنيا جي آبادي جي اڪثريت انگريزي ٻولي سکڻ لڳي اهڙي طرح انگريزي ٻولي جو استعمال شروع ٿيو. هن وقت گهرن ۾ پنهنجي مادري ٻولي وانگر انگريزي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. اهڙي طرح پوسٽ ڪالونيل دور ۾ جيڪي نيون آباديون قائم ٿيون انهن به پنهنجي ديسي ٻولين جي جڳھ تي انگريزي ٻولي کي پاڻ ۾ رابطن لاءِ استعمال ڪيو ۽ انهن انگريزي ٻولي کي لنگئا فرئنڪا طور استعمال ڪري رابطن کي آسان بڻايو. انگريزي ٻولي جي حيثيت کي وڌائڻ لاءِ برطانيه حڪومت اهم ڪردار ادا ڪيو ان حڪومت پوري دنيا ۾ انگريزي ٻولي کي رائج ڪرايو خاص ڪري اتر امريڪا، هندستان، آسٽريليا، نيوزيلينڊ وغيره ۾ انگريزي ٻولي کي رائج ڪرايو، اهڙي طرح 19 صديءَ جي آخر تائين انگريزي ٻولي جي حيثيت عالمي ٿي وئي ۽ ويهين صديءُ جي وچ ڌاري بين الاقوامي ادارن انگريزي ٻولي کي معاشيات، سائنس،  ملٽري، تعليمي، قومي ۽ بين الاقوامي ادارن، رياستن وغيره جي ٻولي بڻايو. هن وقت، دنيا جي اخبارن، رسالن، سائنسي جرنلس وغيره جي اڪثريت انگريزي ٻولي ۾ ڇپجي رهيا آهن. سوشل ميڊيا ۽ انٽرينيٽ تي هلندڙ ويب سائيٽس جي اڪثريت انگريزي ٻولي ۾ موجود آهن.  دنيا جي اڪثر آبادي پنهنجي ٻولي هوندي به انگريزي ٻولي ۾ موجود مواد پڙهي رهيا آهن اهڙي طرح انگريزي ٻولي کي ئي لنگئا فرئنڪا طور استعمال ڪن پيا. هوائي جهازن يا بحري جهازن جي ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ به انگريزي ٻولي کي لنگئا فرئنڪا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.
پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن پيون، تنهنڪري پاڪستان کي گهڻ ٻولي ڳالهائيندڙ ملڪ چئي سگهجي ٿو. پاڪستان ۾ مخلتف قومن ۽ آبادين جي وچ ۾ رابطو قائم رکڻ لاءِ اردو ۽ انگريزي ٻولين کي لنگئا فرئنڪا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ٻئي ٻوليون پاڪستان جي اڪثر حصن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون جنهنڪري ڪيتريون ئي آباديون پنهنجي ٻولين کي ڇڏي اردو ۽ انگريزي ٻوليون ڳالهائي رهيون آهن جنهنڪري ديسي ٻولين جي ختم ٿيڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي. جيتوڻيڪ اردو ڳالهائيندڙ آبادي جو تعداد ٻين آبادين يا قومن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي پر جيئن ته اردو واپاري ٻولي بڻجي چڪي آهي انڪري ان کي ملڪ جي مختلف قسم جي ادارن جي ٻولي پڻ بڻايو ويو آهي ۽ ان کي لنگئا فرئنڪا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هتان جو ٻوليون جن ۾ سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو ٻوليون اچي وڃن ٿيون، قومي ٻوليون هونديون هيون ۽ پنهنجي علائقن ۾ هر قسم جو وهنوار ۽ واپار انهن ٻولين ۾ ڪيو ويندو هو. اهي ٻوليون پنهنجي علائقن جون لنگئا فرئنڪا هونديون هيون پر پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ اردو ۽ انگريزي ٻولين کي لنگئا فرئنڪا جو درجو ڏنو ويو ۽ ملڪ جي اصلي ٻولين کي ادارن جي ٻولي جو درجو نه ڏنو ويو بلڪ انهن کي ادارن کان پري رکيو ويو. خاص ڪري ون يونٽ کان پوءِ ته ديسي ۽ اصلي ٻولي کي ادارن کان پري رکيو وي.  جنهنڪري آهستي آهستي اهي ٻوليون ختم ٿينديون وڃن پيون.  جڏهن ته اقوام متحده اصلي ٻولين کي زنده رکڻ لاءِ هر سال ٻولين جو سال ملهائيندو آهي ته جيئن دنيا جون سموريون ٻوليون پنهنجي اصلي شڪل ۾ زنده رهن ۽ قومن ۽ انهنجي ثقافت جي سڃاڻپ برقرار رهي سگهي. پاڪستان ۾ اڪثر تعليمي ادار نرسري کان وٺي يونيوريسٽي تائين انگريزي زبان ۾ تعليم ڏئي رهيا آهن، تنهنڪري اهي ٻار پنهنجي مادري يا ديسي ٻولين کان پري ٿيندا وڃن پيا جنهنڪري ديسي يا پاڪستان جون اصلي ٻوليون پنهنجي قومي سڃاڻپ وڃائي رهيون آهن. ننڍن يا وڏن ادارن ۾ اردو ۽ انگريزي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جنهنڪري ديسي ٻولين جي اهميت گهٽبي وڃي پئي بلڪه ختم ٿيڻ واري لڪير جي ويجهو ٿينديون وڃن ٿيون.

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته لنگئا فرئنڪا بين الاقوامي رابطن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهنڪري دنيا جا ادارا ۽ ملڪ هڪ ٻئي سان آساني سان ڪري سگهن ٿا پر ان سان گڏ لنگئا فرئنڪا اصلي ۽ وڏي تاريخ رکندڙ ٻولين کي نقصان به ڏنو آهي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته لنگئا فرئنڪا هڪ ٻه منهين تلوار آهي جيڪا هڪ منهن کان ملڪن، قومن ۽ مخلتلف آبادين کي هڪ ٻئي سان ملائي رهي آهي ۽ انهن جي وچ ۾ رابطن جي پل پيدا ڪري رهي آهي پر ٻئي منهن سان انهن قومن، ملڪن ۽ آبادين جي تاريخي ، تهذيبي ۽ ثقافت سڃاڻپ وڃائي رهي آهي. لنگئا فرئنڪا جي ڪري ماڻهو پنهنجي مادري ٻولين يا ديسي ٻولين کي ڇڏي ڪري لنگئا فرئنڪا واري ٻولي کي پنهنجي ٻولي بڻائي رهيا آهن جنهنڪري هو پنهنجي تاريخي قومي سڃاڻپ وڃائي رهيا آهن. لنگئا فرئنڪا جي ڪري دنيا جون اڪثر ٻوليون خطري ۾ آهن. اقوام متحده جي اڳڪٿي به اها ئي آهي ته ايندڙ پنجن ڏهاڪن ۾ دنيا جون اڪثر ٻوليون ختم ٿي وينديون. ان اڳڪٿي مان ثابت ٿئي ٿو ته ايندڙ پنجن ڏهاڪن ۾ دنيا جون صرف ٻوليون ختم نه ٿينديون پر ان سان گڏ اهي ٻوليون ڳالهائيندڙ قومون به ختم ٿي وينديون ڇاڪاڻ ته ٻولي ئي قوم، ان سان لاڳاپيل ثقافت ۽ تهذيب جي سڃاڻپ هوندي آهي. جيڪڏهن ٻولي زنده نه رهندي ته قوم به زنده نه رهندي.

Sunday 2 June 2019

لفظن جون تصوراتي معانائون


مظهر علي ڏوتيو

اسان جيڪي لفظ استعمال ڪريون ٿا اهي مختلف وقتن تي پنهنجون معنائون تبديل ڪن ٿا. معنا جي تبديلي جا مکيه سبب ثقافتي تبديليون، مفاصلا ۽ دماغي سنجيدگي يا تصور رهيا آهن. موجوده دور ۾ ٻولي، لسانيات ۽ نفسيات جا سائنسدان ان خيال جا آهن ته لفظن جي معنا ۾ ڦيڙ يا تبديلي دماغي سنجيدگي يا پنهنجي الڳ سوچ يا ان لفظ بابت ڪو تصور ڪري ان لفظ مختلف جڳهن تي مختلف معنائن سان استعمال ڪرڻ آهي. مثال طور انگريزي جا ڪيترائي لفظ اصلي معنا کانسواءِ مختلف استعمالن لاءِ ڪيتريون ئي معنائون ظاهر ڪن ٿا. جيئن لفظ face بنيادي طور انسان جي منهن کي چوندا آهن جيڪو نرڙ کان شروع ٿئي ٿو پر دماغي تصور جي ڪري ان لفظ کي هن وقت مختلف معنائن ۽ مطلبن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. لفظ Run جسماني طور ڊوڙڻ لاءِ آهي پر هينئر خيالي طور ڪيترن ئي معنائن ۽ مقصدن لاءِ اهو لفظ استعمال ٿئي پيو.لفظ drive به پنهنجي اصلي معنا کان سواءِ ڪيترن ئي ورچوئل ۽ خيالي يا تصوراتي معنائن ۽ مقصدن ۾ استعمال ٿئي ٿو. اهڙي طرح ڪيترائي لفظ آهن جيڪي خيالي ۽ تصوراتي طور پنهنجي معنا تبديل ۽ مقصد تبديل ڪري ڇڏين ٿا
سوال هي آهي ته سنڌي ٻولي ۾ اهڙا ڪهڙا لفظ آهن جيڪي خيالي يا تصوراتي يا ورچوئلي پنهنجي اصلي معنا کانسواءِ به استعمال ٿين ٿا؟؟؟؟؟؟؟؟؟

International Mother Language Day 2024: Linguistic Complexities in Pakistan and Global Impact

  Dr. Mazhar Ali Dootio International Mother Language Day, observed annually on February 21st, serves as a global platform to celebrate li...