Friday 16 November 2018

سنڌي انسائيڪلوپيڊيا ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جو حصو

قاسم ڪيهر
تاريخ جي سهيڙ جو ڪم جن فردن يا ادارن جي ذمي هُجي ٿو انهن کي سرشٽيءَ جي تمام وڏي ذميواري مليل هُجي ٿي. اهڙي ئي ذميواري اسانجو پنهنجو سنڌ جو ادارو سنڌي ٻوليءَ جو باختيار ادارو (Sindhi Language Authority) به نڀائي رهيو آهي. جنهن طرفان انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ترتيب ڏيڻ جو تمام وڏو ڪم پڻ ڪجھه سالن کان تمام گھڻي محنت سان ڪيو پيو وڃي. تنهن هوندي ڪجھه ننڍيون ننڍيون شيون اچڻ کان رهجي وڃن ٿيون جنهن جا ڪيترائي هلڪا ڦلڪا سبب ٿي سگھن ٿا ۽ اهڙي قسم جي ڪنهن تمام وڏي ڪم کي پهريون دفعو سهيڙ هيٺ آڻڻ ۾ اهڙو عمل ٿي وڃڻ فطري پڻ آهي. پر جڏهن ڪنهن تاريخ جي بنيادي معلومات ۾ ڪي بنيادي شيون يا فرد ۽ انهن جي ڪيل خدمتن جو اندراج رهجي وڃي ته اُن کي ننڍو چئي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. اهڙي ئي هڪ ضروري اندراج جي رهجي وڃڻ جي خبر تڏهن پئي جڏهن لسانيات ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيل ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بنيادي ڪم ڪندڙ ساٿين جي سٿ جي هڪ ساٿي ۽ اسانجي هڪ پياري دوست ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتيي هڪ ذاتي قسم جي فيس بوڪ ميسيج ۾ پنهنجي اندر جو احوال ونڊيو ته ”سنڌي ڪمپيوٽنگ“ جي ڄاڻ وارن صفحن ۾ سندس خدمتن کي وساريو ويو آهي. ان سلسلي ۾ هيٺ ڪجھه عڪس موجود آهن جيڪي انهيءَ جي شاهدي ڏين ٿا. ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتيو جي انهيءَ ڪم جي حوالي سان هڪ ويب سائيٽ پڻ ترتيب ڏنل آهي، جنهن مان ڪيترائي ماڻهو روزانو استفادو حاصل ڪن ٿا. انهيءَ ويب سائيٽ ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ”سنڌي ڪمپيوٽنگ“ واري صفحي جي لنڪ پڻ هيٺ ڏنل آهي. جتي وزٽ ڪري اوهان انهيءَ سموري ماجرا کي ڄاڻي سگھو ٿا ۽ اندازو ڪري سگھو ٿا ته جديد ڪمپيوٽنگ ۾ ٻوليءَ جي انهيءَ خدمت ڪندڙ ماڻهو جي رياضت متعلق ڄاڻ کي انهيءَ تاريخي سهيڙ ۾ شامل نه ڪرڻ گھرجي؟!
http://www.sindhinlp.com/index.php
http://encyclopediasindhiana.org/article.php

No comments:

Post a Comment

Learning, Growth, and Success

Dr. Mazhar Ali Dootio In the dynamic landscape of personal and professional development, the principles of learning, growth, and success s...