Friday 16 November 2018

رايا ۽ احساس

مظهر علي ڏوتيو

اسان سامسنگ يا ٻين ڪمپنين جي پروڊڪٽس تي جيڪي رايا ڏيون ٿا سي انگريزي يا اردو يا رومن اردو ۾ لکون ٿا، جنهن سان انگريزي ۽ اردو ۾ تحقيق ڪندڙن کي تمام گھڻو فائدو ٿئي ٿو. پر سنڌي ۾ ڳولا ڪندڙن کي ڏکيائي ٿئي ٿي، ڇو ته اهي سڀ جا سڀ رايا سنڌي ۾ ترجمو ڪري لکڻا پون ٿا. ان سان گڏ سنڌي ٻولي کي وڏو نقصان ٿئي ٿو. انگريزي يا اردو ۾ لکڻ سان انگريزي يا اردو ۾ لفظن جو ڀنڊار يا ڪارپس ٺهي ٿو جنهن سان لسانيات يا راين تي ايناليسز جي حوالي سان تمام گهڻي تحقيق ٿي رهي آهي.
اهڙي قسم جي تحقيق ٻولين کي بين الاقوامي سٿ ۾ شامل ڪري ٿي. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجھ سنڌي ۾ لکبو ته دنيا جا تحقيق ڪندڙ ٻولي جا ماهر سنڌي تي به تحقيق ڪندا اهڙي طرح سنڌي ٻولي تمام گهڻي ترقي ڪندي. ٻيو فائدو اهو ته اهي ادارا سنڌي ماڻهن کي نوڪري ڏيندا ته جيئن هو ماڻهن جا رايا پڙهي سگهن. راين کي پڙهڻ ۽ انهن کي اينالائيز ڪرڻ سان ڪمپني کي تمام گهڻو فائدو پهچي ٿو هو انهن راين جي ذريعي پنهنجي پروڊڪٽس ۾ تبديليون آڻن ٿا. مختلف ڪمپنين جا ڪال سينٽر ٺهيل آهن جتي هو فون ڪالز ذريعي پنهنجي ڪسٽمرس جا مسئلا ٻڌن ٿا ۽ انهن کي حل ڪن ٿا. اسان کي انهن سان سنڌي ۾ ڳالهائڻ گهرجي ته جيئن سنڌي ۾ آواز جو ڪارپس ملي سگهي جنهن سان سنڌي ٻولي تي تحقيق ۾ اضافو ٿيندو ۽ سنڌي ماڻهن کي انهن اداران ۾ نوڪريون ملي سگهن.
آءُ اهڙي قسم جي تحقيق جو حصو آهيان جنهنڪري سنڌي ٻولي عالمي ٻولين جي سٿ ۾ شامل ٿي چڪي آهي. مون پاڻ اهڙي قسم جا ڪارپس ٺاهيا آهن پر اهي گهڻي تعداد ۾ نه آهن. تنهنڪري اسان سڀ سنڌي ۾ لکڻ شروع ڪريون ته جيئن ٻولي ۾ ذريعن جو واڌارو به ٿئي، ٻولي لاءِ لفظن جو ڀنڊار به ٺهي ۽ تحقيق ۾ اضافو ٿئي. تنهنڪري هاڻي وڌ کان وڌ سنڌي ۾ پڙھو، سنڌي لکو ۽ سنڌي ڳالھايو. ڪاروباري دنيا جي بازار سان بہ سنڌي ٻولي ۾ لھ وچڙ ۾ اچو.

No comments:

Post a Comment

Learning, Growth, and Success

Dr. Mazhar Ali Dootio In the dynamic landscape of personal and professional development, the principles of learning, growth, and success s...