Friday 16 November 2018

انا ۽ همت افزائي

مظهر علي ڏوتيو

ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو پنهنجي انا ۽ ڪنهن خوف خاطر اصل ۽ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي نظر انداز ڪندا آهن ۽ انهن جي ڪم کي اهميت نه ڏيندا آهن بلڪ انهن جي ڪم کي گهٽ ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا آهن. شايد اهڙي قسم جا ماڻهو انهن ماڻهن جي ڪم کي سمجهي نه سگهندا آهي ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن جو ڪم هنن جي ذهني سطح کان تمام گهڻو مٿاهون هوندو آهي. اهڙن ماڻهن جي رويي ۽ انا جو نقصان قومن ۽ انهن جي ٻولي، ثقافت، تهذيب وغيره کي ٿيندو آهي. ماڻهو پنهنجو پاڻ کي مٿاهون سمجهڻ ۽ پاڻ کي مٿاهون ڪرڻ جي چڪر ۾ عظيم مقصد کي وڃائي ويهندا آهن. اهڙن روين وارا ماڻهو هر قوم ۾ هوندا آهن. سنڌي قوم ۾ به اهڙا رويا رکندڙ ماڻهو موجود آهن جن جي ڪري ڪجھ اهم ڪم ڪندڙ ماڻهو پنهنجو ڪم روڪي ڇڏيندا آهن ۽ ڪي وري اهڙن ماڻهن جي سوچ ۽ عمل کي نظر انداز ڪري پنهنجو ڪم جاري رکندا آهن ڇاڪاڻ ته ڪم ڪندڙ ماڻهون اهڙن ماڻهن لاءِ ڪم نه ڪندا آهن بلڪه قوم ۽ ڌرتي لاءِ ڪم ڪندا آهن، هو پنهنجي ضمير آڏو جوابده هوندا آهن. اهي قومون ترقي وڌيڪ ڪنديون آهن جيڪي ٻئي جي ڪم کي مڃن، اهميت ڏين انهن جي مدد ڪن بجاءِ جو انهن تي تنقيد ڪن يا انهن جي غلا ڪن. هر قوم ۾ جينئس ماڻهو پيدا ٿيندا آهن جيڪي ٿوري وقت ۾ اڪيلا هوندي به سالن جو ڪري ڇڏيندا آهن پر منفي روين وارا ماڻهو انهن جي ڪم کي مڃڻ بجاءِ تنقيد جو نشانو بڻائيندا آهن. حقيقت ۾ اهڙن ماڻهن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ نقصان قوم جو ٿيندو. هاڻي انهن ماڻهن تي منحصر ٿئي ٿو تو ڪم ڪندڙ ماڻهن جي اهمت افزائي ڪندا يا ائين ئي تنقيد ۽ غلا ڪندا رهندا.
پنهنجي قوم لاءِ سوچو پاڻ لاءِ نه!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!

No comments:

Post a Comment

Learning, Growth, and Success

Dr. Mazhar Ali Dootio In the dynamic landscape of personal and professional development, the principles of learning, growth, and success s...