Thursday 25 October 2018

سنڌي انسائيڪلوپيڊيا جي ڪمپيوٽنگ واري حصي ۾ رهجي ويل ڄاڻ



مظهر علي ڏوتيو
سنڌي ٻولي دنيا جي پراڻين ۽ اصلي ٻولين مان هڪ ٻولي آهي جيڪا سموري دنيا ۾ لکي، ڳالهائي ۽ پڙهي وڃي پئي. سماجي رابطن جي ويبسائيٽس تي به سنڌي ٻولي لکي ۽ پڙهي وڃي پئي. جنهن سان دنيا جي تحقيق ڪندڙن، ڄاڻ حاصل ڪندڙن ۽ ٻولي تي تجزيو ڪندڙن کي سنڌي ٻولي جي لفظن جو ڀنڊار يا ڪارپس ملي رهيو آهي. ڪمپيوٽر سائنس ۾ ٻولين تي مختلف حوالن سان ڪم ٿي رهيو آهي جيڪو سنڌي ٻولي تي به ٿي رهيو آهي. مثال طور، هن وقت سنڌي ٻولي جا ڪيترن ئي ڪتابن کي ڪمپيوٽر جي سوفٽويئر ذريعي ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي ڪوبه ماڻهو پنهنجي موبائيل فون يا ڪمپيوٽر ذريعي ڪٿي به اهي ڪتاب پڙهي سگهي ٿو. ان کانپوءِ سنڌ جي تفريحي ۽ تاريخي ماڳن جون تصويرون ڪڍي يا وڊيو ٺاهي انهن کي آن لائين ڪيو وڃي پيو يا انهن ماڳن کي گوگل ميپس تي آڻي دنيا آڏو آندو وڃي ٿو ته جيئن دنيا سنڌ جا ماڳ ڏسي سگهي. اهڙي طرح اهو عمل سير و تفريح ڪندڙن کي سهولت فراهم ڪري ٿو. جڏهن ته پروگرامر وري مختلف قسم جا پروگرامس ۽ فونٽس ٺآهي سنڌي لکڻي بهتر بڻائڻ سان گڏ مخلتف ڪمپيوٽر پليٽ فارمس تي سنڌي کي آڻي رهيا آهن.
انهن سڀني ڪمن سان گڏ سنڌي ٻولي تي هڪ ٻيو به ڪم ٿي رهيو آهي جيڪو هن وقت دنيا لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ان ڪم کي نيچرل لينگوئجز پروسس ۽ ڪمپيوٽيشنل لسانيات چون ٿا. هي ٻه اهڙيون فيلڊس آهن جيڪي دنيا ۾ ڳالهائيندڙ ٻولين کي بين الاقوامي ٻولين جي سٿ ۾ شامل ڪرڻ سان گڏ ترجمي ۽ ڄاڻ جي حاصلات ۾ به مدد ڪن ٿيون. انهن فيلڊس جي ڪري ئي ڪنهن به ٻولي جو خاص ترجمي ڪرڻ جو هڪ نظام يا اوزار ٺاهي سگهجي ٿو ۽ ٻولين جي متن يا ڪارپس ۾ لڪل ڄاڻ ۽ احساسن کي سمجهي يا حاصل ڪري يا وري تجزيو ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ٻولي تي اهو ڪم مون ڪيو آهي جنهن سان سنڌي ٻولي جي لفظن جي ڀنڊار يا ڪارپس کي مشين لرننگ ذريعي يا ڊيپ لرننگ (گهري سکيا) ذريعي سمجهي سگهجي ٿو، ان جو تجزيو ڪري سگهجي، سنڌي ٻولي کي دنيا جي ڪنهن به ٻولي ۾ ترجمو ڪري سگهجي، سنڌي جملن کي عالمي گرامر ۽ سنڌي گرامر مطابق ٽڪرا ڪرڻ سان گڏ انهن لفظن، نشانين کي ظاهر ڪري سگهجي ٿو. سنڌي متن مان ليما ڪڍي سگهجن ٿا ۽ انهن لفظن جا اشتقاق ڪري سگهجن ٿا. انهيءَ کان سواءِ ماڻهن جي راين مان احساس ڳولهي سگهجن ٿا ۽ انهن جو تجزيو ڪري سگهجي ٿو. مختلف وکرن بابت ماڻهن جي ڏنل راين جو تجزيو ڪري سگهجي ٿو. اسان جي ان ڪم ڪرڻ جي ڪري دنيا ۾ سنڌي ٻولي تي تحقيق شروع ٿي چڪي آهي پر افسوس ان ڪم کي اسان جي حڪومت ۽ ٻولي سان لاڳاپيل ادارن طرفان نظر انداز ڪيو وڃي پيو جڏهن ته اهو هڪ تاريخي ڪم آهي جيڪو اڳم ان سطح تي ڪڏهن به ڪون ٿيو آهي.
سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري طرفان سنڌي انسائيڪلوپيڊيا پڌرو ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ بهترين عمل آهي جنهنجي ساراھ ڪرڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي پر افسوس جو ان سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جي هڪ حصي سنڌي ڪمپيوٽنگ کي لکڻ وقت اهي اهم موضوع رهايا ويا آهن. جڏهن ته انهن موضوعن کي سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ شامل ڪرڻ تمام ضروري هيو ته جيئن دنيا کي خبر پوي ها ته سنڌي قوم هڪ سڄاڳ قوم آهي ۽ دنيا سان گڏ هلي پئي. اهو ڪم انٽرنيٽ Sindhi NLP  (http://www.sindhinlp.com) جي نالي سان موجود آهي جنهن کي استعمال ڪندي ملڪ ۽ پرڏيھ ۾ تمام گهڻو تحقيقي ڪم ٿي رهيو آهي. اسان جي ان  ڪم کي پوري دنيا مڃيو آهي پر ان ڪم کي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري طرفان  نظرانداز ڪيو ويو آهي. ان ڪم کي نظرانداز ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو ٿي سگهي ٿو سا ته خبر نه آهي پر سنڌي ٻولي تي ٿيندڙ اهم تحقيق کي سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ شامل نه ڪرڻ سنڌي ٻولي جو نقصان آهي. هي ڪم اڄ نه ته سڀاڻي ضرور ظاهر ٿيندو جڏهن سنڌي ٻولي دنيا جي تحقيق جو موضوع ٿي ويندي. اهڙي طرح تحقيق ڪندڙ ان اهم ڪم جو  حوالو ڏيندا.
 ماجد ڀرگڙي صاحب سنڌ ٻولي کي ڪمپيوٽرائزيد ڪري تمام وڏو احسان ڪيو آهي جنهنڪري سنڌي اخبارون، ڪتاب، ويب سائيٽس، بلاگس وغيره وجود ۾ آيا ايتري تائين جو سنڌي ڪمپيوٽيشنل لسانيات تي ڪم ٿي سگهيو. هن وقت دنيا ۾ ٻولين جي حوالي سان ڪمپيوٽيشنل لسانيات ۽ نيچرل لينگوئجز پروسس تي تمام گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي جنهنڪري دنيا جون ڪيتريون ئي ٻوليون بين الاقوامي سطح تي اچي چڪيون آهن ۽ اسان سنڌي خوشنيصيب آهيون جو سنڌي ٻولي به ان سٿ ۾ اچي چڪي آهي پر افسوس سان سان لکڻو پوي ٿو ته سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ان وڏي ڪم کي،  جيڪو ماجد ڀرڳڙي جي ڪم کان پوءِ وڏي حيثيت رکي ٿو، نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.
ان ڪم کي آن لائين ڏسڻ لاءِ هيٺين ويب سائيٽ کولي ڏسي سگهو ٿا

1 comment:

International Mother Language Day 2024: Linguistic Complexities in Pakistan and Global Impact

  Dr. Mazhar Ali Dootio International Mother Language Day, observed annually on February 21st, serves as a global platform to celebrate li...