Monday, 22 April 2019

ڪاپي جهڙي موذي مرض کان جان ڪيئن ڇڏائجي؟

مظهر علي ڏوتيو

[ اڄ 22 اپريل 2019 روزاني جيجل اخبار ۾ منهنجو آرٽيڪل ڪاپي جهڙي موذي مرض کان جان ڪيئن ڇڏائجي؟ جي موضوع تي ڇپيو آهي. هن مضمون ۾ مختلف رخن کان ڪاپي، ان جي ڪارڻ ۽ ان ختم ڪرڻ جي طريقن تي بحث ڪيو ويو آهي. اخبار جي لنڪ اوهان سان ونڊيان پيو. اميد ته پڙهندا.
ان کانسواءِ پورو مضمون به هيٺ پيسٽ ڪري رهيو آهيان.]
ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته ڪنهن به قوم کي تباه ڪرڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته ان قوم جي تعليم جي نظام کي تباه ڪيو وڃي. اها قوم پنهنجو پاڻ ئي تباه ٿي ويندي. ان قوم کي ختم ڪرڻ لاءِ نه ڪنهن سازش جي ضرورت آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن جنگ وغيره جي. اڄ اسان سان اهوئي ڪجھ ٿي رهيو آهي. ڪاپي اسان جي نصاب جو حصو بڻجي چڪي آهي. شاگرد، والدين، استاد، سياسي پارٽيون ۽ انتظاميه سڀ جو سڀ ڪاپي کي وڌائڻ ۾ مشغول آهن. ڪاپي جا ڪيترا نقصان آهن ڪوبه نه پيو سوچي. والدين پنهنجي اولاد کي نام نهاد ڊگري ڏيارڻ لاءِ ڪاپي ڪرائين پيا، استاد پنهنجي نااهلي کي لڪائڻ لاءِ ڪاپي ڪرائين پيا. ڪاپي جا قوم ۽ ان سان لاڳاپيل سماج جي ترقي تي ڪيترا خراب اثر پون پيا، ڪوبه ڪون پيو سوچي.
اسان جي گورنمنيٽ اسڪولس ۾ ته پنجين ڪلاس کان ئي ڪاپي شروع ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ اهو سلسلو ڪاليجز تائين هلي پيو. هر سطح تي ڪاپي ڪرائڻ ۾ اهي چارئي پنجئي عنصر شامل آهن. اسان جا مانوارا استاد صاحبان پنهنجي ذاتي مسئلن ۽ پگھارن وغيره لاءِ ته آئي ڏينهن پيا هڙتالون ڪن پر ڪڏهن انهن محترم استاد صاحبان ڪاپي کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪاري پٽي به ڪون ٻڌي آهي. استاد ئي قوم کي جياپو ڏيندا آهن، قومن کي ترقي ڏياريندا آهن، پر اسان جا استاد ڪاپي ڪرائڻ ۾ مشغول هوندا آهن. سندن پنهنجا شاگرد سامهون ڪاپي ڪندا آهن پر هي خاموش ويٺا هوندا آهن. ان قوم جو ڇا ٿيندو جنهن جا استاد هڪ معاشرتي برائي ۾ شامل هجن؟
شاگردن جا والدين ۽ دوست ادارن ٻاهران سوالن جا جواب تيار ڪرڻ ۾ مشغول هوندا آهن. تاڪه ڪاپي ڪرڻ وقت انهن شاگردن کي سوال ڳولهڻ جي به تڪليف نه ٿئي. انتظاميه اهو سڀ ڪجھ ڏسندي آهي. هاڻي ته سوشل ميڊيا جو دور آهي تنهنڪري والدين يا مٽ مائٽ گهر ويٺي ئي پنهنجي ٻارن کي سوالن جا جواب واٽش اپ ڪن ٿا. اهڙي طرح اهو تمام آسان طريقو آهي. هاڻي ته ٻار کي گائيڊ مان ڪنهن سوال ڳولهڻ جي تڪليف به ڪون ٿئي ٿي. سياسي تنظيمون سنڌ جي ٻين مسئلن لا۽ ته ڪجھ نه ڪجھ جدوجھد ڪن پيون پر جيڪو اهم ۽ بنيادي مسئلو آهي ان کي نظرانداز ڪن پيون. ڪڏهن به ڪنهن سياسي جماعت ڪاپي کي ختم ڪرڻ لاءِ، بهتر تعليمي نظام لاءِ ڪا لڳاتار ۽ مظبوط جدوجھد نه ڪئي آهي. ڏک جي ڳالھ ته اها آهي ته سنڌ جو وڏو وزير هميشه سنڌي ماڻهو ئي رهيو آهي پر ڪنهن به وڏي وزير ڪاپي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي ٺوس قدم نه کنيا آهن.
ڪاپي ڪرڻ يا ڪاپي ڪرائڻ قومي يا سماجي خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي، اسان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي رهيا آهيون، پنهنجي روشن مستقبل کي اونداهي ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون. اچوته سڀ گڏجي هن موذي مرض کي هميشه لاءِ ختم ڪريون ته جيئن اسان جو سماج تعليم يافته سماج بڻجي. جيتوڻيڪ هن دفعي سنڌ حڪومت اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ڪا گهڻي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي. موجوده صورتحال ۾ جٿي ڪو به ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ راضي نه هجي يا پنهنجي ذميواري نه سمجهي ته اتي ڪيتري به سختي ڪئي وڃي ته به مڪمل نتيجا حاصل ڪرڻ جي توقع نٿي رکي سگهجي. هڪ تعليم جو وزير ڪٿي ڪٿي وڃي ڪاپي کي ختم ڪرائيندو. اهو به ان سماج ۾ جتي ٻارن جا والدين، استاد ۽ اسڪول يا ڪاليج جي انتظاميه پنهنجو ڪردار ادا نه ڪن. جٿ ڪاپي کي ضروري سمجهو وڃي.
هي دور ٽيڪنولوجي جو دور آهي. دنيا جا ترقي ڪندڙ ادارا، حڪومتون، ملڪ وغيره ٽيڪنولوجي جو مثبت استعمال ڪري تيزي سان ترقي ڪري رهيا آهن. هر شعبي ۾ ٽيڪنولوجي جو استعمال ضروري ٿي ويو آهي. پر سنڌ حڪومت اڃا ان طرف نه سوچي رهي آهي تنهنڪري اسان جا سرڪاري ادارا ڪا خاص ترقي نه ڪري سگهيا آهن بلڪ اتي جو اتي بيٺا آهن. ٽيڪنولوجي جي استعمال نه ڪرڻ جي ڪري اسان جا سرڪاري اسڪول ۽ ڪاليج به ٻارن کي صحي طريقي سان تعليم نه ڏئي سگهيا آهن ڇاڪاڻ ته ڪيترائي اسڪول بند پيا آهن ته ڪٿي وري حاضري لڳائڻ لاءِ استاد وغيره اچن پيا. اها ئي حالت ڪاليجز جي به آهي. جيڪي ڪاليج پڙهائڻ چاهين ٿا ته اتي وري تمام گهڻيون داخلائون ٿين پيو، جنهنڪري ٻارن کي ويهڻ جي جڳھ به نٿي ملي. بي اي ۽ ايم اي جي امتحانن جي ڪري به هڪ ٻه مهينا ڪاليج بند رهن ٿا. بحرحال ڳالھ ته ڪجي پئي ته ڪاپي جهڙي موضي مرض کي ڪيئن روڪجي؟ منهنجي نظر ۾ اسان جيترو خرچ ڪاپي کي ختم ڪرڻ تي ڪريون ٿا جيڪڏهن ان کان گهٽ خرچ ٽيڪنولوجي جي اوزارن تي ڪريون ته ڪاپي مورڳو ختم ٿي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ هر بلاڪ ۾ ويجيلنس ڪيمرائون لڳايون وڃن. اهڙي طرح ڪوريڊور يا ورانڊن ۾ به ڪيمرائون لڳايون وڃن ته جيئن ڪلاس ۾ ڪاپي ڪندڙ ٻار ۽ انهن مٿان بيٺل انويجيليٽر جي خبر پئجي سگهي اهڙي طرح ڪوريڊور ۾ گهمندڙن يا ڪاپي ڪرائيندڙ ماڻهن جي به خبر پئجي سگهبي. ڪيمرائن کي آئي پي بيسڊ ڪيو وڃي ته جيئن ٻيا به لاڳاپيل ذميوار ماڻهو ان عمل کي جاچي سگهن. ڪيمرائن جو نتيجو ڏسڻ لاءِ پرنسپال يا هيڊ ماسٽر جي آفيس ۽ ورانڊن يا ڪوريڊور ۾ وڏيون ايل سيڊيز لڳايون وڃن ته جيئن پري کان ئي ڪاپي ڪندڙن کي ڏسي وٺجي. تعليم جي وزير، سيڪريٽري، تعلقي ۽ ضلعي آفيسرن کي به آئي پي ذريعي انهن ڪيمرائن جي پهچ ڏني وڃي ته جيئن هو پنهنجي آفيسز ۾ به ان لقاءُ کي ڏسي سگهن. ايتري تائين جو هو پنهنجي موبائيل فون تي به پوري سنڌ جي اسڪولس يا ڪاليجز ۾ ٿيندڙ امتحان جي عمل کي ڏسي سگهن ٿا ۽ بروقت ايڪشن کڻي سگهن ٿا. امتحان دوران اعلان ڪيو وڃي ته جنهن به بلاڪ مان ڪنهن به ڪاپي ڪئي ته ان شاگرد سان گڏ انويجيليٽر خلاف به قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. اهڙي طرح پرنسپال خلاف به قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. جيتوڻيڪ ان عمل کي لاڳو ڪرڻ لاءَ بجلي وغيره جو بهانو ته ڪيو ويندو پر هن ٽيڪنولوجي جي دور ۾ ڪو به عمل نا ممڪن نه آهي. سولر سسٽم ، جنريٽر ذريعي بجلي مهيا ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن نيڪ نيتي سان اهو ڪم ڪيو وڃي ته منهنجي خيال ۾ اسان وٽان هميشه لاءِ ڪاپي جهڙو گندو عمل ختم ٿي ويندو ۽ اسان جو سماج هڪ تعليم يافته سماج بڻجي پوندو.
ان عمل سان ڪاپي کي ته ختم ڪري سگهجي ٿو پر ڇا اهي ٻار جن کي ڪلاس ۾ پرهايو ئي نه پيو وڃي يا هڪ ڪلاس ۾ ايترا ٻار آهن جو هڪ استاد انهن کي صحي طريقي سان پڙهائي ئي نٿو سگهي ته اهي ٻار امتحان ڪيئن ڏئي سگهندا؟ اسان وٽ شهري ۽ پيسي وارا ٻار ته ٽيوشن وغيره وٺي تياري ڪري وٺن ٿا پر اهي ٻار جيڪي ٽيوشن جو خرچ نٿا ڀري سگهن يا جيڪي ڳوٺن ۾ رهن ٿا ۽ ٽيوشن حاصل نٿا ڪري سگهن اهي امتحانن جي تياري ڪيئن ڪري سگهندا؟ تنهنڪري ضرورت ان ڳالھ جي به آهي ته اڪيڊيمڪ نظام کي ٻيهر چڪاس ڪيو وڃي ۽ سليبس کي موجوده دور جي ضرورتن مطابق ٻيهر تيار ڪيو وڃي اهڙي طرح ڪلاس وٺڻ جي طريقن کي به سڌاريو وڃي. اسان وٽ حالتون ۽ سهولتون ايئن نه آهن جيئن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ آهن تنهنڪري اسان کي تعليم جو نظام پنهنجي ضرورتن، حالتن ۽ سهولتن مطابق ٺاهڻو پوندو. ضروري نه آهي ته ساليانه امتحان وٺون پر ان کي تبديل به ڪري سگهجي ٿو جنهن لاءِ ماهرن جي ٽيم ٺآهي وڃي جنهن ۾ يونيورسٽي جي پروفيسرس کي به شامل ڪيو وڃي ته جيئن ڪو مناسب ۽ بهتر تعليم جو نظام ٺهي سگهي. هن وقت جيڪو بورڊ جو امتحان ٿئي پيو، اهو هڪ ته ساليانو امتحان آهي ۽ ٻيو ته ان امتحان ۾ 100 مارڪس جو پيپير ٺاهي شاگرد جي اهليت کي ماپيو وڃي پيو جيڪو هڪ شاگرد لاءِ ڏکيو ڪم آهي. ڪنهن ٻار جي پڙهائي ۽ ان جي قابليت کي معلوم ڪرڻ لاءِ ٻيا به بهتر طريقا ٿي سگهن ٿا. پر خبر نه آهي ته اسان وٽ تعليمي بورڊس امتحانن جي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪا ماهرن جي ٽيم ڇو نه پيا ويهارن؟ 100 مارڪس جو پيپير ڪنهن به ٻار جي قابليت کي ماپي نٿو سگهي بلڪ ان ٻار کي ڪاپي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. سمورو سال پڙهندڙ ٻار جي اهليت کي 100 مارڪس جي پيپر تي ڪيئن ماپي سگهجي ٿو؟ تنهنڪري وزير تعليم، جيڪو تعليم جي شعبي سان تمام گهڻو سچو آهي ۽ هو سچائي سان ڪم به ڪري رهيو آهي، کي ان طرف به سوچڻ گهرجي. تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگي کي به وزير تعليم کي ڏسڻ گهرجي. چيئرمين ۽ سيڪريٽري تعليم لاءِ جيڪي ماڻهو ڀرتي ڪيا وڃن ٿا ڇا اهي اڪيڊمڪ پراسس ۾ ماهر آهن؟ ڇا جيڪي بورڊ آف اسٽيدِيز ڪرايون وڃن ٿيون، ان ۾ ڪي يونيورسٽي جا ماهر پروفيسر به شامل ٿين ٿا؟ ڇا امتحانن وٺڻ جو طريقيڪار موجوده دور جي ضرورتن مطابق طئي ڪيو ويو آهي؟ ٻارن کي مختلف ڪاليجز ۾ مختلف استادن طرفان جيڪو سليبس پڙهايو وڃي ٿو، ڇا امتحان ان سليبس مطابق ورتو وڃي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته ڪي استاد پنهنجو سليبس مڪمل ڪن ٿا ته ڪي وري سليبس به مڪمل نٿا ڪن بلڪ استادن جي اڪثريت سلييبس مڪمل ڪون پڙهائين ٿا. پر جڏهن امتحان ٿئي ٿو ته بورڊ طرفان ٺاهيل سليبس مان ئي امتحان ورتو وڃي ٿو. بورڊ اهو به ڄاڻڻ جي ڪوشش نٿو ڪري ته ڪهڙي ڪاليج ۾ ڪيترو سليبس مڪمل ڪرايو ويو. منهنجي خيال ۾ ڪاپي جو هڪ اهم ڪارڻ اسڪولس ۽ ڪاليجز ۾ موجود غلط قسم جو اڪيڊيمڪ نظام ۽ امتحانن جو طريقو به آهي جنهن کي درست ڪرڻ سان اسان جو تعليمي نظام بهتر ٿي سگهي ٿو ۽ ٻار به آساني سان امتحان ڏئي سگهندا.

Tuesday, 2 April 2019

سمنڊ سيويو جن

سمنڊ سيويو جن 

 مظهر علي ڏوتيو

  اڄوڪي سوڀ اخبار (2 اپريل 2019) ۾ منهنجو آرٽيڪل سمنڊ سيويو جن جي موضوع تي ڇپيو آهي. اوهان اخبار جي هيٺين لنڪ کولي اخبار ۾ منهنجو مضمون پڙهي سگهو ٿا  
 هي آرٽيڪل ايڊيوٽوريل صفحي تي موجود آهي

Sunday, 24 March 2019

سمنڊ سيويو جن ڪتاب تي تبصرو




ڪجه ڏينهن اڳ ڀائو ستار سومرو (پروفيسر ستار سومرو) جن جو ڪتاب سمنڊ سيويو جن مليو. جيڪو ڀائو ستار تمام گهڻي اڪير سان موڪليو. ان وقت ئي ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪري ڏنو. لکڻي ايتري سٺي ۽ شاندار آهي جو ڪتاب بند ڪري رکڻ تي دل ئي نه پئي چوي. ڀائو ستار سان تمام گهڻي پراڻي دوستي آهي تقريبن ويھ سال پراڻي دوستي. جڏهن لاڙڪاڻي رهندو هيس ته اڪثر باڊھ ۽ نصيرآباد وڃڻ ٿيندو هو ۽ وڏيون وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون. ڪچهري ۾ باڊه جي سنگت عرس ڀٽي، عادل عباسي، اظهار عباسي ۽ ڪجھ ٻيا دوست هوندا هئا. عادل عباسي سچ ۾ تمام گهڻو محبتي، مهمان نواز، ذهين، ڄاڻو ۽ انسانيت سان محبت ڪندڙ دوست آهي. باڊھ عادل کان سواِءِ اداس لڳندي آهي. عرس اندر ٻاهر هڪ آهي. هي به تمام گهڻو ذهين، سڄاڳ، قرب ۽ پيار ڏيندڙ دوست آهي. اظهار عباسي فقير صفت دوست ۽ اديب آهي. نه ڪا وڏائي اٿس ۽ نه ئي وري ڪا لالچ.  اهڙي طرح نصيرآباد ۾ ڀائو ستار سومرو، سندس ڀائر، عباس اوڊاڻو ، ڦلپوٽا برادران، محبوب عباسي ۽ ڪيترائي ٻيا دوست هوندا هئا. سچ ۾ اهو دور بهترين دور هو. ڀائو ستار جيترو مٺو ۽ محبتي ماڻهو آهي اوترو ئي وري مزاحيه به آهي. ان جون لڪل مزاڪون محفل کي مچائي رکنديون آهن. اسان جون ڪچهريون به خالص ادبي ۽ سماجي هونديون هيون. پر هاڻي نوڪري، مصروفيت ۽ فاصلن جي ڪري ملڻ ته تمام گهٽ ٿئي ٿو پر اسان سڀني جي دلين ۾ اڄ به محبت ۽ احترام ساڳيا آهن. 
پروفيسر ستار کي اسان سڀ دوست ڀائو ستار چوندا آهيون، پاڻ شاھ جو بهترين پارکو آهن اهڙي طرح شاھ سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿو. 
ڪتاب موڪلڻ لاءِ ڀائو ستار جو ٿورائتو آهيان جو مونکي هن ان قابل سمجهيو. ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ان تي ڪجھ لکڻ ضروري سمجهيم. اڄوڪي ڪاوش ميگزين ۾ منهنجو لکيل تبصرو ڇپيو آهي. جيتوڻيڪ تبصري جو وڏو حصو ڪٽيو 
ويو آهي پر پوءِ به هي تبصرو ڪتاب جي اهميت ۽ نياپي کي ضرور بيان ڪري ٿو. ڀائو ستار جنهن انداز سان ڀٽائي جي فلسفي کي پيش ڪيو آهي سو تمام گهڻو وڻندڙ ۽ اهم آهي. تنهنڪري هي ڪتاب دوستن کي پڙهڻ گهرجي. هي ڪتاب پيڪاڪ پبلشرز طرفان ڇپيو ويو آهي

http://www.thekawish.com/www3/Weekly/Wed-day/2019/24-03-2018/14.htm


Thursday, 21 March 2019

عالمگيريت جي دور ۾ ٻولين جي بقا جو سوال!.........مظهر علي ڏوتيو - Pahenji Akhbar

عالمگيريت جي دور ۾ ٻولين جي بقا جو سوال!.........مظهر علي ڏوتيو - Pahenji Akhbar: عالمگيريت دنيا کي هڪ عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ڪري رهي آهي ته جيئن دنيا ۾ ٺهندڙ سمورن وکرن جي پيداوار ۾ اضافو ٿي سگهي، رابطن ۾ سولائي سان اضافو ٿئي. اهڙي طرح پوري دنيا ۾ رابطن جو ڄار وڇائجي وڃي … وڌيڪ لاء

Tuesday, 19 March 2019

عالمگيريت جي دور ۾ ٻولين جي بقا جو سوال

عالمگيريت جي دور ۾ ٻولين جي بقا جو سوال
مظهر علي ڏوتيو
(منهنجو هي آرٽيڪل روزاني سوڀ اخبار ۾ مارچ 19، 2019 تي ڇپيو آهي. )
https://www.dailysobh.com/epaper/preview.php?pre=archive/19-03-2019/Editorial.jpg

عالمگيريت دنيا کي هڪ عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ڪري رهي آهي ته جيئن دنيا ۾ ٺهندڙ سمورن وکرن جي پيداوار ۾ اضافو ٿي سگهي، رابطن ۾ سولائي سان اضافو ٿئي. اهڙي طرح پوري دنيا ۾ رابطن جو ڄار وڇائجي وڃي ۽ ماڻهو هڪ ٻئي سان آساني سان رابطو ڪري سگهن ۽ واپار جا وهنوار وڌائي سگهن. ان عمل جي ڪري ماڻهو گهر ويٺي  انٽرنيٽ جي ذريعي گهربل وکر، اثاثا حاصل ڪري سگهڻ سان گڏوگڏ ڄاڻ جا خزانا پڻ ڳولهي سگهن ٿا ۽ انهن کي استعمال به ڪري سگهن ٿا. ٽيڪنولوجي دنيا جي مڙني اثاثن کي ماڻهن اڳيان پيش ڪري ڇڏيو آهي. ايتري تائين جو انٽرنيٽ پنهنجي دنيا ۾ سرحدن کي  به ختم ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ڪو به ماڻهو ڪنهن به علائقي يا ملڪ ۾ ويهي ڪري دنيا جي ڪنهن به ملڪ جا آنلائين اثاٽا استعمال ڪري سگهي ٿو بلڪه گهر ويٺي دنيا جي بهترين يونيورسٽيز مان پڙهي به سگهي ٿو. تنهنڪري واپار، تعليم، سماجي ۽ سياسي رابطن وغيره کي عالمگيريت جي عمل تمام گهڻو آسان ڪري ڇڏيو آهي. عالمگيريت جو مقصد دنيا ۾ رهندڙ ماڻهن کي خوشحال ڪرڻ سان گڏ انهن جي سماجي ۽ سياسي حيثيت کي ترقي ڏيارڻ آهي. اهڙن ملڪن ۽ قومن کي اڳتي آڻڻ آهي جيڪي ڪيترن ئي سببن جي ڪري ترقي نه پيا ڪري سگهن ۽ سماجي مسئلن ۾ وڪوڙبا وڃن پيا.  دنيا جا ترقي يافته ملڪ ۽ ماڻهو ان ترقيءَ جو ڀرپور فائدو وٺي رهيا آهن. هو پنهنجو واپار، آمدني، تعليمي ۽ سماجي ذريعا وڌائي رهيا آهن اهڙي طرح هو خوشحال ٿي رهيا آهن. گهٽ ترقي يافته ملڪ وري ان عالمگيريت جي عمل مان فائدو نه وٺي رهيا آهن بلڪه ڪٿي ڪٿي پاڻ کي نقصان ڏئي رهيا آهن. مثال طور انٽرنيٽ کان فائدو وٺڻ بجاءِ پنهنجو قيمتي وقت سماجي رابطن جي اوزارن ۽ گهٽ اهم ڪمن تي وڃائي رهيا آهن. جڏهن ته ڪجھ  فرد يا ملڪ  وري ان عمل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مڪمل ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ ننڍا وڏا واپار ڪري رهيا آهن پر انهن جو تعداد گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته اهي عالمگيريت اڃا تائين صحي طريقي سان سمجهي نه سگهيا اهن.  اهڙي طرح جيڪي ماڻهو عالمگيريت ٿورو گهڻو سمجهي رهيا آهن ته اهي وري پنهنجي ٻولي، ثقافت وغيره کي به داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا ته عالمگير ٿيڻ لاءِ يا عالمگيريت مان فائدو وٺڻ لاءِ بين الاقوامي ٻولي کي پنهنجي ٻولي بڻائڻو پوندو. تنهنڪري عالمگيريت جي ترقي جي ڪري دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين  ۽ ثقافتن کي نقصان به پهچي رهيو آهي بلڪه ڪيتريون ٻوليون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيتريون وري ختم ٿيڻ جي عمل ۾ آهن. ماڻهو انٽرنيٽ تي عالمي ٻولي جو استعمال ڪن ٿا ۽ پنهنجي ٻولين کي وساريندا وڃن پيا. اهڙي قسم جا ماڻهو پنهنجي ٻارن سان به بين الاقوامي ٻولين ۾ ڳاله ٻوله ڪن ٿا ۽ انهن ٻولين ۾ تعليم ڏيارين ٿا ته جيئن هنن جا ٻاربين الاقوامي ٻوليون آساني سان سکي  ۽ ڳالهائي سگهن ۽ مستقبل ۾ ڪنهن  وڏي مقام تي پهچي سگهن. ان سوچ جا ماڻهو پنهنجي ٻارن کي پنهنجي مادري ٻولين کان پري ڪندا وڃن پيا. جيتوڻيڪ عالمگيريت جي دور ۾ دنيا جي ٻولين تي خاص توجھ ڏني وڃي پئي ۽ انهن جي ترقي ۽ جياپي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو وڃي پيو. عالمگيريت جي ڪا سرحد ڪون آهي ان ڪري اها پوري دنيا کي هڪ وڏي عالمگير ڳوٺ ۾ تبديل ڪري رهي آهي ان لاءِ عالمگيريت دنيا جي سمورين بولين کي زنده رکڻ چاهي ٿي ته جيئن ماڻهن پنهنجي ٻولين ۾ پنهنجا مسئلا، رايا، ڳالهيون، ڪم وغيره ٻڌائي سگهن. اها هڪ حقيقت آهي ته ڪو به فرد ڪنهن به قسم جو مسئلو پنهنجي ٻولي ۾ بهتر طريقي سان ٻڌائي سگهي ٿو. ان سوچ تي عمل ڪندي عالمگيريت دنيا جي سمورين ٻولين کي عالمگيرٻولي  بڻائي رهي آهي ته جيئن سموريون ٻوليون زنده رهي سگهن ۽ هر هڪ لاءِ سمجهڻ جهڙيون بڻجي سگهن. ان لاءِ ڪمپيوٽيشنل لسانيات ۽ نيچرل لينگوئجز پروسس، مشين لرننگ ۽ ڊيپ لرننگ تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي ته جيئن دنيا جون سموريون ٻوليون استعمال جي قابل بڻجي سگهن ۽ مشين يعني ڪمپيوٽر وغيره انهن ٻولين کي سمجهي سگهي  ته جيئن واپار ، تعليم ۽ رابطن ۾ اضافو ۽ آساني ٿئي. پر پٺ تي پيل ملڪ ۽ عوام ٽيڪنولوجي جي ان ترقي کي نه سمجهندي،  پنهنجي ٻولين کي ڇڏي ڌارين ٻولين کي پنهنجون ٻوليون بڻائي رهيا آهن. هن وقت دنيا جا ڪيترائي ملڪ ۽ قومون پنهنجين ٻولين لاءِ لفظن جو ڄار (ورلڊ نيٽ) ٺاهي رهيا آهن جيڪو عالمگيريت اختيار ڪري رهيو آهي ۽ يونيورسل ڊپينڊنسي تحت پنهنجي ٻولين تي ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن دنيا جون سموريون ٻوليون هڪ عالمي  گرامر ۽ لفظن جي ڄار جي ذريعي استعمال ٿي سگهن ۽ ماڻهن کي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي پر گهٽ ترقي يافته ملڪ يا قومون عالمگيريت يا گلوبلائيزيشن جي  گهرجن کي نه سمجهندي ، پنهنجي خاندان کي گهڻو پڙهيل لکيل ظاهر ڪرڻ ۽ عالمگيريت جي چڪر ۾ پنهنجي ٻولين ۽ ثقافت کي ختم ڪري رهيا آهن.
ٻولي نه صرف رابطن جو اوزار آهي پر هڪ  مڪمل نظام آهي، جيڪا قوم، تهذيب ۽ ثقافت  جي سڃاڻپ آهي. ماڻهو ۽ سماج کي انهن جي ٻولي جي ڪري سڃاڻي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪي ماڻهو ڪا ٻولي نه ڳالهائين ته انهن کي ڪو به سڃاڻي نه سگهندو ته هي ڪير آهن، ڪهڙي قوم يا قبيلي سان تعلق رکن ٿا ۽ هنن جي ڌرتي ڪهڙي ۽ ڪٿي آهي؟  ٻولي جي ختم ٿيڻ سان سماج ختم نه ٿيندا آهن پر سماج يا قوم يا ڌرتي جي سڃاڻپ ضرور ختم ٿي ويندي آهي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ڪنهن به قوم کي زنده رکڻ لاءِ ان قوم جي ٻوليءَ جو وجود ضروري آهي. هن وقت دنيا جون ڪيتريون ئي ٻوليون ختم ٿينديون وڃن پيون، جنهن جا ڪيترا ئي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. اقوم متحده جي رپورٽ مطابق 6000 هزار ٻولين مان 43 سيڪڙو ٻوليون ختم ٿيڻ تي آهن. انهن ۾ اصلي يا انڊيجينيس ٻوليون به شامل آهن بلڪه اصلي يا ديسي ٻولين جي اڪثريت آهي. اصلي ٻولين جو ختم ٿيڻ ته تمام خطرناڪ آهي ڇاڪاڻ ته اصلي ٻولي جو ختم ٿيڻ صرف ان ٻولي جو ختم ٿيڻ نه آهي بلڪ ان ٻولي سان لاڳاپيل قوم، تهذيب ۽ ثقافت جو خاتمو پڻ آهي ، تنهنڪري جڏهن به ڪا ٻولي ختم ٿي ويندي آهي ته هو پاڻ سان گڏ پنهنجي ڌرتي، تهذيب، ثقافت ۽ قوم کي به ختم ڪري ڇڏيندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اقوام متحده هي سال اصلي يا ديسي ٻولين جو سال ڪري ملهائي پئي ته جيئن اصلي ٻولين کي ختم ٿيڻ کان بچائي سگهجي.
قوام متحده هر سال 21 فيبروري تي ٻولين جو ڏينهن ملهائيندي آهي جيڪو دنيا جي سمورين قومن لاءِ اهم ڏينهن هوندو آهي ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن تي دنيا جون مختلف قومون پنهنجي ٻولين کي زنده رکڻ لاءِ پاڻ سان وچن ڪنديون آهن ۽ عوام ۾ ٻولي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف قسم جا پروگرام ترتيب ڏينديون آهن ته جيئن مادري ۽ ديسي ٻولين کي بچائي سگهجي. مادري ٻولين جو ڏينهن سن 2000ع کان ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن کي ملهائڻ جي رٿ 1999ع ۾ اقوام متحده جي اجلاس ۾ رکي وئي جنهن کي سمورن ميمبرس طرفان مڃيو ويو. 21 فيبروري جي تاريخ هڪ بنگلاديشي رفيق الاسلام جي مشوري تي مقرر ڪئي وئي ، جنهن 1998ع ۾ ان وقت جي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان کي درخواست ڏني هئي ته دنيا جي مادري ٻولين کي بچائڻ جو بين الاقوامي ڏينهن ملهايو وڃي. رفيق الاسلام پنهنجي درخواست ۾ مادري ٻولين جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ بنگالي ٻولي کي بچائڻ جي جدوجهد جو به ذڪر ڪيو هو. هن خط ۾ ڄاڻايو هو ته 1952ع ۾ بنگلاديشي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجي ڏيڻ لاءِ هڪ تحريڪ هلي هئي جنهن ۾  بنگلاديشي شاگرد مري ويا هئا. ان وقت هن اهو به مشورو ڏنو هو ته بنگلاديش جي مري ويل شاگردن جي ياد کي زنده رکڻ لاءِ 21 فيبروري جو ڏينهن مقرر ڪيو وڃي. ڪوفي عنان به ان صلاح کي مڃيندي بين اقوامي مادري ٻولين جو ڏينهن هر سال 21 فيبروري تي ملاهڻ جو اعلان ڪيو هو. اهڙي طرح هر سال مادري ٻولين جو ڏينهن مختلف عنوانن سان ملهايو وڃي ٿو. سال 2019 کي عالمي اصلي يعني انڊيجينيس ٻولين جو سال ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي اهڙي طرح هن سال ۾ اصلي يا ديسي ٻولين کي ختم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي. مختلف فورمز تي پروگرام ڪيا ويندا ۽ اصلوڪي ٻولين جي اهميت تي تقريبون ڪرايون وينديون ته جيئن اهڙا لائحه عمل طئي ڪيا وڃن جن سان اصلي ٻولين کي بچائي سگهجي.

Saturday, 23 February 2019


بين الاقوامي ٻولين جي ڏينهن تي مادري ٻولي جي اهميت ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت ۽ مستقبل تي سنڌ ٽيوي نيوز پروگرام صوفي لا ڪوفي ۾ 21 فيبروري 2019 بحث ڪيو.
اوهان وقت ڪڌي هي پروگرام ڏسو

https://www.youtube.com/watch?v=np_Jr1dSRy8&t=49s

Learning, Growth, and Success

Dr. Mazhar Ali Dootio In the dynamic landscape of personal and professional development, the principles of learning, growth, and success s...