Sunday 24 March 2019

سمنڊ سيويو جن ڪتاب تي تبصرو




ڪجه ڏينهن اڳ ڀائو ستار سومرو (پروفيسر ستار سومرو) جن جو ڪتاب سمنڊ سيويو جن مليو. جيڪو ڀائو ستار تمام گهڻي اڪير سان موڪليو. ان وقت ئي ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪري ڏنو. لکڻي ايتري سٺي ۽ شاندار آهي جو ڪتاب بند ڪري رکڻ تي دل ئي نه پئي چوي. ڀائو ستار سان تمام گهڻي پراڻي دوستي آهي تقريبن ويھ سال پراڻي دوستي. جڏهن لاڙڪاڻي رهندو هيس ته اڪثر باڊھ ۽ نصيرآباد وڃڻ ٿيندو هو ۽ وڏيون وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون. ڪچهري ۾ باڊه جي سنگت عرس ڀٽي، عادل عباسي، اظهار عباسي ۽ ڪجھ ٻيا دوست هوندا هئا. عادل عباسي سچ ۾ تمام گهڻو محبتي، مهمان نواز، ذهين، ڄاڻو ۽ انسانيت سان محبت ڪندڙ دوست آهي. باڊھ عادل کان سواِءِ اداس لڳندي آهي. عرس اندر ٻاهر هڪ آهي. هي به تمام گهڻو ذهين، سڄاڳ، قرب ۽ پيار ڏيندڙ دوست آهي. اظهار عباسي فقير صفت دوست ۽ اديب آهي. نه ڪا وڏائي اٿس ۽ نه ئي وري ڪا لالچ.  اهڙي طرح نصيرآباد ۾ ڀائو ستار سومرو، سندس ڀائر، عباس اوڊاڻو ، ڦلپوٽا برادران، محبوب عباسي ۽ ڪيترائي ٻيا دوست هوندا هئا. سچ ۾ اهو دور بهترين دور هو. ڀائو ستار جيترو مٺو ۽ محبتي ماڻهو آهي اوترو ئي وري مزاحيه به آهي. ان جون لڪل مزاڪون محفل کي مچائي رکنديون آهن. اسان جون ڪچهريون به خالص ادبي ۽ سماجي هونديون هيون. پر هاڻي نوڪري، مصروفيت ۽ فاصلن جي ڪري ملڻ ته تمام گهٽ ٿئي ٿو پر اسان سڀني جي دلين ۾ اڄ به محبت ۽ احترام ساڳيا آهن
پروفيسر ستار کي اسان سڀ دوست ڀائو ستار چوندا آهيون، پاڻ شاھ جو بهترين پارکو آهن اهڙي طرح شاھ سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿو
ڪتاب موڪلڻ لاءِ ڀائو ستار جو ٿورائتو آهيان جو مونکي هن ان قابل سمجهيو. ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ان تي ڪجھ لکڻ ضروري سمجهيم. اڄوڪي ڪاوش ميگزين ۾ منهنجو لکيل تبصرو ڇپيو آهي. جيتوڻيڪ تبصري جو وڏو حصو ڪٽيو 
ويو آهي پر پوءِ به هي تبصرو ڪتاب جي اهميت ۽ نياپي کي ضرور بيان ڪري ٿو. ڀائو ستار جنهن انداز سان ڀٽائي جي فلسفي کي پيش ڪيو آهي سو تمام گهڻو وڻندڙ ۽ اهم آهي. تنهنڪري هي ڪتاب دوستن کي پڙهڻ گهرجي. هي ڪتاب پيڪاڪ پبلشرز طرفان ڇپيو ويو آهي

http://www.thekawish.com/www3/Weekly/Wed-day/2019/24-03-2018/14.htm


1 comment:

  1. I really got into this article. I found it to be interesting and loaded with unique points of interest. I like to read material that makes me think. Thank you for writing this great content.

    Sindh news
    Daily sindhi news
    Sindhi Breaking News
    https://onlineindus.com/Sindhi/

    ReplyDelete

International Mother Language Day 2024: Linguistic Complexities in Pakistan and Global Impact

  Dr. Mazhar Ali Dootio International Mother Language Day, observed annually on February 21st, serves as a global platform to celebrate li...