Tuesday, 19 March 2019

عالمگيريت جي دور ۾ ٻولين جي بقا جو سوال

عالمگيريت جي دور ۾ ٻولين جي بقا جو سوال
مظهر علي ڏوتيو
(منهنجو هي آرٽيڪل روزاني سوڀ اخبار ۾ مارچ 19، 2019 تي ڇپيو آهي. )
https://www.dailysobh.com/epaper/preview.php?pre=archive/19-03-2019/Editorial.jpg

عالمگيريت دنيا کي هڪ عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ڪري رهي آهي ته جيئن دنيا ۾ ٺهندڙ سمورن وکرن جي پيداوار ۾ اضافو ٿي سگهي، رابطن ۾ سولائي سان اضافو ٿئي. اهڙي طرح پوري دنيا ۾ رابطن جو ڄار وڇائجي وڃي ۽ ماڻهو هڪ ٻئي سان آساني سان رابطو ڪري سگهن ۽ واپار جا وهنوار وڌائي سگهن. ان عمل جي ڪري ماڻهو گهر ويٺي  انٽرنيٽ جي ذريعي گهربل وکر، اثاثا حاصل ڪري سگهڻ سان گڏوگڏ ڄاڻ جا خزانا پڻ ڳولهي سگهن ٿا ۽ انهن کي استعمال به ڪري سگهن ٿا. ٽيڪنولوجي دنيا جي مڙني اثاثن کي ماڻهن اڳيان پيش ڪري ڇڏيو آهي. ايتري تائين جو انٽرنيٽ پنهنجي دنيا ۾ سرحدن کي  به ختم ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ڪو به ماڻهو ڪنهن به علائقي يا ملڪ ۾ ويهي ڪري دنيا جي ڪنهن به ملڪ جا آنلائين اثاٽا استعمال ڪري سگهي ٿو بلڪه گهر ويٺي دنيا جي بهترين يونيورسٽيز مان پڙهي به سگهي ٿو. تنهنڪري واپار، تعليم، سماجي ۽ سياسي رابطن وغيره کي عالمگيريت جي عمل تمام گهڻو آسان ڪري ڇڏيو آهي. عالمگيريت جو مقصد دنيا ۾ رهندڙ ماڻهن کي خوشحال ڪرڻ سان گڏ انهن جي سماجي ۽ سياسي حيثيت کي ترقي ڏيارڻ آهي. اهڙن ملڪن ۽ قومن کي اڳتي آڻڻ آهي جيڪي ڪيترن ئي سببن جي ڪري ترقي نه پيا ڪري سگهن ۽ سماجي مسئلن ۾ وڪوڙبا وڃن پيا.  دنيا جا ترقي يافته ملڪ ۽ ماڻهو ان ترقيءَ جو ڀرپور فائدو وٺي رهيا آهن. هو پنهنجو واپار، آمدني، تعليمي ۽ سماجي ذريعا وڌائي رهيا آهن اهڙي طرح هو خوشحال ٿي رهيا آهن. گهٽ ترقي يافته ملڪ وري ان عالمگيريت جي عمل مان فائدو نه وٺي رهيا آهن بلڪه ڪٿي ڪٿي پاڻ کي نقصان ڏئي رهيا آهن. مثال طور انٽرنيٽ کان فائدو وٺڻ بجاءِ پنهنجو قيمتي وقت سماجي رابطن جي اوزارن ۽ گهٽ اهم ڪمن تي وڃائي رهيا آهن. جڏهن ته ڪجھ  فرد يا ملڪ  وري ان عمل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مڪمل ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ ننڍا وڏا واپار ڪري رهيا آهن پر انهن جو تعداد گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته اهي عالمگيريت اڃا تائين صحي طريقي سان سمجهي نه سگهيا اهن.  اهڙي طرح جيڪي ماڻهو عالمگيريت ٿورو گهڻو سمجهي رهيا آهن ته اهي وري پنهنجي ٻولي، ثقافت وغيره کي به داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا ته عالمگير ٿيڻ لاءِ يا عالمگيريت مان فائدو وٺڻ لاءِ بين الاقوامي ٻولي کي پنهنجي ٻولي بڻائڻو پوندو. تنهنڪري عالمگيريت جي ترقي جي ڪري دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين  ۽ ثقافتن کي نقصان به پهچي رهيو آهي بلڪه ڪيتريون ٻوليون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيتريون وري ختم ٿيڻ جي عمل ۾ آهن. ماڻهو انٽرنيٽ تي عالمي ٻولي جو استعمال ڪن ٿا ۽ پنهنجي ٻولين کي وساريندا وڃن پيا. اهڙي قسم جا ماڻهو پنهنجي ٻارن سان به بين الاقوامي ٻولين ۾ ڳاله ٻوله ڪن ٿا ۽ انهن ٻولين ۾ تعليم ڏيارين ٿا ته جيئن هنن جا ٻاربين الاقوامي ٻوليون آساني سان سکي  ۽ ڳالهائي سگهن ۽ مستقبل ۾ ڪنهن  وڏي مقام تي پهچي سگهن. ان سوچ جا ماڻهو پنهنجي ٻارن کي پنهنجي مادري ٻولين کان پري ڪندا وڃن پيا. جيتوڻيڪ عالمگيريت جي دور ۾ دنيا جي ٻولين تي خاص توجھ ڏني وڃي پئي ۽ انهن جي ترقي ۽ جياپي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو وڃي پيو. عالمگيريت جي ڪا سرحد ڪون آهي ان ڪري اها پوري دنيا کي هڪ وڏي عالمگير ڳوٺ ۾ تبديل ڪري رهي آهي ان لاءِ عالمگيريت دنيا جي سمورين بولين کي زنده رکڻ چاهي ٿي ته جيئن ماڻهن پنهنجي ٻولين ۾ پنهنجا مسئلا، رايا، ڳالهيون، ڪم وغيره ٻڌائي سگهن. اها هڪ حقيقت آهي ته ڪو به فرد ڪنهن به قسم جو مسئلو پنهنجي ٻولي ۾ بهتر طريقي سان ٻڌائي سگهي ٿو. ان سوچ تي عمل ڪندي عالمگيريت دنيا جي سمورين ٻولين کي عالمگيرٻولي  بڻائي رهي آهي ته جيئن سموريون ٻوليون زنده رهي سگهن ۽ هر هڪ لاءِ سمجهڻ جهڙيون بڻجي سگهن. ان لاءِ ڪمپيوٽيشنل لسانيات ۽ نيچرل لينگوئجز پروسس، مشين لرننگ ۽ ڊيپ لرننگ تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي ته جيئن دنيا جون سموريون ٻوليون استعمال جي قابل بڻجي سگهن ۽ مشين يعني ڪمپيوٽر وغيره انهن ٻولين کي سمجهي سگهي  ته جيئن واپار ، تعليم ۽ رابطن ۾ اضافو ۽ آساني ٿئي. پر پٺ تي پيل ملڪ ۽ عوام ٽيڪنولوجي جي ان ترقي کي نه سمجهندي،  پنهنجي ٻولين کي ڇڏي ڌارين ٻولين کي پنهنجون ٻوليون بڻائي رهيا آهن. هن وقت دنيا جا ڪيترائي ملڪ ۽ قومون پنهنجين ٻولين لاءِ لفظن جو ڄار (ورلڊ نيٽ) ٺاهي رهيا آهن جيڪو عالمگيريت اختيار ڪري رهيو آهي ۽ يونيورسل ڊپينڊنسي تحت پنهنجي ٻولين تي ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن دنيا جون سموريون ٻوليون هڪ عالمي  گرامر ۽ لفظن جي ڄار جي ذريعي استعمال ٿي سگهن ۽ ماڻهن کي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي پر گهٽ ترقي يافته ملڪ يا قومون عالمگيريت يا گلوبلائيزيشن جي  گهرجن کي نه سمجهندي ، پنهنجي خاندان کي گهڻو پڙهيل لکيل ظاهر ڪرڻ ۽ عالمگيريت جي چڪر ۾ پنهنجي ٻولين ۽ ثقافت کي ختم ڪري رهيا آهن.
ٻولي نه صرف رابطن جو اوزار آهي پر هڪ  مڪمل نظام آهي، جيڪا قوم، تهذيب ۽ ثقافت  جي سڃاڻپ آهي. ماڻهو ۽ سماج کي انهن جي ٻولي جي ڪري سڃاڻي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪي ماڻهو ڪا ٻولي نه ڳالهائين ته انهن کي ڪو به سڃاڻي نه سگهندو ته هي ڪير آهن، ڪهڙي قوم يا قبيلي سان تعلق رکن ٿا ۽ هنن جي ڌرتي ڪهڙي ۽ ڪٿي آهي؟  ٻولي جي ختم ٿيڻ سان سماج ختم نه ٿيندا آهن پر سماج يا قوم يا ڌرتي جي سڃاڻپ ضرور ختم ٿي ويندي آهي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ڪنهن به قوم کي زنده رکڻ لاءِ ان قوم جي ٻوليءَ جو وجود ضروري آهي. هن وقت دنيا جون ڪيتريون ئي ٻوليون ختم ٿينديون وڃن پيون، جنهن جا ڪيترا ئي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. اقوم متحده جي رپورٽ مطابق 6000 هزار ٻولين مان 43 سيڪڙو ٻوليون ختم ٿيڻ تي آهن. انهن ۾ اصلي يا انڊيجينيس ٻوليون به شامل آهن بلڪه اصلي يا ديسي ٻولين جي اڪثريت آهي. اصلي ٻولين جو ختم ٿيڻ ته تمام خطرناڪ آهي ڇاڪاڻ ته اصلي ٻولي جو ختم ٿيڻ صرف ان ٻولي جو ختم ٿيڻ نه آهي بلڪ ان ٻولي سان لاڳاپيل قوم، تهذيب ۽ ثقافت جو خاتمو پڻ آهي ، تنهنڪري جڏهن به ڪا ٻولي ختم ٿي ويندي آهي ته هو پاڻ سان گڏ پنهنجي ڌرتي، تهذيب، ثقافت ۽ قوم کي به ختم ڪري ڇڏيندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اقوام متحده هي سال اصلي يا ديسي ٻولين جو سال ڪري ملهائي پئي ته جيئن اصلي ٻولين کي ختم ٿيڻ کان بچائي سگهجي.
قوام متحده هر سال 21 فيبروري تي ٻولين جو ڏينهن ملهائيندي آهي جيڪو دنيا جي سمورين قومن لاءِ اهم ڏينهن هوندو آهي ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن تي دنيا جون مختلف قومون پنهنجي ٻولين کي زنده رکڻ لاءِ پاڻ سان وچن ڪنديون آهن ۽ عوام ۾ ٻولي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف قسم جا پروگرام ترتيب ڏينديون آهن ته جيئن مادري ۽ ديسي ٻولين کي بچائي سگهجي. مادري ٻولين جو ڏينهن سن 2000ع کان ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن کي ملهائڻ جي رٿ 1999ع ۾ اقوام متحده جي اجلاس ۾ رکي وئي جنهن کي سمورن ميمبرس طرفان مڃيو ويو. 21 فيبروري جي تاريخ هڪ بنگلاديشي رفيق الاسلام جي مشوري تي مقرر ڪئي وئي ، جنهن 1998ع ۾ ان وقت جي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان کي درخواست ڏني هئي ته دنيا جي مادري ٻولين کي بچائڻ جو بين الاقوامي ڏينهن ملهايو وڃي. رفيق الاسلام پنهنجي درخواست ۾ مادري ٻولين جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ بنگالي ٻولي کي بچائڻ جي جدوجهد جو به ذڪر ڪيو هو. هن خط ۾ ڄاڻايو هو ته 1952ع ۾ بنگلاديشي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجي ڏيڻ لاءِ هڪ تحريڪ هلي هئي جنهن ۾  بنگلاديشي شاگرد مري ويا هئا. ان وقت هن اهو به مشورو ڏنو هو ته بنگلاديش جي مري ويل شاگردن جي ياد کي زنده رکڻ لاءِ 21 فيبروري جو ڏينهن مقرر ڪيو وڃي. ڪوفي عنان به ان صلاح کي مڃيندي بين اقوامي مادري ٻولين جو ڏينهن هر سال 21 فيبروري تي ملاهڻ جو اعلان ڪيو هو. اهڙي طرح هر سال مادري ٻولين جو ڏينهن مختلف عنوانن سان ملهايو وڃي ٿو. سال 2019 کي عالمي اصلي يعني انڊيجينيس ٻولين جو سال ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي اهڙي طرح هن سال ۾ اصلي يا ديسي ٻولين کي ختم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي. مختلف فورمز تي پروگرام ڪيا ويندا ۽ اصلوڪي ٻولين جي اهميت تي تقريبون ڪرايون وينديون ته جيئن اهڙا لائحه عمل طئي ڪيا وڃن جن سان اصلي ٻولين کي بچائي سگهجي.

No comments:

Post a Comment

Learning, Growth, and Success

Dr. Mazhar Ali Dootio In the dynamic landscape of personal and professional development, the principles of learning, growth, and success s...