Monday 15 August 2022

تحقيق، محقق ۽ تحقيقي رويا

 

ڊاڪٽر مظھر علي ڏوتيو


دنيا ۾ تبديلين جو اهم سبب تحقيق ئي رهي آهي. تنهنڪري ڪنهن به سماج لاءِ تحقيق ۽ محقق اهم هوندا آهن. تحقيق محقق جي سڃاڻپ هوندي آهي تنهنڪري محقق کي تحقيق ڪرڻ دوران تحقيق جي هر پهلو جو خيال رکڻ گهرجي ته جيئن مقالو تحقيقي قانون ۽ قاعدن مطابق هجي ۽ نتيجا به تحقيق جي مقصدن مطابق هجن. بھتر نتيجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ بھتر طريقيڪار يا ميٿوڊولوجي جي ڊزائين اھم ھوندي آھي. هڪ ڳاله محققن کي ياد رکڻ گهرجي ته غير معياري تحقيق ڪنهن نه ڪنهن سطح تي شرمندگي جو باعث ضرور بڻبي آهي. ڪجھ ماڻهو مقالن جي گهربل تعداد کي پورو ڪرڻ لاءِ يا پنهنجي تحقيقي مقالن جو تعداد وڌائڻ لاءِ مڙئي سڙئي مقالا لکي ڪنهن نه ڪنهن تحقيقي جرنل ۾ ڇپرائيندا آهن پر انهن مقالن جو معيار ڪو خاص نه هوندو آهي يا وري ڪي ماڻهو شروع ۾ غير معياري تحقيق ڪندا آهن جيڪا ڪنهن جرنل يا ڪانفرنس ۾ شايع ٿيندي اهي پر اڳتي هلي جڏهن انهن جي تحقيق معياري ٿي ويندي آهي ۽ دنيا جا تحقيق ڪندڙ ماڻهو انهن جي تحقيق کي پڙهندا آهن ۽ حوالا ڏيندا آهن ته ان وقت اهي محقق پنهنجي پراڻي تحقيق کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن هو ڪنهن قسم جي شرمندگي کان بچي سگهن
اسان وٽ هڪ ٻيو به رجحان آهي. ڪي تحقيق ڪندڙ پنهنجي شعبي کان سواءِ ٻين شعبن ۾ ٿيندڙ تحقيقي ڪم ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جنهن سان ڪا معياري تحقيق سامهون نه ايندي آهي. اهو رجحان ايترو ته وڌندو وڃي پيو جو ماڻهو پنهنجا نالا ٻين شعبن جي تحقيقي مقالن ۾ دوستي ياري جي رشتي سان به شامل ڪرائين ٿا، جيڪو تمام غلط ڪم اهي. مثال طور هڪ ماڻهو جي تحقيقي ڊگري ٻولي ۾ هجي ۽ هن جا مقالا وري ميڊيسن يا معاشيات ۾ ڇپجن ته اها هن جي پنهنجي فيلڊ ۽ ٻي فيلڊ سان زيادتي آهي. ااهو ئي سبب اهي جو اسان جو سماج، اسان جا تعليمي ۽ تحقيقي ادارا وغيره اڃا ڪا واضح ترقي نه ڪري سگهيا آهن. اسان وٽ اڪثر محقق تحقيقي حد بندين، قانون ۽ قاعدن جو خيال ڪون ڪن پيا. ھن موضوع تي منھنجو تفصيلي وڊيو موجود آھي جيڪو توھان سان ونڊجي ٿو. وڊيو کي ڏسڻ لاءِ ھيٺين لنڪ کي کوليو. اوھان ڪمينٽ باڪس ۾ پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو
https://www.youtube.com/watch?v=g79DhBmpNSA

4 comments:

  1. Digital Dreams and Imaginations16 August 2022 at 16:32

    Very good blog on research and researcher. No doubt research should be significant and useful. If it is not useful for society or concern domain than it is useless.

    ReplyDelete
  2. بھترين ❤️

    ReplyDelete
  3. انتهائي ڪارائتو موضوع سائين❤️

    ReplyDelete
  4. I appreciate your write up it is commendable

    ReplyDelete

International Mother Language Day 2024: Linguistic Complexities in Pakistan and Global Impact

  Dr. Mazhar Ali Dootio International Mother Language Day, observed annually on February 21st, serves as a global platform to celebrate li...