منهنجو هي آرٽيڪل پندرنهن روزا افيئرس ۾ 15 جولاءِ 2019 تي ڇپيو. هن آرٽيڪل پڙهڻ سان اوهان کي ٽيڪنولوجي جي اهميت، ان جو مستقبل ۽ اسان ڪٿي بيٺا آهيون جي ڄاڻ ملندي
ڊجيٽل دور، ٽيڪنولوجي ۽ مدي خارج رويا
مظهر علي ڏوتيو
مختلف دورن ۾ ترقي ۽ تبديلي جا مختلف سبب رهيا
آهن جن کي مشين جي ايجاد کان پوءِ جو دور ۽ مشين جي ايجاد کان اڳ جي دور ۾ ورهائجي
ٿو. مشين کان اڳ جو دور هڪ عام رواجي دور هيو جنهن ۾ ڪا خاص ترقي نه ٿي هئي البته
سماج جي ترقي لاءِ ڪجھ بنيادي ٽيڪنولوجي جا اوزار، سماجي ۽ سائنسي نظريا پيش ڪيا ويا هئا. مختلف
قسم جون تهذيبون وجود ۾ آيون جن سماجن ۾ رهڻي ڪهڻي ۽ مهذب سماجن جو بنياد وڌو. مشين جو دور مشين جي ايجاد کان پوءِ جو دور آهي
جنهن ۾ ڪمپيوٽر، ڪميونيڪيشن جي اوزارن ، انفرميشن ٽيڪنولوجي ۽ انڊسٽريل ڊولپمينٽ
اهم ڪردار ادا ڪيا آهن. هي دور انفرميشن ٽيڪنولوجي جو دور يا ڊجيٽيل دور آهي. هن
دور کي ڪمپيوٽر، ڪميونيڪيشن، ملٽيميڊيا، اليڪٽرانڪس، انفرميشن ٽيڪنولوجي، بايوٽيڪ،
جينيٽڪ انجنيئرنگ، آٽوميٽوِ ٽيڪنولوجي ۽ ايئرواسپيس ٽيڪنولوجي ڊجيٽل دور بڻايو
آهي. هاڻي ماڻهو ڪمپيوٽر ذريعي هر قسم جو ڪم ڪن ٿا. اڳ ۾ ماڻهو مختلف قسم جا ڪم
هٿراڌو طريقن سان ڪندا هئا پر هينئر ڪمپيوٽر مشين هر ڪم کي ڊجيٽل طريقن سان ڪري
پئي. 1940 ۾ آئي بي ايم مارڪ ون ڪمپيوٽر کي مارڪيٽ ۾ آڻي ماڻهن کي حيران ڪرڻ سان
گڏوگڏ ڊجيٽل دور جي شروعات ڏانهن هڪ قدم پڻ کنيون. اهڙو طرح 1960 کان پوءِ
ڪميونيڪيشن کي ڪمپيوٽر سان ڳنڊي انفرميشن ٽيڪنولوجي جي شروعات ڪئي وئي جنهن ذريعي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن
جي باقائده شروعات ڪئي. انهي دور ۾ ايلن ٽيورنگ انٽيليجنٽ مشين جو خيال پيش ڪري
آرٽيفيشل انٽيليجنس يا هٿراڌو ڏاهپ جو بنياد وڌو. ڪمپيوٽر ۽ ڪميونيڪيش جي ترقي جي
ڪري ڊجيٽل ايج يا دور جي شروعات ڪئي وئي. مختلف قسم جا ادارا پنهنجو ڪم ڪمپيوٽر
ذريعي ڪرڻ لڳا. آئي سي جي ايجاد ته دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. ان سان ڪمري جيڏيون
وڏيون شيون ننڍڙي شين ۾ تبديل ٿي ويون. پهريان ڪمپيوٽر هڪ ڪمري جيڏا هوندا هئا پر
1970 واري ڏهاڪي کان پوءِ ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر وجود ۾ آيا جن دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي کي تيز ڪري ڇڏيو. 1990 کان
پوءِ انٽرينيٽ پوري دنيا لاءِ عام ڪئي وئي جيڪا اهم سبب ۽ بنياد آهي موجوده ڊجيٽل
دور جي. مائڪروسوفٽ ونڊوز آپريٽنگ سسٽم ۽ آفيس ايپليڪيشنز ذريعي ڪمپيوٽر کي عام
ماڻهن لاءِ آسان بڻائي ڇڏيو ۽ ان ۾ نيٽورڪنگ ۽ انٽرنيٽ جي سهولت به ڏني جنهن سبب
رابطن ۾ تيزي آئي. ملٽيميڊيا ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ملائي ڇڏيو اهڙي طرح ڪيترائي
سائنٽيفڪ، ميڊيسن ۽ سماجي مسئلا ملٽيميڊيا ذريعي حل ڪيا ويا. ماهر ملٽيميڊيا ذريعي
پنهنجي ادارن ۾ ويهي ڪري پوري دنيا سان ڳنڊيل رهن پيا. اليڪٽرانڪ ميڊيا پوري دنيا
۾ پيش ايندڙ واقعن کي سيڪنڊس ۾ پوري دنيا آڏو رکي ڇڏي ٿي. هاڻي دنيا انٽرنيٽ ذريعي
گلوبل ڳوٺ بڻجي پئي آهي. پوري دنيا جا ادارا ۽ فرد هڪ ٻئي سان انٽرنيٽ ڳنڍيل رهن ٿا.
ان عمل جي ڪري دنيا ڊجيٽل ايج ۾ داخل ٿي وئي آهي.
موجوده
ٽيڪنولوجيڪل دور دنيا کي تمام گهڻي ترقي ڏياري آهي تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي ترقي ۽ مختلف قسم جي تبديلين جو هڪ اهم
ڪارڻ ٽيڪنولوجي به رهي آهي. ٽيڪنولولجي
مختلف دورن ۾ مختلف طريقن سان استعمل
ٿيندي رهي آهي تنهنڪري هن کي صرف موجوده دور تائين محدود نٿو ڪري سگهجي. اها ٽيڪنولوجي سنڌ ۾ ڦيٿي يا ٻيڙي ٺاهڻ لاءِ
استعمال ٿي هجي يا ڊرينيج جي نظام ٺاهڻ لاءِ ، ان ٽيڪنولوجي ڳڻپ کي آسان ڪرڻ لاءِ
اباڪس کي ٺاهيو هجي يا وري رابطن لاءِ ٽيليفون، فيڪس يا ٻيا مختلف اوزار ٺاهيا هجن،
اها ٽيڪنولوجي موجوده دور جو ڪمپيوٽر ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي هجي يا وري روبوٽ ٺاهڻ
لاءِ استعمال ٿيئي پئي پر دنيا ۾ اهم تبديلين جو سبب ضرور رهي آهي. ٽيڪنولوجي جو
مطلب ئي آهي ته اهڙو علم يا اهڙي ڄاڻ جيڪا هنر، مهارت ، فن ۽ مخصوص طريقن ۽ عملن
ذريعي حاصل ٿئي ۽ جنهن سان ڪا نئين شئي يا اوزار ٺاهجي. موجوده دور ۾ ٽيڪنولوجي جو
اهم ڪردار رهيو آهي جنهنڪري دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو
ته ٽيڪنولوجي دنيا ۾ هڪ اهڙو انقلاب برپا ڪيو آهي جنهن ذريعي دنيا هڪ وڏي ڳوٺ ۾
تبديل ٿي رهي آهي. ٽيڪنولوجي دنيا ۾ موجود
بنيادي اساسن جي فطرت يا نيچر کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ۾ شيون يا ويسيلا هٿراڌو
طريقن سان استتعمال ڪبا هئا پر هاڻي انهن جي اڪثريت خودڪار طريقن سان استعمال ٿئي
پئي. جيتوڻيڪ اڃا تائين دنيا جو نقشو ته ساڳيو آهي پر ان ۾ موجود وسيلن ، ماڻهن جي
فطرت ۽ سوچ کي ٽيڪنولوجي تبديل ڪري رهي آهي. اڳ ۾ ماڻهو پنڌ ۽ جانورن جي سواري وسيلي
هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين پهچندا هئا پر هينئر تيز رفتار گاڏيون ۽ جهاز ماڻهو کي هڪ
جڳھ کان ٻي جڳھ تائين تمام ٿوري وقت ۾ پهچائي ڇڏين ٿا. اڳ ۾ ٻولي سکڻ لاءِ تمام
گهڻو وقت ڏيڻو پوندو هو پر هينئر ٽيڪنولوجي جي ڪري پنهنجي ٻولين کي دنيا جي مختلف
ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگهجي ٿو اهڙي طرح دنيا جي مختلف ٻولين کي پنهنجي ٻولي ۾ ترجمو
ڪري سگهجي ٿو. خودڪار نظام ماڻهن ۽ روبوٽس کي دنيا جون مختلف ٻوليون سيکاري رهيا
آهن جنهن سبب دنيا عالمگير ڳوٺ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. اڳ ۾ نياپي، خط ، تار يا فون
وغيره ذريعي مائٽن، دوستن سان رابطو ڪري سگهبو هو پر هينئر ٽيڪنولجي ان عمل کي
ايميل، موبائيل فون، وڊيو فون وغيره جي ذريعي آسان ۽ وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهن
پنهنجي رابطن کي ٽيڪنولوجي جي مختلف اوزارن ذريعي تيز ۽ ڪارائتو ڪري ڇڏيو آهي.
تنهنڪري هاڻي ٽيڪنولوجي تبديلي جو اهڃاڻ بڻبي وڃي پئي. ماڻهن لاءِ آساني ۽ سهولتون
پيدا ڪري پئي. روزگار جا ويسيلا پيدا ڪري رهي آهي. ديس پرديس جو فرق ختم ڪري رهي
آهي. دنيا کي هڪ ڳوٺ ۾ تبديل ڪري رهي آهي.
ٽيڪنولوجي جي ترقي جي ڪري ٿورو وقت اڳ ٺهيل
اوزار ختم ٿيندا وڃن پيا. ڪجھ وقت اڳ وي سي آر اسان جي لاءِ اهم اوزار هئي جنهن
ذريعي فلمون ۽ ٻيون وڊيوز ڏسندا هئاسين پر هينئر وي سي آر جي ڪا اهميت نه رهي آهي.
آڊيو ڪيسيٽ تمام گهڻي اهم هوندي هئي. هر ماڻهو پنهنجي پسند جي فنڪار جي ڪيسيٽ وٺي
ايندو هو پر هينئر ڪو ماڻهو اها ڪيسيٽ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي ڇاڪاڻ ته نئين ٽيڪنولوجي
انهن اوزارن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح ٿوري ٿوري وقت ۾ ٺهيل اوزارن ۾ تبديلي
ايندي وڃي پئي ۽ پراڻا اوزار ڪنهن ڪم جا نٿا رهن. ٽيڪنولوجي جي ترقي جي ڪري ٺهندڙ
اوزارن جي قيمت به گهٽجي رهي آهي، جنهنڪري ڪو نئون اوزار وٺڻ ۾ ڪا گهڻي معاشي
تڪليف نه پئي ٿئي.
انفرميشن ٽيڪنولوجي نه صرف رابطن جو ڄار وڇائي
ڇڏيو آهي پر انهن ۾ جدت به پيدا ڪئي آهي، جنهن ذريعي ماڻهو ۽ مختلف قسم جون مشينون
هڪ ٻئي سان پوري دنيا ۾ سيڪنڊس کان به گھٽ وقت ۾ رابطو قائم ڪري وٺن ٿا. ميڊيا جا
مختلف قسم انفرميشن ٽيڪنولوجي ذريعي دنيا کي ڄاڻ، خبرون وغيره مهيا ڪري رهيا آهن.
انفرميشن ٽيڪنولوجي انفراسٽرڪچر يا بناوٽ جي ذريعي دنيا ۾ وڏا وڏا نيٽورڪ ۽ ڪلائوڊ
قائم ٿي رهيا آهن. ڪمپيوٽر سائنس مختلف قسم جا سوفٽويئر ٺاهي دنيا ۾
موجود مسئلن جو حل پيش ڪري رهي آهي. واپار کي هٿي ڏيارڻ ۾ به ڪمپيوٽر سائنس ۽
انفرميشن ٽيڪنولوجي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڪمپيوٽر سائنس ايترو اڳتي نڪري وئي آهي جو
ڪمپيوٽر يا ڪنهن به مشين کي ڪنهن مخصوص شعبي جي سکيا ڏئي ان کي ماهر بڻايو
وڃي ٿو. مثال طور ڪمپيوٽر کي بولي سکڻ،
گرامر جو صحيح استعمال ڪرڻ، ماڻهن جي لکڻ يا ڳالهائڻ مان احساسن ۽ راين کي ڳولهڻ
جي سکيا ڏيڻ کان پوءِ ان کي انهن شعبن ۾ هڪ ماهر طور استعمل ڪري سگهجي ٿو. ايتري
تائين جو ڪنهن مشين کي سکيا ڏئي ان کان خودڪار طريقي سان ڊرائيونگ ڪرائي وڃي پئي،
فيڪٽريز وغيره ۾ ڪم ورتو وڃي پيو، ڪمپيوٽر کي سکيا ڏئي شاعر، ۽ ڳائڻو بڻائي سگهجي
ٿو. اهائي مشين ترجمي لاءِ استعمال ٿئي ٿي.
ماڻهن جي تڪليفن مطابق انهن جوعلاج ڪري ٿي، زمين کان ٻاهر چنڊ ۽ مريخ وغيره جون
ڳالهيون ٻڌائي ٿي. موسم، بارشن، ٻوڏن
وغيره جي باري ۾ اڳواٽ خبرون ڏئي پئي.
موجوده دور انڊسٽريل انقلاب جو دور آهي جيڪو
ٽيڪنولوجي جي ترقي جو چوٿون دور آهي. هن دور ۾ ٽيڪنولوجي مصنوعي ترقي يا آرٽيفيشل
انٽيليجنس ذريعي تمام گهڻي ترقي ڪري رهي آهي. روبوٽڪس، نيچرل لينگوئجز پروسس، مشين
لرننگ، ڊيپ لرننگ ۽ اليڪٽرانڪ جيوگرافي وغيره جي ترقي ۽ استعمال جي ڪري دنيا سسندي
وڃي پئي ۽ تيزي سان عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. قئانٽم ڪمپيوٽنگ جو نظام موجوده ڪمپيوٽنگ کي تبديل ڪري رهيو آهي،
هي ڪمپيوٽنگ جو نظام ٽيڪنولوجي کي وڌيڪ جدت ڏيندو ۽ دنيا کي حيران ڪن نتيجا مهيا
ڪندو. جيڪا ڳالھ اسان جي تصور ۾ به ناهي سا ٽيڪنولوجي ذريعي ٿيندي. ان ٽيڪنولوجي
جي ترقي ۾ سڀ کان اهم ڪردار ڪمپيوٽر سائنس، سسٽم انجنيئرنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس،
انفرميشن ٽيڪنولوجي ، اليڪٽرانڪ انجينئرنگ، ميڪاٽرانڪس ۽ بايوميڊيڪل ٽيڪنولوجي
وغيره جو هوندو.
ناسا ۽ ڪجھ ٻيون تنظيمون ٽيڪنولوجي جي ترقي لاءِ
اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هٿراڌو ڏاهپ جي ذريعي نوان نوان اوزار ٺاهيا وڃن پيا،
مختلف قسم جي مرضن لاءِ نوان ۽ بهترين علاج جا طريقا استعمال ڪيا وڃن پيا.
ڪمپيوٽرائزيد اوزاز گاڏي يا ٽيڪسي هلائيندڙ ڊرائيور جي حالت کي چڪاس ڪري رهيا آهن
ته ڪٿي ڊرائيور نشي جي حالت ۾ ته نه آهي، خودڪار نظام جي ڪري پنهنجو پاڻ گاڏيون
هلن پيون ۽ ماڻهن کي گهربل جڳهن تي پهچائن پيون، 5جي انٽرنيٽ جي بنياد تي نوان
ڊرون ٺاهيا وڃن پيا ۽ انهن جو استعمال انٽرنيٽ جي ترقي لاءِ ڪيو وڃي پيو وڃي، ان
لاءِ سولر پينل استعمال ڪيا وڃن پيا. 5جي بيسڊ انٽرنيٽ 4جي کان 40 دفعا وڌيڪ
انٽرنيٽ جي اسپيڊ مهيا ڪندي. اهڙي طرح رابطن ، ڊيٽا ۽ انفرميشن جي وسيلن ۾ تيزي
اچي ويندي. ڊيٽا ۽ ٻين اهم اوزارن کي اسٽور ڪرڻ لاءِ 3ڊي اسٽوريج مهيا ڪئي وڃي پئي
جيڪا آن لائين اسٽوريج کي وڌائي پئي ۽ وڌائيندي رهندي تنهنڪري ماڻهن کي پاڻ سان گڏ
فائيل وغيره کڻڻ جي ضرورت ئي نه آهي. بس آن لائين پنهنجو اڪائونٽ ٺاهين ۽ پنهنجي
ڊيٽا ۽ ٻين سوفٽ شين کي آن لائين اسٽور ڪن ۽ جتي چاهين کولين ۽ پنهنجو ڪم ڪن. ان
سان ڊيٽا وغيره محفوظ به رهندي. بايو
فريزر تي ڪم هلي رهيو جيڪي بغير دروازن ۽ خانن جي هونديون. انهن ۾ جيلي هوندي،
جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو سامان رکيو ويندو. اهي فريزير تمام گهٽ بجلي استعمال
ڪنديون. ان کان سواءِ ٽيڪنولوجي کي
استعمال ڪندي، سائنسدانن آڪيسجن جو انجيڪشن ٺاهين پيا جيڪي بيمار ماڻهن يا ساھ جي مرض
۾ مبتلا مريضن کي لڳايون وينديون جيڪي انهن کي ساھ کڻڻ ۾ مدد ڪنديون. ايتري تائين
اگر ماڻهو ڪن سببن جي ڪري ساھ نه پيا کڻي
سگهن ته به انهن کي آڪيسيجن ملندي. اها انجيڪشن يا سئي انهن ماڻهن کي به فائدو
ڏيندي جيڪي اهڙي جڳھ تي وڃن ٿا جتي آڪسيجن موجود نه آهي يا گهٽ آهي. ٽيڪنولوجي جي
ترقي جي ڪري دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ پاڻي جي اندر رستا يا ٽنل ٺاهيا وڃن پيا جن
ذريعي ڳاڏيون هڪ شهر کان يا هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ يا شهر تائين آساني سان پهچنديون. انهن
گاڏين ۾ ايڪسيڊنٽ به ڪون ٿيندا.
سماجي رابطن جي اوزارن دنيا ۾ رهندڙ ماڻهن کي
پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. ماڻهو پنهنجا، پنهنجي قوم ۽ ملڪ جا مسئلا انهن سماجي رابطن
جي ويبسائيٽس تي هڪ ٻئي سان ونڊي رهيا آهن. هر خوشي ۽ ڏک جي خبر منٽن ۾ سمورن
دوستن ۽ مائٽن سان ونڊيون وڃن ٿيون. اهڙي طرح انهن ويبسائيٽس ماڻهن جا پوري دنيا ۾
دوست پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ فيس بڪ، ٽوئيٽر، ماءِ اسپيس، انسٽاگرام، واٽس
اپ، گوگل پلس، لنڪڊ ان وغيره اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهي اوزار واپار جي
واڌاري لاءِ پڻ تمام گهڻيون سهولتون مهيا ڪري رهيا آهن. جيڪي ماڻهو ٿوري ناڻي سان
ڪو به ڌنڌو شروع ڪرڻ چاهين ٿا ته اهي انهن اوزارن جي ذريعي بهتر واپار ڪري پئسا
ڪمائي سگهن ٿا. سماجي ۽ سياسي تنظيمون يا فرد سماجي رابطن جي ويبسائيٽس ذريعي سماج
کي سڌارڻ جا ڪم ۽ سياسي ڪم ڪن ٿا. ڪن ملڪن ۾ ته انهن ويبسائيٽس جي ڪري تبديليون به
آيون آهن. ڪيترن ئي بي پهچ ماڻهن کي انهن ويبسائيٽس جي ڪري تمام گهڻي مدد ملي آهي
۽ انهن جا مسئلا حل ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترن جا وري مسئلا حل ٿي رهيا آهن. سرچ انجنس يا ڳولها جي ويبسائيٽس جي ذريعي مختلف
قسم جي ڄاڻ ۽ ڊيٽا حاصل ٿي رهي آهي. گوگل سرچ انجن ويبسائيٽس جو بهترين مثال آهي.
ڪنهن به موضوع تي تمام گهڻي ڊيٽا ملي وڃي ٿي. آن لائينز ڊڪشنريز ذريعي ڏکين لفظن
جي معنا ڏسي سگهجي ٿي. تحقيقي ڪم ۾
انٽرنيٽ ٽيڪنولوجي جي ذريعي پڻ اضافو ٿيو آهي. تحقيق لاءِ گهربل مواد ۽ اوزار آن
لائين ملي وڃن ٿا. اهڙي طرح مختلف قسم جا جرنلس پڻ آن لائين آهن جيڪي تحقيق جي ڪم
کي ٻين ماڻهن ۽ ادارن تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
مستقبل ۾ ڪمپيوٽر سائنس، انفرميشن ٽيڪنولوجي ،
مصنوعي ڏاهپ ۽ رابطي جي نون طريقن ذريعي دنيا جي بناوٽ تبديل ٿي ويندي. اها تبديلي
ايتري ته وڏي هوندي جو شايد موجوده دور جو انسان ان تبديلي کي تسليم ئي نه ڪري پر
اها تبديلي هڪ حقيقت آهي جيڪا ضرور ايندي. تنهنڪري اسان پنهنجي نئين نسل کي سائنس
۽ ٽيڪنولوجي جي تعليم ڏيون ته جيئن هو هر دور سان گڏ هلي سگهن. ايندڙ وقت ۾
موبائيل فون هڪ ننڍڙي چپ ۾ تبديل ٿي ويندي جنهن ذريعي پوري دنيا سان آساني سان
رابطو ڪري سگهبو. هولوگرام ٽيڪنولوجي ذريعي ماڻهو هڪ ٻئي جي سامهون هوندا. هٿراڌو
چنڊ ٺاهيو وڃي پيو جيڪو روشني فراهم ڪندو.
ٽرانسپورٽيشن جا ذريعا تبديل ٿي ويندا،
اهڙي طرح ماڻهو پکين وانگر هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين اڏري پهچندا ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو
سان گڏ اليڪٽرانڪ پر هوندا جن ۾ بيٽري لڳل
هوندي جيڪا ماڻهن کي اڏاري هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين پهچائيندي. جڏهن ته دنيا ۾
ڳالهائيندڙ سموريون ٻوليون ڪائناتي گرامر يا عالمي گرامر تحت ڪم ڪنديون جنهنجو
مطلب ٿيو ته هر ٻولي کي پنهنجو گرامر ته هوندو پر اها ٻولي عالمي گرامر تحت وري
ٻين ٻولين سان ڳنڍيل هوندي. هر ٻولي عالمي لفظن جي ڄار، جنهن کي ورڊ نيٽ چئجي ٿو، جي ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڊيل هوندي. جنهن ذريعي
اهي لفظ جيڪي اسم، صفت، ظرف ۽ فعل هوندا پوري دنيا جي ٻولين جي اسم، صفت، ظرف ۽ فعل وارن لفظن سان
ڳنڊيل هوندا. ساڳي معنا وارن لفظن جا جوڙا ٺآهيا ويندا ته جيئن لفظن جي سڃاڻپ
آساني سان ٿي سگهي. دنيا، حقيقت ۾ عالمي
ڳوٺ يا گلوبل وليج تڏهن ئي ٿيندي جڏهن سموريون ٻوليون هڪ ٻئي لاءِ سمجھ لائق
هونديون ۽ سمورا وسيلا پوري انسانيت جي استعمال لاءِ هوندا.
ٽيڪنولوجي
۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي، تنهنڪري هن وقت ضرورت ان ڳاله جي آهي ته اسان پنهنجي
روين کي تبديل ڪريون ۽ پنهنجي ٻارن کي يا
نوجوانن کي سائنس، انجينيئرنگ ۽ ٽيڪنولوجي جي تعليم مهيا ڪريون ته جيئن هي نون
ايندڙ نظرين ۽ ٽيڪنولوجيز کي سمجهي سگهن ۽ اسان جو سماج ۽ ملڪ ترقي ڪري سگهن ٻي
صورت ۾ اسان دنيا کان پٺتي رهجي وينداسين. جيتوڻيڪ اسان ان رستي تي هلون پيا پر
آهسته ۽ گهٽ تعداد ۾. هن وقت به اسان جون سوچون ۽ رويا موجوده دور جي ضرورتن مطابق
نه آهن. هي دور آرٽيفيشل انٽيليجنس جو دور آهي جنهن کي ڊجيٽل ايج يا ڊجيٽل دور چون
ٿا. ان لاءِ اسان کي هٿراڌو ڏاهپ ۽ ان سان لاڳاپيل سمورين ٽيڪنولجيز کي سمجھڻو
پوندو ۽ ان مطابق تعليم حاصل ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي ادارن کي نئين دور جي ضرورتن
مطابق ٺاهڻو پوندو. حڪومت کي پنهنجي سمورن شعبن ۾ انفرميشن ٽيڪنولوجي،
ڪمپيوٽرسائنس سان گڏ مختلف قسم جي ٽيڪنولوجيز کي استعمال ڪرڻو پوندو خاص ڪري تعليم،
زراعت، صحت، نهري نظام، ٽرانسپورٽيشن، روينيو ۽ فائننس جي شعبن ۾ ته جلد کان جلد
ٽيڪنولوجيز جو استعمال ڪيو وڃي ۽ هر عمل کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو وڃي. صدر پاڪستان ته
آرٽيفيشل انٽيليجنس کي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم اسڪيم شروع ڪئي آهي جنهن ذريعي ملڪ جي
نوجوانن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مختلف شعبن ۾ سکيا ڏني ويندي. تنهنڪري اسان جي نوجوانن کي ان اسڪيم مان ڀرپور
فائدو وٺڻ گهرجي. آرٽيفيشل انٽيليجنس سان گڏ مختلف ٽيڪنولوجيزجا ڪورس پڻ ڪرڻ گهرجن
ته جيئن ترت نوڪري وٺڻ سان گڏ تيز رفتار دنيا سان گڏ هلي سگهجي. حڪومت پاڪستان هن
وقت آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ ايم فل يا ايم ايس ڪرائڻ لاءِ سمورين يونيورسٽيز تي زور
ڀري رهي آهي ته جيئن هي ڊگري ڪورس جلد شروع ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ اسان جي
يونيورسٽيز کي فورن ايم ايس هٿراڌو ڏاهپ جهڙي اهم شعبي ۾ شروع ڪرائڻ گهرجي. اسان جي حڪومت کي انڊسٽريل دور جي ضرورتن کي سمجهڻو پوندو ۽ ان
جي مطابق ترت قدم کڻڻا پوندا. صوبائي حڪومتن کي به اهڙا قدم کڻڻا پوندا خاص ڪري
سنڌ حڪومت کي پنهنجي آئي ٽي جي شعبي ۾ جدت آڻڻي پوندي ۽ مختلف قسم جي وزراتن ۾
ٽيڪنولوجي جو ڀرپور استعمال ڪرڻو پوندو. هن وقت سڀ کان اهم سيڙپ ٽيڪنولوجي ئي آهي
جنهن جا فائدا تمام گهڻا ۽ ڏوررس آهن. هاڻي
اهو دور ويو جڏهن صرف ڳالهين تي گذارو ڪبو هو. هي دور عمل جو دور آهي، تنهنڪري حڪومت
۽ ان سان لاڳاپيل ادارن کي نون ٽيڪنولوجيز مطابق ڊانچا يا اسٽرڪچرس ٺاهڻا پوندا.
اهڙي طرح اسڪولس، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز کي به اپگريڊ ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي وسيلا
مهيا ڪرڻ سان گڏ پابند بڻايو وڃي ته هو ٽيڪنولوجي جو صحي استعمال ڪن. جيستيائين
ٽيڪنولوجي جو صحي طريقي سان استعمال نه ٿيندو تيسيتائين اسان ترقي نه ڪري
سگهنداسين.
No comments:
Post a Comment