Monday, 29 July 2019

سوشل ميڊيا، ترقي جو جهان ۽ نفسياتي مونجهارا

مظهر علي ڏوتيو
( هي مضمون پندرنهن روزه افيئرس ۾ 15 جون 2019 تي ڇپيو آهي)
سماجي ميڊيا سماجي رابطن جو هڪ ڄار آهي تنهنڪري هي موجوده دور ۾ رابطن کي قائم رکڻ جو جو هڪ اهم وسيلو يا ميڊيا آهي جنهن ذريعي دنيا ۾ رهندڙ فرد ۽ برادريون هڪ ٻئي سان ڳنڊجي ويون آهن. ماڻهن جي وچ ۾ دوستي ۽ پنهنجائپ جا رشتا قائم ٿي رهيا آهن. فرد يا برادريون يا مختلف قسم جا ادارا سماجي ميڊيا جي مختلف اوزارن ۽ قِسمن جي ڪري پوري دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن جي ڄاڻ بروقت حاصل ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح تاريخي واقعن، سائنسي ترقي، سماجي ترقي، حڪومتن، سماجي ۽ سياسي حرڪتن وغيره جي ڄاڻ به گهر ويٺي حاصل ڪري رهيا آهن.  سماجي رابطن لاءِ استعمال ٿيندڙ سوشل ميڊيا ڪا هن دور جي پيدائش نه آهي بلڪه هي ايتري پراڻي آهي جيتري قومن ۽ سماجن جي ٺهڻ جي تاريخ پراڻي آهي. تنهنڪري سماجي رابطن جي ميڊيا کي موجوده دور جي پيدائش تائين محدود نٿو ڪري سگهجي. هر دور ۾ رابطن لاءِ مختلف اوزار ۽ ٻوليون استعمال ٿيا آهن جن ڌرتي تي آباد سماجن، قومن، آبادين ۽ ملڪن ۾ رابطا قائم رکڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيا آهن ۽ اڄ به اهي ئي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن بلڪه موجوده دور ۾ ته ٽيڪنولوجي جي ترقي ڪرڻ جي ڪري وڌيڪ موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سماجي رابطن جي ميڊيا جو موجوده ڊجيٽل دور ۾ ڪم انٽرنيٽ تي موجود ويب 2.0 جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ شروع ٿيو آهي. ويب 2.0 سوشل ميڊيا کي ترقي جي اوج تي پهچائي ڇڏيو آهي. ماڻهن کي گهر ويٺي رابطن جا ذريا مهيا ڪرڻ سان گڏ ڄاڻ جا خزانه پڻ مهيا ڪيا آهن. ويب 2.0 جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ ۾ يا ڊجيٽل دور کان اڳ ۾ ماڻهو رابطه رکڻ لاءِ سير و سفر ڪندا هئا يا اهي رابطه مختلف شهرن، علائقن ۽ ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جي ڪري قائم ٿيندا هئا. اهڙي ريت  ڄاڻ وري اخبارون پڙهڻ، اوطاقن ۾ ڪچهريون ڪرڻ، سفر ڪرڻ، مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ، ڏيهان ڏيھ گهمڻ وغيره جي ذريعي حاصل ڪندا هئا. مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومون، آباديون يا فرد ڪا عام يا ڪامن ٻولي ڳالهائيندا هئا جنهن ذريعي هو هڪ ٻئي سان رابطه قائم ڪري وٺندا هئا ۽ هڪ ٻئي سان ڪم جي ڳاله ڪري وٺندا هئا يا واپار ڪندا هئا. جن کي ڌاري ٻولي نه ايندي هئي ته اهي وري اشارن ذريعي پنهنجي ڪم جي ڳالھ ڪري وٺندا هئا يا ڪو وکر کپائيندا هئا يا وٺندا هئا. پر سماجي رابطن جو هڪ سلسلو قائم هيو جيڪو موجوده دور ٽيڪنولوجي جي مدد سان تمام گهڻي ترقي ڪري چڪو آهي.
موجوده دور ۾ سماجي رابطن جي ميڊيا ماڻهن جي ڄڻ ته ضرورت بڻجي وئي آهي. ماڻهو 24 ڪلاڪن مان اڪثر وقت سماجي رابطن جي اوزارن کي ڏين ٿا ۽ هو دنيا ۾ ٿيندڙ مختلف ڪمن، تعليمي عملن، تحريڪن، سياسي ۽ سماجي ڪمن، سائنسي عملن، نوڪرين ۽ واپار جي خبرن ۽ مختلف فيصلن وغيره کان واقف ٿي رهيا آهن. ايتري تائين جو پنهنجي مسئلن کي سماجي ميڊيا ذريعي حل ڪرائين ٿا. سماجي رابطن جي ميڊيا ته ملڪي سرحدن کي ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهو دنيا جي ڪنهن به تعليمي يا تربيتي اداري، نوڪري ڏيڻ وارن ادارن، فوجي ادارن، واپارين ، انڊسٽريزوغيره جي ڄاڻ جلدي ۾ حاصل ڪري وٺن ٿا. اڪيلائيپ محسوس ڪرڻ جو خيال به ختم ٿيندو وڃي پيو. هڪ دفعو سماجي رابطن جي اوزارن تي اچڻ کان پوءِ ايترو ته مواد ۽ دوست ملي وڃن ٿا جوايئن لڳي ٿو ته ڪنهن نئين دنيا ۾ داخل ٿي ويا آهيون جت هر قوم، نسل، تهذيب، طبقي وغيره جا فرد موجود آهن، جيڪي پنهنجا تجربا، ڪم، ڏک، سک، سور وغيره هڪ ٻئي سان ونڊي رهيا آهن.  ماڻهو پنهنجي سوچ، طبيعت ۽ ڪم جي مطابق پاڻ جهڙا ماڻهو ڳولهي وٺن ٿا ۽ انهن سان رابطو قائم رکن ٿا.
 سوشل ميڊيا هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جنهن ذريعي بيروزگاري کي گهٽائي سگهجي ٿو. ماڻهو سماجي رابطن جي ميڊيا ذريعي ڪو واپار ڪري سگهن ٿا ۽ وکر پوري دنيا ۾ وڪڻي سگهن ٿا جنهن ذريعي جهجھي رقم ڪمائي سگهن ٿا. هن وقت سماجي رابطن جي ميڊيا ذريعي تمام گهڻو واپار ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهو گهر ويٺي ناڻو ڪمائي پنهنجي گهروارن کي سکيو ستابو رکيو ويٺا آهن.  تنهنڪري سوشل ميڊيا جي اهميت کان ڪنهن به حوالي سان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته سماجي رابطن جا اوزار زندگي جي هر عمل ۽ وهنوار ۾ شامل ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي انهن اوزارن جي استعمال کان سواءِ زندگي گذارڻ ڏکي ٿيندي وڃي پئي. تنهنڪري سماجي رابطن جي ميڊيا جي ترقي ۽ اهميت مان فائدو وٺندي پاڻ به ڪي نوان ڪم ۽ واپار شروع ڪري سگهون ٿا ۽ ناڻي ڪمائڻ سان گڏ هڪ معياري زندگي گذاري سگهون ٿا. سماجي رابطن جي ميڊيا جي اهميت کي ڏسندي، سماجي رابطن جي ميڊيا جي ڪمن ۽ اهميت کي ڪجھ حصن ۾ ورهائجي ٿو، جن جي مختصر تفصيل هيٺ ڏجي ٿي. ان سان اها خبر پوندي ته سماجي رابطن جي اوزارن کي استعمال ڪندي ماڻهو يا ادارا  ڪهڙي قسم جو ڪم ڪن ٿا.

بڪ مارڪنگ

هي هڪ اهڙو عمل آهي جنهن ذريعي ماڻهو يا ادارا مخصوص قسم جا ويب صفحن، ڊاڪيومينٽس، لنڪس، پروفائيلس ۽ اڪائونٽس وغيره کي نشان لڳائي محفوظ بڻائي سگهن ٿا ۽ وقت ضرورت انهن کي ٻيهر ڏسي ، چڪاس يا استعمال ڪري سگهن ٿا. ان سان فائدو اهو ٿيندو جو ڪو به ڊاڪيومينٽ يا ڪا به لنڪ وغيره ضايع نه ٿيندي. خاص ڪري، ڪتابن ، نوڪري ۽ ڄاڻ جا صفحا ته بڪ مارڪ ڪري ڇڏجين ته جيئن اهي بار بار استعمال ڪجن. سماجي رابطن جي اوزارن خاص ڪري لنڪڊان،  فيسبڪ ۽ ٽيئٽر تي ساڄي پاسي کان اسان کي اهڙا صفحا ڏسڻ ۾ ايندا آهن.  

سماجي خبرون

سماجي رابطن جو اوزار هڪ سماجي ويب سائيٽ آهي جيڪا ويب 2.0 ذريعي هلي پئي. جنهن ذريعي ماڻهو يا ادارا پنهنجون ڪهاڻيون، شعر يا خبرون وغيره مختلف قسم جي ماڻهن ۽ اداران تائين پهچائين ٿا. سماجي خبرون يا سوشل نيوز هڪ فقرو اهي جيڪو سماجي رابطن جي اوزارن تي عام طور انهن سڀني ماڻهن ذريعي استعمال ڪيو وڃي ٿو جيڪي سماجي رابطن جا اوزار خاص ڪري فيسبڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام، لنڪڊان وغيره استعمال ڪن ٿا. ماڻهو ڪا نه ڪا خبر پنهنجي صفحي تي رکي دنيا جي مختلف ماڻهن، قومن، آبادين ۽ ادارن سان ونڊن ٿا. سياسي ۽ سماجي تنظيمون پنهنجون خبرون، ڪم ۽ ڄاڻ وغيره پنهنجي سماجي رابطن جي اوزارن ذريعي مختلف سماجن، عوام، آبادين، فردن ۽ حڪومتن وغيره تائين پهچائين ٿا. عام ماڻهو پنهنجي خوشي يا غم يا ڪنهن مسئلي کي سماجي رابطن جي اوزارن تي ٺاهيل پنهنجي صفحن ذريعي رکن ٿا اهڙي طرح انهن سان ڳنڊيل يا لاڳاپيل دوست اهي سڀ سماجي خبرون پڙهن ٿا ۽ پنهنجا مشورا ۽ رايا ڏين ٿا ته ڪي وري انهن خبرن کي پسند ڪري ٻڌائين ٿا ته اسان هي خبر پڙهي ورتي آهي.

ميڊيا شيئرنگ يا فوٽو ۽ وڊيوز ونڊڻ

 ميڊيا شيئرنگ موجوده دور ۾ سماجي رابطن جي اوزارن يا ميڊيا جو اهم ڪم آهي. ان ذريعي ماڻهو يا ادارا پنهنجي ڪم، ڪارڪردگي، پروگرامز، اٿڻي ويهڻي ۽ مختلف واقعن کي فوٽو، آواز يا وڊيو کي سماجي رابطن جي ميڊيا ذريعي پنهنجي دوستن، مائٽن، مختلف قسم جي گروهن، فردن، آبادين يا ادارن سان ونڊين ٿا جيڪي سموري دنيا ۾ ڦهلجي وڃين ٿا. ماڻهو يا ادارا اهڙا فوٽو يا آڊيو آواز يا وڊيو سماجي رابطن جي صفحن تي اپلوڊ ڪن ٿا ۽ انهن کي محفوظ بڻائي ڇڏين ٿا ته جيئن مختلف وقتن تي انهن کي ڏسي سگهجي ۽ پنهنجي لاڳاپيل دوستن يا ادارن سان ونڊي سگهجن. فيسبڪ، ٽوئيٽر، لنڪڊان، انسٽگرام، يوٽيوب ۽ مخلتف قسم جا بلاگ وغيره اهڙن فوٽو، آڊيو آوازن ۽ وڊيو اپلوڊ ، لائيو نياپيو، ڪانفرنس ڪرڻ ۽ انهن کي ونڊڻ لاءِ بهترين سماجي رابطن جا اوزار اهن، جن ذريعي پنهنجو نياپو پوري دنيا ۾ پهچايو وڃي ٿو.

مائڪرو بلاگ

سماجي رابطن جي اوزارن مان هڪ اوزار مائڪرو بلاگ به اهن. هي بلاگ روايتي بلاگ کان مخلتلف آهي. مائڪرو بلاگ ۾ ننڍڙن جملن، فوٽو، وڊيو ۽ مختلف لنڪس وغيره ذريعي ڪنهن به قسم جو نياپو مختلف ماڻهن، قومن، ادارن ۽ ملڪن تائين پهچايو وڃي ٿو. ٽوئيٽر مائڪرو بلاگ جو بهتري مثال آهي جنهن ذريعي مختلف قسم جا فرد، سماجي ۽ سياسي تنظيمون، ادارا وغيره پنهنجا خيال، نظريا، ڪم، نياپا مختلف فردن، عوام، قومن، حڪموتن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن تائين پهچائين ٿا. هي بلاگ ننڍڙا هوندا آهن تنهنڪري پڙهڻ ۾ ڪو گهڻو وقت ڪون لڳندو اهي. جڏهن ته روايتي بلاگ پڙهڻ سان وقت گهڻو لڳندو آهي.

وڪي پيڊيا مطابق سماجي رابطن جي ميڊيا هڪ انٽرنيٽ بيسڊ ڪمپيوٽرائزڊ ميڊيا آهي جيڪا ڄاڻ، مختلف اطلاع، نوڪرين جون خبرون، خيال، قياس آرايون، نظرين جي پرچار ۽ مختلف قسم جي راين وغيره کي ڦهلائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اها ميڊيا هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي جنهن کي ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر، ليپٽاپ ۽ موبائيل فون ذريعي ماڻهو يا ڪو به ادارو مخلتف قسم جي ادارن، گروهن، آبادين، قومن ۽ ملڪن تائين مختلف قسم جا خيال، قياس آريون، تصويرون، وڊيوز، ڪلام، مضمون، ڪهاڻيون، پنهنجا ، دوستن جا ۽ سماج جا حال احوال، سماجي ۽ سياسي خبرون، ننڍا وڏا واقعا وغيره منٽن ۾  پهچائي ٿو. ان عمل جي ڪري پوري سماج، ملڪ ۽ دنيا ۾ رابطن جو ڄار وڇائجي وڃي ٿي جنهن ذريعي ماڻهو گهر ويٺي پوري دنيا جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا پڻ موقعا حاصل ڪن ٿا. اهڙي طرح سياستدان ۽ حڪومتون پنهنجي ايجنڊائن جي مطابق مختلف قسم جي ماڻهن، آبادين وغيره تائين پنهنجون ڳالهيون ۽ ترقياتي ڪم جي ڄاڻ پهچائين ٿا. ماهرن مطابق سوشل ميڊيا هڪ گهرو ۽ ڏکيو ڄار آهي جنهن ۾ فيسبڪ، ٽوئيٽر، لنڪڊ ان، ويبو (چائينز مائڪرو بلاگنگ ويبسائيٽ)، ماءِ اسپيس وغيره اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ ماڻهن کي پليٽ فارم مهيا ڪن ٿا ته جيئن هو پوري دنيا سان ڳنڊيل رهن.  سماجي رابطن جي اوزارن ذريعي ماڻهو نوان نوان خيال ۽ ترڪيبون حاصل ڪري ٿو اهڙي طرح قابل ۽ ڄاڻو دوست بڻائي ٿو. سماجي ميڊيا جي ڄار جي ڪري دنيا ۾ ڪيتريون ئي تبديليون به آيون آهن ۽ ماڻهن، گروهن ۽ مختلف قسم جي سماجن يا آبادين جا سماجي ۽ سياسي مسئلا حل به ٿيا آهن. ڪي ماڻهو سماجي ميڊيا ذريعي تمام گهڻو سکي رهيا آهن ته ڪي وري پنهنجو قيميتي وقت ضايع ڪري رهيا آهن.  ڪمپيوٽرسائنس ۾ سماجي ميڊيا تي موجود ڊيٽا جي تمام گهڻي اهميت آهي ڇاڪاڻ ته ان سان دنيا جي مختلف سماجن جي ته خبر پوي ٿي پر مختلف ٻولين جي گرامر، صرفيه ، لفظ ۽ جملن جي بناوٽ جي به خبر پوي ٿي. ان کانسواءِ ماڻهن ۽ سماجن جا نفسياتي، سماجي، سياسي مسئلن وغيره جي ڄاڻ پڻ پوي ٿي. سماجي محققن سماجي ميڊيا تي موجود مواد کڻي بهتر قسم جي تحقيق ڪئي آهي جنهن ذريعي موجوده دور جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن وقت سماجي ميڊيا تي موجود ڊيٽا تي مختلف رخن کان تمام گهڻي ٿي رهي آهي. اهڙا عمل سماجي ميڊيا جي اهميت کي اجاگر ڪري رهيا آهن.

سماجي ميڊيا جي ڪري دنيا جون اصلي يا ديسي ٻوليون به ترقي ڪري رهيون آهن. ماڻهو سماجي ميڊيا جي اوزارن تي پنهنجي ٻولي ۾ لکي رهيا آهن. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ ماڻهو هڪ ٻئي سان رابطي لاءِ ڪا نه ڪا لنگئا فرئنڪا ٻولي استعمال ڪندا هئا جنهن سان ديسي ٻوليون ختم ٿي رهيون هيون. مثال طور پاڪستان ۾ موبائيل فون ذريعي ماڻهو هڪ ٻئي کي جيڪو نياپو موڪليندا هئا اهو اردو ۾ لکندا هئا پر سوشل ميڊيا جي ڪري ماڻهن هڪ شعور پيدا ٿيو آهي جنهن سبب ماڻهو نه صرف موبائيل فون تي پنهنجي ديسي ٻولين ۾ نياپو موڪلين پيا پر سوشل ميڊيا جي مختلف وسيلن يا اوزارن تي به پنهنجي ديسي ٻولي يا انگريزي ۾ لکن پيا. جنهن سبب انگريزي زبان پوري دنيا هڪ مظبوط لنگئا فرئنڪا ٿيندي وڃي پئي.

جيتوڻيڪ سماجي رابطن جي ڄار دنيا کي ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ ماڻهن کي تفريح ، ڄاڻ وغيره جا خزانه مهيا ڪرڻ سان گڏ اڪيلائپ جي احساس کي به ختم ڪيو آهي پر ان جي ڪري ماڻهو خاندا، سماج وغيره کان به ڪٽجي رهيو آهي. سماجي ميڊيا کي ماڻهو هڪ دنيا ٺاهي ڇڏين ٿا. هنن کي سماجي ميڊيا جي اوزان کان سواءِ ٻئي هنڌ يا ٻي ڪنهن محفل ۾ خاص مزو نه پيو اچي. هو محفل ، گهر وغيره ۾ هوندي به پاڻ کي سوشل ميڊيا تي ڳنڊيل رکي ٿو. جيتوڻيڪ ان سان تازيون خبرون ۽ ڄاڻ ته حاصل ڪري ٿو پر هو تفسياتي به ٿيندو وڃي ٿو. جنهنڪري هن جا گهر وارن، دوستن، مٽن مائٽن وغيره سان رويا تبديل ٿيندا وڃن ٿا. هو سمورن رشتن کان ڪٽبو وڃي ٿو. سماجي ميڊيا کي استعمال ڪندڙ فرد پنهنجي يا خاندان جي مسئلن ۾ گهٽ پر ٻين ماڻهن جي مسئلن ۾ وڌيڪ ملوث نظر ايندا آهن جنهنڪري هو مختلف قسم جي پريشانين ۾ داخل ٿي وڃن ٿا جنهن سبب ڪجھ وقت کان پوِءِ پاڻ نفسياتي مريض ٿي وڃن ٿا. اهڙي قسم جا ماڻهو سماجي مسئلن کي فطري طريقن سان سمجھڻ ۽ حل ڪرڻ بجاءِ سماجي رابطن جي اوزان تي ڏنل خبرن وغيره جي ذريعي سمجهي ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا جنهن ڪري سماجي ترقي  ۽ بناوٽ ۾  ڪو اهم ڪردار ادا نه پيا ڪري سگهن بلڪ ڳالهين جي حد تائين محدود رهن ٿا. سماجي ميڊيا ۾ مختلف قسم جي مسئلن ۾ ملوث هجڻ جي ڪري يا انهن مسئلن کي پنهنجي دماغ تي سوار ڪرڻ جي ڪري اهي ماڻهو گهرو ذميوارين کان پري ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي   نفسياتي مسئلن ۽ بيمارين جي ڪري ڪيترائي گهرا رشتا ٽٽي وڃن ٿا جنهن ڪري اهڙي قسم جا نشائي يا عادي ماڻهو دائمي اڪيلائيپ ۾ هليو وڃن ٿا جنهن جو نتيجو خطرناڪ نڪري ٿو. دنيا ۾ ڪيترائي خودڪشي جا اهڙا ڪيس به سامهون آيا آهن جن جو سبب سوشل ميڊيا جي اوزارن جو گهڻي استعمل ڪرڻ آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جا ماڻهو سماجي ميڊيا جا عادي ٿي وڃن ٿا ۽ هو هڪ نشي ڪندڙ ماڻهو جيئان سماجي ميڊيا ۾ مشغول يا داخل ٿي وڃن ٿا. ڪيترن شادي شده جوڙن جي وچ ۾ طلاق جو سبب به سماجي ميڊيا رهي آهي ڇاڪاڻ ته زال يا مڙس يا ٻنهي جي سماجي ميڊيا ۾ گهڻو مشغول هجڻ جي ڪري هو ٻئي هڪ ٻئي کي وقت نه ڏئي سگهندا آهن ۽ هو پنهنجا نوان دوست ٺاهي ڇڏيندا آهن تنهنڪري هنن کي هڪ ٻئي جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي. سماجي ميدِيا ۾ گهڻي ملوث هجڻ جي ڪري ٻار به نظر انداز ٿي وڃن ٿا اهڙي طرح هنن جي گهربل تربيت ڪون ٿئي ٿي. اهي ٻار نه صحي تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا، نه ئي وري پيءُ ماءُ جو گهربل پيار حاصل ڪري سگهن ٿا تنهنڪري هو اڪيلائيپ جو شڪار ٿي ڪنهن نفسياتي بيماري ۾ وٺجي وڃن ٿا. اهڙي طرح ٻار مستقبل ۾ سماج لاءِ منفي ڪردار ادا ڪن ٿا.  

بحرحال، سماجي ميڊيا اسان کي سهولتون مهيا ڪري رهي آهي ته اسان پاڻ کي دنيا جي مختلف ماڻهن، طبقن، فني ۽ غير فني ماڻهن، آبادين، سياستدانن، هنرمندن وغيره سان ڳنڍي رکون ۽ مختلف قسم جي ڪارائتي ڄاڻ حاصل ڪريون، نوڪريون حاصل ڪريون، تعليم حاصل ڪريون، سائنس، فنون لطيفه، سياست، سماجيات وغيره جي ڄاڻ حاصل ڪريون. پنهنجي قوم، ملڪ، ٻولي، تهذيب، ثقافت، آثارِ قديمه وغيره جي سڃاڻ پوري دنيا سان ڪرايون ۽ پنهنجي حيثيت کي مڃرايون. اهڙي طرح پاڻ کي سماجي رابطن جي ڄار جي نقصانن کان به بچايون. سماجي ميڊيا کي ايترو وقت ڏيون جيترو ضروري هجي. پنهنجي قيمتي وقت کي صرف سماجي ميڊيا تي ضايع نه ڪريون پر پنهنجي گهروارن، خاندان ، دوستن، مٽن مائٽن، تعليم، سماجي ۽ سياسي سرگرمين وغيره کي به ڏيون.








No comments:

Post a Comment

ڊجيٽل دور، ٽيڪنولوجي ۽ مدي خارج رويا

منهنجو هي آرٽيڪل پندرنهن روزا افيئرس ۾ 15 جولاءِ 2019 تي ڇپيو. هن آرٽيڪل پڙهڻ سان اوهان کي ٽيڪنولوجي جي اهميت، ان جو مستقبل ۽ اسان ڪٿي بيٺ...