( زوزاني جيجل ۾ منهنجي هڪ لکڻي ڇپي آهي جيڪا سماج ۾ رهندڙ ڪردارن تي آهي، اهڙا ڪردار جن جا ظاهري طور ته نڪ نظر ايندا آهن پر بنيادي طور انهن جي نڪ ڪٽيل هوندا آهن. اوهان وقت ڪڍي هي لکڻي پڙهي وٺندا. شايد اوهان جي سامهون به اهڙو ڪو ڪردار اچي وڃي http://dailyjeejal.com/e-paper/2019-1-03/news/page4/1%20(6).htm )
سماج ماڻهن سان ٺهندا آهن ۽ ماڻهو ئي سماج کي ترقي ڏياريندا آهن. هر سماج ۾ مختلف قسم جا ماڻهو رهن ٿا، ڪي سماج سڌارڪ ته ڪي وري سماج دشمن هوندا آهن. ڪي ماڻهو صرف پنهنجي لاءِ جيئن ٿا ته ڪي وري انسانن کي خوش ڪرڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪن ٿا. هتي ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ڏسڻ ۾ ماڻهن جهڙا هوندا آهن. ماڻهن جيئان ٻه اکيون اٿن، هڪ نڪ اٿن، ٻه ٻانهون، ٽنگون، هٿ ۽ پير اٿس. وڏو پيٽ ۽ ڪنڌ ننڍو اٿن پر هنن جا ڪم ۽ ڪردار عام ماڻهن جهڙا نه هوندا آهن. هو پوري سماج کي تباھ ڪري صرف پاڻ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اڄ اهڙي ماڻهو سان ڳالھ ٻولھ ڪجي ٿي.
اوھان پنھنجو تعارف ڪرايو؟
بنيادي طور آءُ انسان نه پر انساني روپ ۾ هڪ وحشي جانور آهيان. اها اوهان سان راز جي ڳالھ پيو ڪريان. آءُ انساني معاشري ۾ انساني روپ اختيارڪري رهان پيو. معاشري ۾ رهندڙ تمام گھڻا ماڻهو مون کي تمام سٺو انسان سمجھندا آهن ۽ منهنجي تمام گھڻي عزت ڪندا آهن. پر مون ۾ ته انسانيت آهي ئي ڪون. عام انسانيت تي ظلم ڪندي مون کي ڏاڍو مزو ايندو آهي.
انسانن تي ظلم ڪندي توهان کي شرم ڪون ايندو آهي؟
نه بلڪل به نه! آءُ ته هڪ نڪ ڪٽيل انسان آهيان، تنهنڪري مون کي شرم محسوس ڪيئن ٿيندو؟
نه نه! توهان کي ته نڪ آهي.
نه! منهنجو نڪ ڪٽيل آهي. جيڪو توکي ڏسڻ ۾ نه پيو اچي. منهنجو نڪ ته تڏهن ئي ڪٽجي چڪو هيو جڏهن مون پهريون ڀيرو ظلم ڪيو هيو. نڪ ته انهن جا هوندا آهن جن کي انسانيت جو قدر هوندو آهي، جن کي ملڪ لاءِ غيرت ۽ قوم سان محبت هوندي آهي. جيڪي ظلم جي نظام کي ختم ڪرڻ جي جاکوڙ ڪندا آهن ۽ عدل واري نظام کي برپا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا آهن. پر آءُ ته ملڪ ۾ نفرت پکيڙي ملڪ جون پاڙون پيو پٽيان. پنهنجي مفاد خاطر ڌارين سان ملي ڪري ملڪ ۽ قوم کي تباھ پيو ڪريان. آءُ ته انسان کان وڌيڪ پنهنجي پاليل ڪتي جو قدر ڪندو آهيان. منهنجا ڪتا به ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ رهندا آهن، گوشت انهن جي خوراڪ آهي. مون کي پنهنجي قوم سان بلڪل به محبت نه آهي ڇاڪاڻ ته منهنجي ڪابه قوم نه آهي. منهنجو ڪوبه ملڪ نه آهي. آءُ پئسا ته هن ملڪ مان ڪمائيندو آهيان پر منهنجا بينڪ اڪائونٽ ۽ اثاثا ٻاهرين ملڪن ۾ آهن. آءُ ته هر وقت نفرت کي ڦهلائيندو آهيان. مون ۾ ته ڏاڍ ۽ ظلم کي وڌائڻ جو جذبو آهي. آءُ ته هر وقت انسانيت کي عذاب ۾ رکڻ چاهيان ٿو. مون آڏو هي سڀ انسان گندگي جو ڍير آهن تنهنڪري آءُ انهن کان پري رهندو آهيان. هن ڌرتيءَ تي مون جھڙا تمام گھڻا نڪ ڪٽيل ماڻهو موجود آهن. گھڻي ڀاڱي پنهنجي روپ ۾ نڪ ڪٽائي ويٺا آهن ۽ ها! اسان جھڙا ماڻهو دولت سان محبت ڪندا آهن، انسانن سان نه.
نه! نه! توهان کي پنهنجي اها سوچ تبديل ڪرڻي پوندي.
منهنجي سوچ ڪڏهن به بدلجي نٿي سگھي، ڇاڪاڻ ته آءُ هڪ نڪ ڪٽيل انسان آهيان ۽ هڪ نڪ ڪٽيل انسان جي اهائي سوچ هوندي آهي.
توهان سمجهو ڇو نٿا؟ توهان جو نڪ ڪٽيل نه آهي هينئر ئي تون آرسيءَ ۾ پنهنجو چهرو ڏس. تنهنجو نڪ ڪٽيل نه آهي. توهان جو نڪ ته بلڪل ظاهر آهي، ان تي ڪنهن به قسم جي ڪٽ جو نشان به نه آهي تون نڪ ڪٽيل انسان ڪيئين ٿي سگهين ٿو؟
چريا! توکي ڪهڙي خبر. هي جو توکي ظاهري طور منهنجو نڪ نظر اچي پيو، اهو نڪ نه آهي بلڪه اهو نڪ جهڙو هڪ نشان آهي. توکي خبر نه آهي ته منهنجو نڪ ته ننڍپڻ ۾ ئي ڪٽجي ويو هيو. آءُ ته هڪ خانداني نڪ ڪٽيل انسان آهيان. منهنجي خاندان ۾ تقريبن سڀني جو نڪ ڪٽيل آهي. ڪنهن به قوم تي نڪ ڪٽائڻ کان سواءِ ڏاڍ ۽ ظلم نٿو ڪري سگھجي. اي بيوقوف ٻڌ! انهيءَ ڏاڍ ۽ ظلم جي ڪري ته آءُ دولتمند بڻيو آهيان ۽ شهرت پڻ حاصل ڪئي آهي. هڪ ٻي به ڳالھ سمجهي ڇڏ ته منهنجي ظلم جو نشان رڳو غريب طبقو ئي رهيو آهي. آءُ هر روپ ۾ هيٺين طبقي کي پوئتي ڌڪيندو آهيان.
جيڪڏهن تنهنجو هي ڪريل عمل جاري رهيو ته پوءِ هي هيٺيون طبقو ڪيئن ترقي ڪندو؟
هاهاها!!!!!!!! جڏهن هي طبقو به پنهنجو نڪ ڪٽائيندو. ڇاڪاڻ ته نڪ ڪٽائڻ کانسواءِ ڪڏهن به ترقي نٿي ڪري سگھجي ۽ هي هيٺيون طبقو ڪڏهن به پنهنجو نڪ نه ڪٽائيندو. اهڙي طرح هي هميشه اسان جي پيرن هيٺيان چيڀاٽبو رهندو. هميشه اسان جي ظلم جو شڪار رهندو.
توکي خبر آهي ته نڪ نه ڪٽائڻ هنن جي غيرت آهي؟
چريا! انهن جي غيرت ته منهنجي هٿ ۾ آهي، آءُ جڏهن چاهيان ته ڪنهن جي ڌيءَ، ڪنهن جي ڀيڻ، ڪنهن جي زال ۽ ڪنهن جي ماءُ کي گھلي کڻائي پاڻ وٽ رکي سگھان ٿو. آءُ جڏهن چاهيان ته ڪنهن جي پيءُ ، ڪنهنجي پٽ، ڀاءُ ۽ مڙس کي بغير ڪنهن سبب جي مارائي سگھان ٿو، يا پوليس جي حوالي ڪري پوليس مقابلي ۾ مارائي يا مختلف ڪيسن ۾ سزائون ڏياري ڇڏيان! آءُ جڏهن چاهيان ته ڪنهن کي به پنهنجي ڳوٺ يا شهر مان ڪڍي سگھان ٿو. ڇاڪاڻ ته هي ملڪ اسان جو آ ۽ اسان ئي هن ملڪ کي هلايون پيا. توکي خبر آ ته منهنجو هڪ ٻيو به روپ آهي. ان روپ ۾ به آءُ ظالم آهيان. آءُ هڪ راشي آفيسر پڻ آهيان. جڏهن چاهيان ڪنهن جي به نوڪري ختم ڪري سگھان ٿو يا ڪنهن کي نوڪري ڏئي سگھان ٿو ۽ ڪنهن کي به ترقي ڏياري مٿي آڻي سگھان ٿو. هي ادارا اسان جا ئي آهن ۽ اسان ئي انهن اداران کي هلايون پيا. اسان هيٺين طبقي کي صرف ڪم ڪرڻ لاءِ ئي نوڪري ڏيندا آهيون. آءُ پنهنجي اسٽاف وارن کي جانورن کان به گھٽ حيثيت ڏيندو آهيان، منهنجا پاليل جانور انهن کان سٺي ماحول ۾ رهندا آهن ۽ هي انهن جي خدمت ڪندا آهن. تون ڏسندو آن نه، ته اسان سڀ آفيسر انهن اسٽاف وارن کان هميشه جدا رهندا آهيون. اسان جا پروگرام، پروٽوڪول انهن کان مختلف هوندا آهن ڇاڪاڻ ته اهي اسان جا نوڪر هوندا آهن ۽ اسان انهن جا آقا آهيون.
توکي خبر آهي ته هن ملڪ جا تمام گھڻا راز مون ۾ سمايل آهن. مونکي سڀني جي خبر آهي. آءُ جيڪي چاهيان ڪري سگھان ٿو. مونکان پڇڻ وارو ڪوبه ڪونهي ۽ ٻڌي ڇڏ! منهنجو اڃان ٽيون به روپ آهي آءُ ان روپ ۾ به غريبن جي غيرت کي پائمال ڪندو آهيان. آءُ انهن جي ووٽ تي ئي اسيمبلي ۾ ايندو آهيان ۽ اتي به آءُ پاڻ ۽ پنهنجي طبقي کي ترقي ڏياريندو آهيان. پنهنجي مفادن خاطر ملڪي سطح تي معاهدا ڪندو آهيان. آءُ ملڪ کان وڌيڪ پاڻ ۽ پنهنجي طبقي کي اهميت ڏيندو آهيان. آءُ اسيمبلي ۾ ته انهن غريبن جي ووٽ سان ئي ايندو آهيان پر انهن غريبن جي لاءِ اسيمبلي ۾ ڪڏهن به نه سوچيندو آهيان. جيڪڏهن آءُ انهيءَ غريب طبقي جا مسئلا حل ڪيا ته پوءِ اهي اسان جي عزت نه ڪندا ۽ اسان سان گڏجي هلڻ جي ڪوشش ڪندا. تنهنڪري اسان نڪ ڪٽيل انسان هميشه گندگي مان نڪتل ڪيڙن کي انهيءَ گند ۾ ئي رکندا آهيون، ته جيئن اهي ڪڏهن به صاف سٿڙو ماحول نه ڏسي سگھن.
پر اها تنهنجي غيرت ته نه آهي؟
اها ئي منهنجي غيرت آهي ۽ ان لاءِ ته پنهنجو نڪ ڪٽائي ڇڏيو آهي پر تون اهي سوال مونکان ڇو ٿو پڇين؟ اڄ ايتري عرصي کان پوءِ تون ڪيئن جاڳي پيو آهين؟
جڏهن ڪو انسان پنهنجون حدون اورانگھي ويندو آهي تڏهن ڪجھ لمحن لاءِ آءُ جاڳي پوندو آهيان.
هاڻي تنهنجي سڄاڳي مونکي پنهنجي رستي تان نٿي هٽائي سگھي. آءُ هڪ نڪ ڪٽيل انسان بڻجي چڪو آهيان. ان لاءِ بهتر آ ته تون هتان هليو وڃ. تون ۽ مان گڏ گڏ نٿا هلي سگھون. هي ڪڏهن به نٿو ٿي سگھي ته آءُ تنهنجي ڪري پنهنجي شخصيت کي ختم ڪري ڇڏيان. هي جيڪي عياشيون ڪريان ٿو، هيٺين طبقي تي ڏاڍ ڪريان ٿو، آرام سان زندگي گذاريان ٿو صرف تولاءِ ڇڏي ڏيان؟ نه هر گز نه! بلڪه آءُ توکي ئي ختم ڪري ڇڏيندس.
ڇا تنهنجي نظر ۾ زندگيءَ جو مقصد صرف عياشي ڪرڻ آهي ۽ بس؟
ها، هڪ نڪ ڪٽيل انسان جي نظر ۾ زندگيءَ جو مقصد صرف ۽ صرف عياشيءَ ڪرڻ ئي آهي، نه وري ڪو انسانن جي خدمت ڪرڻ. مون انسانيت جي ترقيءَ لاءِ ڪڏهن سوچيو ئي نه آهي. ڇاڪاڻ ته آءُ عام انسانن جي ترقي نٿو چاهيان. ها! البته ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڌاريو نڪ چنبڙائي انساني ڀلائي جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو آهيان، پر ان ۾ به منهنجو پنهنجو مفاد هوندو آهي. آءُ بغير مفاد جي ڪوبه ڪم نه ڪندو آهيان. اهي پروگرام رڳو ڏيکاءُ خاطر هوندا آهن. انهن تي عمل ڪڏهن به نه ڪندا آهيون. منهنجي حيثيت وارا تمام گھٽ ماڻهو آهن، جن کي پنهنجو اصلي نڪ هوندو آهي. انهن کي ئي ملڪ لاءِ غيرت، قوم سان محبت ۽ انسانيت جو قدر هوندوآهي. اهي انسانيت جي ترقي لاءِ جدوجھد ڪندا آهن. اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ئي هيٺين طبقي کي گند کان ٻاهر ڪڍي صاف سٿري ماحول مهيا ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪن پيا. اهڙن ئي ماڻهن تي تنهنجو اثر ٿي سگھي ٿو. تون مون کي ڪڏهن به متاثر يا قابو نٿو ڪري سگھين. مون ننڊپڻ ۾ ئي پنهنجو نڪ ڪٽائي ڇڏيو هيو، تنهنڪري تون مونکي ڇڏي ڏي ۽ هتان هليو وڃ. آءُ ايترو ته مٿي اچي چڪو آهيان جو هاڻي هيٺ لهڻ لاءِ سوچي به نٿو سگھان. مونکي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي ۽ تمام ڏور هليو وڃ ته جيئن وري ڪڏهن واپس نه اچين. آخر مان تو ضمير نالي چچڙ مان ڇو ڦاٿو آهيان. منهنجي زندگيءَ مان نڪري وڃ هاڻي تون منهنجو نڪ واپس نٿو آڻي سگھين.
No comments:
Post a Comment