Me and Professor K.S Nagpal ( Profksnagpal Nagpal ) are Discussing Language Digitization and its importance
Wednesday, 23 January 2019
Language Digitization
Me and Professor K.S Nagpal ( Profksnagpal Nagpal ) are Discussing Language Digitization and its importance
بدعنواني ۽ تباھ ٿيندڙ سماج
] روزاني جيجل اخبار ۾ منهنجو آرٽيڪل " بدعنواني ۽ تباھ ٿيندڙ سماج " تي 21 جنوري 2019 تي ڇپيو آهي جنهن ۾ ڪرپشن ۽ ان جي قسمن تي بحث ڪيو ويو آهي. آرٽيڪل ۾ ڪرپشن جا سماج ۽ ملڪ تي ٿيندڙ اٿرن کي بيان ڪيو ويو آهي. ]
بدعنواني ۽ تباھ ٿيندڙ سماج
قومن جي ترقي جو سئون سڌو اثر انهن سان لاڳاپيل سماجن تي پوندو آهي تنهنڪري قومن يا سماجن جي ترقي لاءِ ڪي خاص قسم جا منصوبه ٺاهڻ ضروري هوندا آهن. انفرادي سطح تي منصوبا ٺاهي قوم يا سماج کي ترقي نٿي ڏياري سگهجي تنهنڪري سماج يا ملڪ جي ترقي لاءِ ڪا جماعت ئي ڪو موثر ڪردار ادار ڪري سگهي ٿي. ڪو به فرد ڪنهن به سماج ۾ مثبت تبديلي يا ترقي لاءِ ڪوشش ته ڪري سگهي ٿو پر هو مڪمل تبديلي آڻي نٿو سگهي نه ئي وري هو ڪنهن به سماج کي ترقي ڏياري سگهي ٿو. دنيا ۾ جنهن به سماج ترقي ڪئي آهي يا جنهن به سماج ۾ تبديلي آئي آهي ان جي پٺيان ڪنهن نه ڪنهن جماعت جو ڪردار ضرور هوندو. ملڪ کي هلائڻ لاءِ به جماعت جي ضرورت هوندي آهي ۽ جهموري ملڪن ۾ ڪا به جماعت چونڊن ذريعي ملڪ تي حڪومت ڪري سگهندي آهي. حڪومت ڪندڙ جماعت وٽ طاقت هوندي آهي تنهنڪري هو ملڪي قانون تحت ان ملڪ کي ترقي ڏياريندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪو قانون جو آرٽيڪل ان ترقي جي راه ۾ رڪاوٽ بڻبو آهي ته هو ان قانون کي تبديل به ڪندا آهن جيڪو هڪ مثبت عمل هوندو آهي. هڪ جهموري ۽ ايماندار حڪومت جو مقصد ئي عوام کي خوشحال ڪرڻ ۽ ان کي مڪمل سهولتون مهيا ڪرڻ هوندو آهي تهنڪري اها حڪومت مختلف قسم جا قدم کڻندي آهي. اهڙي حڪومت پنهنجي ڪمن کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ مختلف قسم جا اشتهاري به ڏيندي آهي ته جيئن عوام کي تسلي ٿي سگهي ته حڪومت انهن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هو پنهنجي ڪمن کي پورو ڪرڻ لاءِ لابنگ به ڪندي آهي ته جيئن حڪومتي مفاد پورا ٿي سگهن ۽ هو پنهنجو مقصد پوري ڪري سگهن جنهنجو هو عوام سان واعدو ڪري آيا هئا. حڪومت پنهنجي ڪمن کي تيز ڪرڻ لاءِ مختلف ادارن تي توجھ ڏيندي آهي اهڙي طرح جن ادارن ۾ ماڻهن جي کوٽ هوندي آهي اتي نوان ماڻهو اهليت جي بنياد تي ڀرتي ڪندي آهي. جنهن سان ادارن ۾ ڪم به تيز ٿي ويندو آهي ۽ معاشري مان بيروزگاري به گھٽ ٿيندي آهي. اهڙي طرح ترقياتي ڪم به اهليت جي بنياد تي ڪرايا ويندا آهن جنهن ۾ ايماندار ۽ ڄاڻو قسم جي ماڻهن کي ٺيڪا ڏنا ويندا آهن ته جيئن ترقياتي ڪم سٺي طريقي سان ٿي سگهن. چونڊن جي نظام کي به حڪومت کي بهتر بڻائيندي آهي ته جئين ايندڙ حڪومت ۾ ايماندار ۽ ڄاڻو قسم جا ماڻهوچونڊجي اچي سگهن.
ڪرپيشن هڪ اهڙو عمل آهي جنهن سان ادارن ۽ حڪومت جي ڪمن کي ڪرڻ يا ڀرتين لاءِ لاءِ مختلف ماڻهن يا ادارن کان رشوت ۽ ڪميشن ذريعي پئسا وغيره ورتا ويندا آهن جنهن سان اهي ڪم چڱي نموني سان نه ٿي سگهندا آهن نه ئي وري ماڻهن کي اهليت جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويندو آهي اهڙي طرح ادارا تباهي طرف ويندا آهن ۽ ملڪ ۾ ترقياتي ڪم به معياري نه ٿيندا آهن. تنهنڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪرپشن تڏهن ٿيندي آهي جڏهن حڪومت يا طاقتور ماڻهو پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪن. ڪنهن به شعبي ۾ پنهنجي اختيار جي غلط استعمال ئي حقيقت ۾ ڪرپشن آهي ڇاڪاڻ ته ان سان حقدار کي حق نٿو ملي، اهليت رکندڙ ماڻهو کي ان جي اهليت مطابق ڀرتي نٿو ڪيو وڃي، ترقياتي ڪمن لاءِ ٺيڪا غلط ، بي ايمان ۽ نااهل ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا، حڪومتي ڪمن جي پرچار لاءِ نامناسب ۽ گهڻي رقم خرچ ڪئي وڃي ٿي، لابنگ جي نالي تي ماڻهن يا ادارن کي خريد ڪيو وڃي ٿو، چونڊن جو نظام يا قانون ۾ پنهنجي فائدي لاءِ تبديليون آنديون وڃن ٿيون. پنهنجي فائدي لاءِ يا پنهنجي دشمنن کي حيسائڻ لاءِ مختلف قسم جا ادارا قائم ڪيا وڃن ٿا. پنهنجي ماڻهن کي ناجائز طريقن سان نوازيو وڃي ٿو. اهڙي طرح ڪيترائي غلط ڪم ڪيا وڃن ٿا جن کي ڪرپشن چئجي ٿو.
ڪرپشن کي ٻن حصن يا قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو هڪ هارڊ ڪرپشن ۽ ٻي سوفٽ ڪرپشن. جنهن به قسم جي ڪرپشن هجي پر آهي ته ڪرپشن ئي. هارڊ ڪرپشن اڪثر ڪري بااختيار ماڻهو ڪندا آهن جن وٽ اختيار هوندا آهي ڇاڪاڻ ته اختيار انهن کي طاقتور بڻائيندا آهن. هو جيڪو چاهين ڪري سگهندا آهن. حڪومت ۾ هوندي هو هر قسم جو جائز ۽ ناجائز ڪم ڪري سگهندا آهن. ڪنهن به چاهين ته گرفتار ڪرائين، نوڪري ڏين، ٺيڪا ڏين، ڪهڙي به پاليسي ٺاهين، ڪيئن به لابنگ ڪن ۽ ان لابنگ لاءِ ڪيترو به خرچ ڪن. اهڙي طرح ادارن جا سربراه به طاقتور هوندا آهن ڇاڪاڻ ته انهن وٽ به اختيار هوندا آهن. تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هارڊ ڪرپشن جو وڏو سبب اختيار آهن جيڪي ماڻهو کي طاقتور بڻائين ٿا جنهن سبب صحي ڪمن سان گڏ غلط ڪم به ڪن ٿا.
سوفٽ ڪرپشن جو واسطو اختيارن سان نه هوندو آهي بلڪه ڪنهن به فرد جي ذاتي عمل يا روين سان هوندو آهي. سوفٽ ڪرپشن هڪ اهڙي ڪرپشن آهي جنهنکي ماپي نٿو سگهجي البته محسوس ڪري سگهجي ٿو. سوفٽ ڪرپشن به ايتري ئي اهم ۽ نقصانڪار آهي جيتري هارڊ ڪرپشن. هارڊ ڪرپشن ملڪ کي معاشي طور گهڻو نقصان ڏئي ٿي جنهن ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي البته ڪجھ ماڻهو ضرور ترقي ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته سرمايو ڪن مخصوص ماڻهن وٽ جمع ٿي وڃي ٿو جنهن سبب غريب ماڻهو غريب ئي رهجي وڃن ٿا ۽ پئسي وارا ماڻهو ڏينهن و ڏينهن امير ٿيندا وڃن ٿا. اهڙي طرح سوفٽ ڪرپشن به ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ڏئي رهي آهي. سوفٽ ڪرپشن سمورن ادارن کي تباھ ڪري ٿي، پوءِ ڀلي اهي ادارا سياسي هجن، يا سماجي يا انتظامي ادارا هجن. سوفٽ ڪرپشن جي ڪري ئي اسان جا ادارا ترقي نٿا ڪن جن جو سئون سڌو اثر ملڪ جي ترقي تي ٿئي ٿو. حقيقت ۾ ادارن جو صحي ڪم ڪرڻ ئي سماج يا ملڪ کي ترقي ڏياري ٿو. ادارا پنهنجو ڪم وقت تي ڪندا ته عوام جا مسئلا به حل ٿيندا ۽ ملڪ به ترقي ڪندو پر جيڪڏهن ادارا سست ٿي ويندا ۽ پنهنجو ڪم وقت تي نه ڪندا ته سماجي ۽ ملڪي مسئلا ڪڏهن به ختم نه ٿيندا.
هارڊ ڪرپشن ۾ پئسي يا رشوت جو استعمال ٿئي ٿو پر سوفٽ ڪرپشن ۾ پئسي يا رشوت جو استعمال نٿو ٿئي تنهنڪري هن ڪرپشن ۾ ڪو به ڪنهن کان رشوت يا ڪو تحفو وغيره نٿو وٺي. سوفٽ ڪرپشن اڻڄاڻائي، غيرذميواري، سستي، ساڙ، حسد وغيره جي ڪري ٿئي ٿي جيڪا هارڊ ڪرپشن کان وڌيڪ نقصانده ٿي سگهي ٿي. سوفٽ ڪرپشن اهڙن ماڻهن کان به ٿئي ٿي جيڪي پاڻ کي تمام گهڻو ايماندار، ديندار ۽ سماج سڌارڪ سمجهندا آهن. سوفٽ ڪرپشن جا هونءَ ته ڪيترا ئي قسم ٿي سگهن ٿا پر هت ڪجھ قسم بيان ڪجن ٿا.
مختلف ادارن ۾ نوڪري ڪندڙ اڪثر ماڻهو وقت تي آفيس ۾ نه ايندا آهن يا وقت کان اڳ ۾ آفيس مان نڪري ويندا آهن جنهنجو هو ڪو به سبب ٻڌائيندا آهن پر ان عمل کي غلط نه چوندا آهن. ان عمل سان آفيس ۾ ٿيندڙ ڪم کي گهڻو نقصان پهچي ٿو جيڪواداري جي ڪارڪردگي تي اثر ڪري ٿو اهڙي طرح اهي اثر ملڪ ۽ قوم جي ترقي تي ٿين ٿا. ڪيترائي ماڻهو آفيس ته وقت تي ايندا آهن ۽ واپس به مقرر وقت ته ويندا آهن پر هو آفيس ۾ ڪم نه ڪندا آهن. اڪثر وقت ڪچهرين، چانھ پيئڻ، ٻين جي غلا ڪرڻ، ڪنهن کي نقصان پهچائڻ وغيره ۾ گذاريندا آهن تنهنڪري هنن جي حصي جو ڪم رهجي ويندو آهي جيڪو پڻ اداري جي ترقي تي اثر ڪري ٿو.
ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجو ڪم ته ڪندا آهن پر ان ڪم ۾ انهن جي دلچسپي نه هوندي آهي جنهن سبب اهو ڪم معياري ڪم نه هوندو اهڙي طرح وقت جي ذيان کان سواءِ ڪو فائدو ڪون ٿيندو آهي. هو پاڻ کي يا پنهنجي اداري جي سربراھ يا وري ڪجھ ماڻهو پنهنجي خدا کي راضي ڪرڻ لاءِ اهو ڪم ڪندا آهن پر ان ڪم ۾ هو پنهنجي مهارت کي استعمال نه ڪندا آهن پر جلدي ۾ ڪم ڪرڻ چاهيندا آهن ته جيئن هنن کي ڪجھ ڪچهري ڪرڻ يا اخبار پڙهڻ وغيره جو وقت ملي سگهي. اهو رويو ڪيترن ئي ڊاڪٽرس، انجنيئرس، استادن ۽ پروفيشنلس ۾ به ڏٺو ويو آهي جنهن جو سماج کي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي. ڪجھ ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جن ڪنهن سفارش وغيره سان نوڪري ورتي هوندي آهي ۽ اها نوڪري هنن جي پسند جي نه هوندي آهي تنهنڪري هو بيدلي سان ڪم ڪندا آهن جنهن سبب انهن جو اهو ڪم معياري نه آهي.
ڪيترائي ملازم پنهنجن ادارن ۾ يونين جي بهاني سياست ڪندا آهن پر هو ڪو آفيس جو ڪم نه ڪندا جنهن سبب انهن جي حصي جو ڪم اڪثر ڪري ڪنهن ٻئي ملازم کي ڪرڻو پوندو آهي يا اهو ڪم رهجي ويندو آهي. اهڙي قسم جا ملازم مطمئن هوندا آهن ته اسان ملازمن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون پر ڏٺو وڃي ته انهن جي ان رويي جي ڪري اداري جي ترقي تي خراب اثر پوي ٿو. ڪيترائي ئي اهڙا ادارا آهن جت تعليم ڏني وڃي ٿي يا جن ادارن جو سئون سڌو واسطو عوام سان هوندو آهي اهڙن ادارن جي ڪارڪردگي تي اهڙن ماڻهن جي ڪري گهڻو خراب اثر پوي ٿو اهڙي طرح شاگرد يا عوام پڻ متاثر ٿئي ٿو.
ڪيترائي سياسي يا مذهبي ماڻهو يا سماج سڌارڪ آهن جيڪي پاڻ کي قوم ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ ارپي ڇڏين ٿا، پر اهڙن ماڻهن کان به سوفٽ ڪرپشن ٿئي ٿي جنهن سبب اهي سماج ئي متاثر ٿين ٿا جن لاءِ هو ڪم ڪرڻ چاهين ٿا. اهي ماڻهو سماج کي ته سڌارڻ چاهين ٿا پر انهن سماج ۾ رهندڙ فردن سان ملڻ پسند نه ڪندا آهن، انهن جي مسئلن ٻڌڻ پسند نه ڪندا آهن. هو هنن جي ترقي لاءِ ڳالهيون ته ضرور ڪندا آهن پر جن ادارن ۾ هو ڪم ڪندا آهن اتان صرف فائدا ئي وٺندا آهن ماڻهن جو ڪم نه ڪندا آهن.
ڪيترائي چونڊيل نمائندا آهن جيڪي اسيمبلي يا سينيٽ ۾ خاموش ويٺا هوندا آهن يا ننڊ ڪندا آهن جنهن سبب هو مختلف قسم جي موضوئن تي نه ڳالهائي سگهندا آهن نه ئي ڪا اهم راءِ ڏيندا آهن جنهنڪري اسان جو ملڪي نظام بهتر نه سگهيو آهي جڏهن ته عوام انهن کي اسيمبلين ۾ ان لاءِ موڪليو آهي ته جيئن ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪو بهتر ڪم ڪري سگهن. جيتوڻيڪ انهن نمائندن مان ڪيترائي نمائندا نهايت ئي شريف به هوندا پر هو اها سوفٽ ڪرپشن ڪندا آهن. ايتري تائين جو ڪجھ وزير به پنهنجو ڪم پنهنجي سيڪريٽريز کان ڪرائيندا آهن ۽ هو پنهنجو فلسفو ۽ مهارت استعمال نه ڪندا جنهنڪري هنن جي مهارت مان قوم ۽ ملڪ کي ڪو خاص فائدو نه رسندو آهي. اهڙي طرح اهي وزير به سوفٽ ڪرپشن ڪندا آهن.
ڪرپشن چاهي ڪنهن به قسم جي هجي پر ملڪ ۽ قوم لاءِ هاڃيڪار هوندي آهي. ملڪي ادارن کي تباھ ڪرپشن ئي ڪري ٿي. سماج ۾ رهندڙ فرد اڪثر ڪري هارڊ ڪرپشن کي ڏسندا آهيون جڏهن سوفٽ ڪرپشن ان کان وڌيڪ ٿئي پئي. جيسيتائين فرد پنهنجي ذميواري محسوس نه ڪندا ۽ پنهنجي روين کي تبديل نه ڪندا تيسيتائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي اهڙي طرح هي ملڪ ائين ئي رهندو. هارڊ ڪرپشن کي ته قانون ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو پر سوفٽ ڪرپشن کي ڪو به قانون ختم نٿو ڪري سگهي البته فرد جا مثبت رويا ان ڪرپشن کي ختم ڪري سگهن ٿا، والدين ۽ استاد پنهنجي تربيت ذريعي فردن جي روين کي تبديل ڪري سگهن ٿا اهڙي طرح سماج مان سوفٽ ڪرپشن کي گهٽائي سگهجي ٿو.
Friday, 4 January 2019
نڪ ڪٽيل انسان
( زوزاني جيجل ۾ منهنجي هڪ لکڻي ڇپي آهي جيڪا سماج ۾ رهندڙ ڪردارن تي آهي، اهڙا ڪردار جن جا ظاهري طور ته نڪ نظر ايندا آهن پر بنيادي طور انهن جي نڪ ڪٽيل هوندا آهن. اوهان وقت ڪڍي هي لکڻي پڙهي وٺندا. شايد اوهان جي سامهون به اهڙو ڪو ڪردار اچي وڃي http://dailyjeejal.com/e-paper/2019-1-03/news/page4/1%20(6).htm )
سماج ماڻهن سان ٺهندا آهن ۽ ماڻهو ئي سماج کي ترقي ڏياريندا آهن. هر سماج ۾ مختلف قسم جا ماڻهو رهن ٿا، ڪي سماج سڌارڪ ته ڪي وري سماج دشمن هوندا آهن. ڪي ماڻهو صرف پنهنجي لاءِ جيئن ٿا ته ڪي وري انسانن کي خوش ڪرڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪن ٿا. هتي ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ڏسڻ ۾ ماڻهن جهڙا هوندا آهن. ماڻهن جيئان ٻه اکيون اٿن، هڪ نڪ اٿن، ٻه ٻانهون، ٽنگون، هٿ ۽ پير اٿس. وڏو پيٽ ۽ ڪنڌ ننڍو اٿن پر هنن جا ڪم ۽ ڪردار عام ماڻهن جهڙا نه هوندا آهن. هو پوري سماج کي تباھ ڪري صرف پاڻ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اڄ اهڙي ماڻهو سان ڳالھ ٻولھ ڪجي ٿي.
اوھان پنھنجو تعارف ڪرايو؟
بنيادي طور آءُ انسان نه پر انساني روپ ۾ هڪ وحشي جانور آهيان. اها اوهان سان راز جي ڳالھ پيو ڪريان. آءُ انساني معاشري ۾ انساني روپ اختيارڪري رهان پيو. معاشري ۾ رهندڙ تمام گھڻا ماڻهو مون کي تمام سٺو انسان سمجھندا آهن ۽ منهنجي تمام گھڻي عزت ڪندا آهن. پر مون ۾ ته انسانيت آهي ئي ڪون. عام انسانيت تي ظلم ڪندي مون کي ڏاڍو مزو ايندو آهي.
انسانن تي ظلم ڪندي توهان کي شرم ڪون ايندو آهي؟
نه بلڪل به نه! آءُ ته هڪ نڪ ڪٽيل انسان آهيان، تنهنڪري مون کي شرم محسوس ڪيئن ٿيندو؟
نه نه! توهان کي ته نڪ آهي.
نه! منهنجو نڪ ڪٽيل آهي. جيڪو توکي ڏسڻ ۾ نه پيو اچي. منهنجو نڪ ته تڏهن ئي ڪٽجي چڪو هيو جڏهن مون پهريون ڀيرو ظلم ڪيو هيو. نڪ ته انهن جا هوندا آهن جن کي انسانيت جو قدر هوندو آهي، جن کي ملڪ لاءِ غيرت ۽ قوم سان محبت هوندي آهي. جيڪي ظلم جي نظام کي ختم ڪرڻ جي جاکوڙ ڪندا آهن ۽ عدل واري نظام کي برپا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا آهن. پر آءُ ته ملڪ ۾ نفرت پکيڙي ملڪ جون پاڙون پيو پٽيان. پنهنجي مفاد خاطر ڌارين سان ملي ڪري ملڪ ۽ قوم کي تباھ پيو ڪريان. آءُ ته انسان کان وڌيڪ پنهنجي پاليل ڪتي جو قدر ڪندو آهيان. منهنجا ڪتا به ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ رهندا آهن، گوشت انهن جي خوراڪ آهي. مون کي پنهنجي قوم سان بلڪل به محبت نه آهي ڇاڪاڻ ته منهنجي ڪابه قوم نه آهي. منهنجو ڪوبه ملڪ نه آهي. آءُ پئسا ته هن ملڪ مان ڪمائيندو آهيان پر منهنجا بينڪ اڪائونٽ ۽ اثاثا ٻاهرين ملڪن ۾ آهن. آءُ ته هر وقت نفرت کي ڦهلائيندو آهيان. مون ۾ ته ڏاڍ ۽ ظلم کي وڌائڻ جو جذبو آهي. آءُ ته هر وقت انسانيت کي عذاب ۾ رکڻ چاهيان ٿو. مون آڏو هي سڀ انسان گندگي جو ڍير آهن تنهنڪري آءُ انهن کان پري رهندو آهيان. هن ڌرتيءَ تي مون جھڙا تمام گھڻا نڪ ڪٽيل ماڻهو موجود آهن. گھڻي ڀاڱي پنهنجي روپ ۾ نڪ ڪٽائي ويٺا آهن ۽ ها! اسان جھڙا ماڻهو دولت سان محبت ڪندا آهن، انسانن سان نه.
نه! نه! توهان کي پنهنجي اها سوچ تبديل ڪرڻي پوندي.
منهنجي سوچ ڪڏهن به بدلجي نٿي سگھي، ڇاڪاڻ ته آءُ هڪ نڪ ڪٽيل انسان آهيان ۽ هڪ نڪ ڪٽيل انسان جي اهائي سوچ هوندي آهي.
توهان سمجهو ڇو نٿا؟ توهان جو نڪ ڪٽيل نه آهي هينئر ئي تون آرسيءَ ۾ پنهنجو چهرو ڏس. تنهنجو نڪ ڪٽيل نه آهي. توهان جو نڪ ته بلڪل ظاهر آهي، ان تي ڪنهن به قسم جي ڪٽ جو نشان به نه آهي تون نڪ ڪٽيل انسان ڪيئين ٿي سگهين ٿو؟
چريا! توکي ڪهڙي خبر. هي جو توکي ظاهري طور منهنجو نڪ نظر اچي پيو، اهو نڪ نه آهي بلڪه اهو نڪ جهڙو هڪ نشان آهي. توکي خبر نه آهي ته منهنجو نڪ ته ننڍپڻ ۾ ئي ڪٽجي ويو هيو. آءُ ته هڪ خانداني نڪ ڪٽيل انسان آهيان. منهنجي خاندان ۾ تقريبن سڀني جو نڪ ڪٽيل آهي. ڪنهن به قوم تي نڪ ڪٽائڻ کان سواءِ ڏاڍ ۽ ظلم نٿو ڪري سگھجي. اي بيوقوف ٻڌ! انهيءَ ڏاڍ ۽ ظلم جي ڪري ته آءُ دولتمند بڻيو آهيان ۽ شهرت پڻ حاصل ڪئي آهي. هڪ ٻي به ڳالھ سمجهي ڇڏ ته منهنجي ظلم جو نشان رڳو غريب طبقو ئي رهيو آهي. آءُ هر روپ ۾ هيٺين طبقي کي پوئتي ڌڪيندو آهيان.
جيڪڏهن تنهنجو هي ڪريل عمل جاري رهيو ته پوءِ هي هيٺيون طبقو ڪيئن ترقي ڪندو؟
هاهاها!!!!!!!! جڏهن هي طبقو به پنهنجو نڪ ڪٽائيندو. ڇاڪاڻ ته نڪ ڪٽائڻ کانسواءِ ڪڏهن به ترقي نٿي ڪري سگھجي ۽ هي هيٺيون طبقو ڪڏهن به پنهنجو نڪ نه ڪٽائيندو. اهڙي طرح هي هميشه اسان جي پيرن هيٺيان چيڀاٽبو رهندو. هميشه اسان جي ظلم جو شڪار رهندو.
توکي خبر آهي ته نڪ نه ڪٽائڻ هنن جي غيرت آهي؟
چريا! انهن جي غيرت ته منهنجي هٿ ۾ آهي، آءُ جڏهن چاهيان ته ڪنهن جي ڌيءَ، ڪنهن جي ڀيڻ، ڪنهن جي زال ۽ ڪنهن جي ماءُ کي گھلي کڻائي پاڻ وٽ رکي سگھان ٿو. آءُ جڏهن چاهيان ته ڪنهن جي پيءُ ، ڪنهنجي پٽ، ڀاءُ ۽ مڙس کي بغير ڪنهن سبب جي مارائي سگھان ٿو، يا پوليس جي حوالي ڪري پوليس مقابلي ۾ مارائي يا مختلف ڪيسن ۾ سزائون ڏياري ڇڏيان! آءُ جڏهن چاهيان ته ڪنهن کي به پنهنجي ڳوٺ يا شهر مان ڪڍي سگھان ٿو. ڇاڪاڻ ته هي ملڪ اسان جو آ ۽ اسان ئي هن ملڪ کي هلايون پيا. توکي خبر آ ته منهنجو هڪ ٻيو به روپ آهي. ان روپ ۾ به آءُ ظالم آهيان. آءُ هڪ راشي آفيسر پڻ آهيان. جڏهن چاهيان ڪنهن جي به نوڪري ختم ڪري سگھان ٿو يا ڪنهن کي نوڪري ڏئي سگھان ٿو ۽ ڪنهن کي به ترقي ڏياري مٿي آڻي سگھان ٿو. هي ادارا اسان جا ئي آهن ۽ اسان ئي انهن اداران کي هلايون پيا. اسان هيٺين طبقي کي صرف ڪم ڪرڻ لاءِ ئي نوڪري ڏيندا آهيون. آءُ پنهنجي اسٽاف وارن کي جانورن کان به گھٽ حيثيت ڏيندو آهيان، منهنجا پاليل جانور انهن کان سٺي ماحول ۾ رهندا آهن ۽ هي انهن جي خدمت ڪندا آهن. تون ڏسندو آن نه، ته اسان سڀ آفيسر انهن اسٽاف وارن کان هميشه جدا رهندا آهيون. اسان جا پروگرام، پروٽوڪول انهن کان مختلف هوندا آهن ڇاڪاڻ ته اهي اسان جا نوڪر هوندا آهن ۽ اسان انهن جا آقا آهيون.
توکي خبر آهي ته هن ملڪ جا تمام گھڻا راز مون ۾ سمايل آهن. مونکي سڀني جي خبر آهي. آءُ جيڪي چاهيان ڪري سگھان ٿو. مونکان پڇڻ وارو ڪوبه ڪونهي ۽ ٻڌي ڇڏ! منهنجو اڃان ٽيون به روپ آهي آءُ ان روپ ۾ به غريبن جي غيرت کي پائمال ڪندو آهيان. آءُ انهن جي ووٽ تي ئي اسيمبلي ۾ ايندو آهيان ۽ اتي به آءُ پاڻ ۽ پنهنجي طبقي کي ترقي ڏياريندو آهيان. پنهنجي مفادن خاطر ملڪي سطح تي معاهدا ڪندو آهيان. آءُ ملڪ کان وڌيڪ پاڻ ۽ پنهنجي طبقي کي اهميت ڏيندو آهيان. آءُ اسيمبلي ۾ ته انهن غريبن جي ووٽ سان ئي ايندو آهيان پر انهن غريبن جي لاءِ اسيمبلي ۾ ڪڏهن به نه سوچيندو آهيان. جيڪڏهن آءُ انهيءَ غريب طبقي جا مسئلا حل ڪيا ته پوءِ اهي اسان جي عزت نه ڪندا ۽ اسان سان گڏجي هلڻ جي ڪوشش ڪندا. تنهنڪري اسان نڪ ڪٽيل انسان هميشه گندگي مان نڪتل ڪيڙن کي انهيءَ گند ۾ ئي رکندا آهيون، ته جيئن اهي ڪڏهن به صاف سٿڙو ماحول نه ڏسي سگھن.
پر اها تنهنجي غيرت ته نه آهي؟
اها ئي منهنجي غيرت آهي ۽ ان لاءِ ته پنهنجو نڪ ڪٽائي ڇڏيو آهي پر تون اهي سوال مونکان ڇو ٿو پڇين؟ اڄ ايتري عرصي کان پوءِ تون ڪيئن جاڳي پيو آهين؟
جڏهن ڪو انسان پنهنجون حدون اورانگھي ويندو آهي تڏهن ڪجھ لمحن لاءِ آءُ جاڳي پوندو آهيان.
هاڻي تنهنجي سڄاڳي مونکي پنهنجي رستي تان نٿي هٽائي سگھي. آءُ هڪ نڪ ڪٽيل انسان بڻجي چڪو آهيان. ان لاءِ بهتر آ ته تون هتان هليو وڃ. تون ۽ مان گڏ گڏ نٿا هلي سگھون. هي ڪڏهن به نٿو ٿي سگھي ته آءُ تنهنجي ڪري پنهنجي شخصيت کي ختم ڪري ڇڏيان. هي جيڪي عياشيون ڪريان ٿو، هيٺين طبقي تي ڏاڍ ڪريان ٿو، آرام سان زندگي گذاريان ٿو صرف تولاءِ ڇڏي ڏيان؟ نه هر گز نه! بلڪه آءُ توکي ئي ختم ڪري ڇڏيندس.
ڇا تنهنجي نظر ۾ زندگيءَ جو مقصد صرف عياشي ڪرڻ آهي ۽ بس؟
ها، هڪ نڪ ڪٽيل انسان جي نظر ۾ زندگيءَ جو مقصد صرف ۽ صرف عياشيءَ ڪرڻ ئي آهي، نه وري ڪو انسانن جي خدمت ڪرڻ. مون انسانيت جي ترقيءَ لاءِ ڪڏهن سوچيو ئي نه آهي. ڇاڪاڻ ته آءُ عام انسانن جي ترقي نٿو چاهيان. ها! البته ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڌاريو نڪ چنبڙائي انساني ڀلائي جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو آهيان، پر ان ۾ به منهنجو پنهنجو مفاد هوندو آهي. آءُ بغير مفاد جي ڪوبه ڪم نه ڪندو آهيان. اهي پروگرام رڳو ڏيکاءُ خاطر هوندا آهن. انهن تي عمل ڪڏهن به نه ڪندا آهيون. منهنجي حيثيت وارا تمام گھٽ ماڻهو آهن، جن کي پنهنجو اصلي نڪ هوندو آهي. انهن کي ئي ملڪ لاءِ غيرت، قوم سان محبت ۽ انسانيت جو قدر هوندوآهي. اهي انسانيت جي ترقي لاءِ جدوجھد ڪندا آهن. اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ئي هيٺين طبقي کي گند کان ٻاهر ڪڍي صاف سٿري ماحول مهيا ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪن پيا. اهڙن ئي ماڻهن تي تنهنجو اثر ٿي سگھي ٿو. تون مون کي ڪڏهن به متاثر يا قابو نٿو ڪري سگھين. مون ننڊپڻ ۾ ئي پنهنجو نڪ ڪٽائي ڇڏيو هيو، تنهنڪري تون مونکي ڇڏي ڏي ۽ هتان هليو وڃ. آءُ ايترو ته مٿي اچي چڪو آهيان جو هاڻي هيٺ لهڻ لاءِ سوچي به نٿو سگھان. مونکي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي ۽ تمام ڏور هليو وڃ ته جيئن وري ڪڏهن واپس نه اچين. آخر مان تو ضمير نالي چچڙ مان ڇو ڦاٿو آهيان. منهنجي زندگيءَ مان نڪري وڃ هاڻي تون منهنجو نڪ واپس نٿو آڻي سگھين.
Subscribe to:
Posts (Atom)
Learning, Growth, and Success
Dr. Mazhar Ali Dootio In the dynamic landscape of personal and professional development, the principles of learning, growth, and success s...
-
Mazhar Ali Dootio In the fast-paced and ever-changing landscape of the 21st century, young people are faced with unprecedented opportunitie...
-
Mazhar Ali Dootio mazhar.myresearch@gmail.com A rtificial intelligence (AI) is a branch of computer science that focuses on creating intell...
-
Dr. Mazhar Ali Dootio In the dynamic landscape of personal and professional development, the principles of learning, growth, and success s...