شازيه مظهر
آءُ لفظن کي اڪثر هٿيار سڏيندي آهيان ڇاڪاڻ ته
لفظ طاقت آهن، اهي ماڻهو جي شخصيت، سوچ ۽
عمل کي ظاهر ڪن ٿا. لفظن ذريعي اوهان ڪنهنجي دل خريد به ڪري سگهو ٿا ۽ ڪنهنجي دل
ٽوڙي به سگهو ٿا. ڪڏهن ڪڏهن لفظن جي مار اندر جھوڙي ڇڏيندي آهي. لفظن ۾ جيڪڏهن
احساس جي مٺاس شامل ٿي وڃي ته دل ۽ روح خوش ٿي ويندا آهن. اهڙي طرح موٽ زندگي آهي،
لفظن جو هڪڙو ننڍڙو جملو ۽ منهنجي مضمون
جو عنوان آهي. هن مضمون جي شروعات مون لفظن جي اهميت کي ظاهر ڪري انهن کي ڀيٽا ڏيڻ
سان ڪئي آهي. انسان بنيادي طور تي حساس ۽ خودپرست مخلوق آهي. خودپرستي هن جي فطرت
جو اهم حصو آهي. هن دنيا ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هوندو جنهن کي پنهنجي تعريف يا
پنهنجو پاڻ نه وڻندو هجي. ٻار کان وٺي پوڙهي تائين تعريف يا موٽ جي لفظن کي ٻڌڻ
لاءِ بي چين هوندا آهن. موٽ کي زندگي سان تشبيه ڏيڻ انسان جي حثاثيت جي آخري حد
آهي. لفظن جي هٿيارن کي جيڪڏهن ڪنهن سٺي مقصد لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته هن ۾ ڪهڙي
برائي آهي. موٽ انساني ضرورت آهي. اوهان جو سٺو ڪم هڪ سٺي موٽ جو طلبگار هوندو
آهي. سٺي موٽ اوهان ۾ اتساه پيدا ڪندي آهي. موٽ اوهان جي ڪم کي وڌيڪ بهتر ڪندي
آهي. اڪثر ٻار ڪو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ کان پوءِ اسان ڏي نهاريندا آهن ۽ موٽ جو
انتظار ڪندا آهن. منهنجو ننڍڙو پٽ مصوري ۽ آرٽ جو شوقين آهي. هُو اڃا مس ساڍي چئن
سالن جو ٿيو آهي ڪا آڏي ڦڏي تصوير ٺاهي مونکي ڏياکاريندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪم ۾
مصروفيت جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن آءُ ڌيان نه ڏئي سگهندي آهيان ته ناراض ٿيندو آهي ۽ زوري
مونکان وائو چورائيندو آهي. منهنجي وائو هن جي ڪم کي اڃا سهڻي انداز ۾ سامهون
آڻيندي آهي. انسان بنيادي طور تي بخيل به
آهي. هُو لفظن جو استعمال گهٽ ڪندو آهي. رشتن کي بچائڻ ۾ موٽ جو وڏو ڪردار شامل
هوندو آهي. ڪجھ رشتا تمام نازڪ هوندا آهن پر لفظن جي موٽ انهن رشتن کي مظبوط ڪندي آهي. گهرواري جيڪڏهن هائوس وائيف
آهي ۽ سڄو ڏينهن گهر ۾ مٿو کپائي ٿي ته سندس وڙ جو آفيس مان هڪ فون ڪال هن جي سڄي
ڏينهن جو ٿڪ هڪ پل ۾ ختم ڪري ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن وڙ سڄو ڏينهن دماغ کپائي گهر موٽي
ٿو ته زال جي سهڻي مرڪ سان هن کي ڀليڪار ڪرڻ تي هن جي سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ ختم ٿي ويندي
آهي اهڙي طرح اها مرڪ مڙس کي جياري ڇڏيندي آهي. گهر ۾ ٻارن سان وقت گذارڻ ۽ وري
ٻاهر نوڪري ڪندڙ عورت هڪ نه پر ٻٽي ڊيوٽي ڏيندي آهي ۽ وري موٽ ۾ مڙس يا سس جا هي
ٻه جملا ته ڇا ٿي پيو سڀ مايون ڪم ڪنديون آهن، تو به ڪم ڪيو ته ڇا ٿي پيو؟ عورت کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن. لفظن جي اها موٽ
تڪليف ڏيندڙ هوندي آهي. اهڙي طرح عورت مزاجن ڪاوڙيل ٿي ويندي آهي. نه آفيس ۾ صحي
ڪم ڪندي ۽ نه ئي وري گهر کي سٺي انداز ۾ سنڀالي سگهندي. پر جيڪڏهن لفظن جي موٽ هن انداز ۾ هوندي ته شابس
آهي توکي ايتريون ذميواريون ڪيتري سٺي انداز ۾ نڀائين پئي. يقين ڪريو ته اها عورت
آسمان تي اڏرڻ لڳندي ۽ خوشي خوشي سان گهر ۽ آفيس جا ڪم ڪندي. اهڙي ريت گهر جو
ماحول به خوش گوار رهندو. گهر ۾ڪم ڪندڙ ماسي جي ڪڏهن تعريف ڪري ڏسو ته اڄ ماسي
توهان دل خوش ڪري ڇڏي، توهان واقع دل سان ڪم ڪريو ٿا. ماسي کي پنهنجي ڪم جي اجرت
اوهان جي لفظن جي صورت ۾ ملي ويندي. سٺي موٽ همت افزائي جي هڪ شڪل آهي. ٻوسٽ زده
هن ماحول ۾ همت ڏياريندڙ تمام گهٽ ماڻهو ملندا آهن. هڪ ٻنهي جي ڪم کي سارهايو،
تعريف ڪريو. ها جيڪڏهن ڪا خامي نظر اچي ٿي ته هن کي سهڻي لفظن ۾ سامهون آڻيو ۽ صحي
ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. جيڪڏهن ڪنهن ۾ ڪا سٺي عادت آهي ته ان جي تعريف سڀ جي سامهون
ڪريو ته جيئن هن کي پنهنجي حيثيت جي خبر پوي ۽ هو پاڻ تي فخر ڪري اهڙي طرح ڪنهنجي
غلطي يا خراب عادت کي وري ماڻهن جي سامهون نه پر اڪيلائي سمجهائجي ته جيئن ان جي
عزتِ نفس تي ڪو اثر نه پوي. اڪثر ننڍي
عهدي تي ڪم ڪندڙ احساسِ ڪمتري ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. جيئن چپراسي، چوڪيدار، صفائي
ڪندڙ جمعدار. جيڪڏهن اسان انهن کي عزت ڏيون ۽ انهن کي پاڻ سلام ڪريون ۽ انهن جي ڪم
جي تعريف ڪريون ته اسان جو اهو عمل انهن ۾ تبديلي آڻيندو، هو پنهنجي ڪم وڌيڪ بهتر
ڪندا. انهن جي ڪم جي تعريف انهن کي خوشي جو احساس ڏياري ڇڏيندو. مونڱي اشفاق احمد
جي ان جملي تمام گهڻو متاثر ڪيو ته جڏهن توهان ڪنهن صفائي ڪندڙ جمعدار کي ٻهارو
ڏيندي ڏسو ۽ ڀرسان لنگهو ته منھن تي هٿ نه رکو ڇو جو ايئن ڪرڻ سان هن کي پنهنجي
ذات ننڍي محسوس ٿيندي. پر معذرت سان اسان سڀ اڪثرڪري ايئن ئي ڪندا آهيون جنهن سان
اسان انهن صفائي جي ڪندڙن کي محسوس ڪرائيندا آهيون ته اسان جي صحت اوهان کان وڌيڪ
اهميت رکي ٿي. ٿيڻ ايئن گهرجي ته انهن کي مٽي ۽ ڌوڙ جي نقصانن بابت ڄاڻ ڏئي انهن
جي شخصيت ۽ ڪم جي تعريف ڪري انهن کي ان ڌوڙ کان بچڻ لاءِ منهن تي ڪو ڪپڙو لڳائڻ
لاِءِ آماده ڪجي. ڇاڪاڻ ته انسان صرف اسان
آهيون بلڪ اهي به اسان جهڙا انسان آهن، انهن جا به اسان جهڙا جذبا ۽ ضرورتون اهن.
صحت ۽ صفائي صرف اسان لاءِ ضروري آهي بلڪه انهن ماڻهن لاءِ ايتري ضروري آهن. تنهنڪري اسان جو اهڙو عمل رستن تي صفائي جو ڪم
ڪندڙن جمعدارن کي گھٽ درجي جو شهري هجڻ جو احساس ڏياريندو آهي.
موٽ جو تعلق انسان کان خالق حقيقي تائين پهتل
آهي. اسان اڪثر شڪراني جا نفل پڙهندا آهيون جيڪو رب العزت جو پسنديده عمل آهي. دعائن
۾ پنهنجي رب جو شڪر ادا ڪندا آهيون. منهنجو رب جيڪو ڪنهنجي تعريف جو محتاج نه آهي
پر شڪراني جي صورت ۾ اها موٽ رب جي رحمت جا درواز کولي ڇڏيندي آهي. اسان وٽ هر قسم
جا ماڻهو موجود آهن. ڪجھ ماڻهن جي خيال موجب تعريف يا موٽ جا طالب نرگسيت جا شڪار
هوندا آهن، جڏهن ته نرگسيت هڪ الڳ ذهني يا نفسياتي ۽ سماجي مرض جو نالو آهي، جنهن
۾ مبتلا شخص پنهنجي علاوه ڪنهن کي پسند ناهن ڪندا. هو خودپرستي جي سڀني حدن کي
لتاڙي ڇڏيندا آهن. تنهنڪري، موٽ يا تعريف کي نرگسيت سان تشبيھ ڏيڻ سراسر غلط
ٿيندو. سٺو عمل اهو آهي ته ماڻهن جي جذبن جي قدر ڪريو ۽ هر ماڻهو کي عزت ڏيو ڇو جو
هر انسان عزت جو حقدار آهي ۽ هو عزت چاهي ٿو. اسان زندگي ۾ هر لمحي ۽ هر قدم تي
ڪجھ نه ڪجھ سکون ٿا، ڪٿان نه ڪٿان ڪجھ پرايون ٿا. فلمون، ڊراما ۽ ناول وغيره ادب
جون اهي صنفون آهن جيڪي اسان کي زندگيءَ جو درس ڏينديون آهن. دوستن سان ڪچهريون ۽
ڪتاب پڙهڻ سان ڄاڻ ملي ٿي. آءُ دوستن، گهروارن، ڪتابن، ڊرامن ۽ فلمن مان ڪجھ نه
ڪجھ سکندي آهيان. اهڙي طرح موٽ جي اهميت مونکي هڪ انڊين فلم ڏسڻ سان ملي. ان فلم
جو هڪڙو مشهور جملو ـ جادو ڪي جپڪي ـ مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو، جنهن ۾ فلم جو هيرو
يونيورسٽي ۾ صفائي ڪندڙ کي ڳلي سان لڳائي هن جي ڪم جي تعريف ٿو ڪري. يقين ڪريو هن
جادو جي جپڪي جي اسان سڀني کي ضرورت آهي. موٽ جي اها جپڪي زندگي ۾ رنگ ڀري ٿي ۽
جيئڻ جو جذبو پيدا ڪري ٿي. ڪنهن به ماڻهو ۽ ان جي ڪم کي گهٽ نه سمجهو. اڪثر ماڻهو
ڪنهن کي اتساه ڏيڻ بجاءِ چوندا آهن ته ڇا ٿيو. هي ته هن جو ڪم آهي. هن ڪم جي هن کي
پگھار ٿي ملي. هي ڪم ڪري اسان تي يا سماج تي ڪهڙو احسان ٿو ڪري. اهو عمل سرار غلط
آهي ڇو جو پگهار هن کي هن جي ڪم جي ضرور ٿي ملي پر هن جي ڪم جو قدر ڪرڻ هن جو حق
آهي. تعريف جوڳا ڪجھ لفظ هن جي ڪم جو انعام اهن. پگهار هن جي بک ته مٽائي سگهندي
پر عزت افزائي ۽ آٿت هن جي خوشي جي احساس کي جياري ڇڏيندا ۽ هو پنهنجي ڪارڪردگي کي
اڃا وڌيڪ بهتر ڪري سگهندو. لفظن کي موٽ جي صورت ۾ زندگي ڏيو. سچ ۾ احساس مرڪي
پوندا. احساس کي مرڻ نه ڏيو. اهي احساس ئي زندگيءَ جو جياپو آهن. اچو ته موٽ ڏيون
پنهنجي پيارن کي، پنهنجي ويجهن ۽ پري وارن کي ۽ انهن کي جنهنجي ڪري اوهان زندگي ۾
سکيا آهيو.
روئندي روئندي او ساٿي، کلي پياسين
تنهنجي بس هڪ موٽ تي جي