مظهر علي ڏوتيو
[ اڄ 22 اپريل 2019 روزاني جيجل اخبار ۾ منهنجو آرٽيڪل ڪاپي جهڙي موذي مرض کان جان ڪيئن ڇڏائجي؟ جي موضوع تي ڇپيو آهي. هن مضمون ۾ مختلف رخن کان ڪاپي، ان جي ڪارڻ ۽ ان ختم ڪرڻ جي طريقن تي بحث ڪيو ويو آهي. اخبار جي لنڪ اوهان سان ونڊيان پيو. اميد ته پڙهندا.
[ اڄ 22 اپريل 2019 روزاني جيجل اخبار ۾ منهنجو آرٽيڪل ڪاپي جهڙي موذي مرض کان جان ڪيئن ڇڏائجي؟ جي موضوع تي ڇپيو آهي. هن مضمون ۾ مختلف رخن کان ڪاپي، ان جي ڪارڻ ۽ ان ختم ڪرڻ جي طريقن تي بحث ڪيو ويو آهي. اخبار جي لنڪ اوهان سان ونڊيان پيو. اميد ته پڙهندا.
ان کانسواءِ پورو مضمون به هيٺ پيسٽ ڪري رهيو آهيان.]
ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته ڪنهن به قوم کي تباه ڪرڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته ان قوم جي تعليم جي نظام کي تباه ڪيو وڃي. اها قوم پنهنجو پاڻ ئي تباه ٿي ويندي. ان قوم کي ختم ڪرڻ لاءِ نه ڪنهن سازش جي ضرورت آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن جنگ وغيره جي. اڄ اسان سان اهوئي ڪجھ ٿي رهيو آهي. ڪاپي اسان جي نصاب جو حصو بڻجي چڪي آهي. شاگرد، والدين، استاد، سياسي پارٽيون ۽ انتظاميه سڀ جو سڀ ڪاپي کي وڌائڻ ۾ مشغول آهن. ڪاپي جا ڪيترا نقصان آهن ڪوبه نه پيو سوچي. والدين پنهنجي اولاد کي نام نهاد ڊگري ڏيارڻ لاءِ ڪاپي ڪرائين پيا، استاد پنهنجي نااهلي کي لڪائڻ لاءِ ڪاپي ڪرائين پيا. ڪاپي جا قوم ۽ ان سان لاڳاپيل سماج جي ترقي تي ڪيترا خراب اثر پون پيا، ڪوبه ڪون پيو سوچي.
اسان جي گورنمنيٽ اسڪولس ۾ ته پنجين ڪلاس کان ئي ڪاپي شروع ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ اهو سلسلو ڪاليجز تائين هلي پيو. هر سطح تي ڪاپي ڪرائڻ ۾ اهي چارئي پنجئي عنصر شامل آهن. اسان جا مانوارا استاد صاحبان پنهنجي ذاتي مسئلن ۽ پگھارن وغيره لاءِ ته آئي ڏينهن پيا هڙتالون ڪن پر ڪڏهن انهن محترم استاد صاحبان ڪاپي کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪاري پٽي به ڪون ٻڌي آهي. استاد ئي قوم کي جياپو ڏيندا آهن، قومن کي ترقي ڏياريندا آهن، پر اسان جا استاد ڪاپي ڪرائڻ ۾ مشغول هوندا آهن. سندن پنهنجا شاگرد سامهون ڪاپي ڪندا آهن پر هي خاموش ويٺا هوندا آهن. ان قوم جو ڇا ٿيندو جنهن جا استاد هڪ معاشرتي برائي ۾ شامل هجن؟
شاگردن جا والدين ۽ دوست ادارن ٻاهران سوالن جا جواب تيار ڪرڻ ۾ مشغول هوندا آهن. تاڪه ڪاپي ڪرڻ وقت انهن شاگردن کي سوال ڳولهڻ جي به تڪليف نه ٿئي. انتظاميه اهو سڀ ڪجھ ڏسندي آهي. هاڻي ته سوشل ميڊيا جو دور آهي تنهنڪري والدين يا مٽ مائٽ گهر ويٺي ئي پنهنجي ٻارن کي سوالن جا جواب واٽش اپ ڪن ٿا. اهڙي طرح اهو تمام آسان طريقو آهي. هاڻي ته ٻار کي گائيڊ مان ڪنهن سوال ڳولهڻ جي تڪليف به ڪون ٿئي ٿي. سياسي تنظيمون سنڌ جي ٻين مسئلن لا۽ ته ڪجھ نه ڪجھ جدوجھد ڪن پيون پر جيڪو اهم ۽ بنيادي مسئلو آهي ان کي نظرانداز ڪن پيون. ڪڏهن به ڪنهن سياسي جماعت ڪاپي کي ختم ڪرڻ لاءِ، بهتر تعليمي نظام لاءِ ڪا لڳاتار ۽ مظبوط جدوجھد نه ڪئي آهي. ڏک جي ڳالھ ته اها آهي ته سنڌ جو وڏو وزير هميشه سنڌي ماڻهو ئي رهيو آهي پر ڪنهن به وڏي وزير ڪاپي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي ٺوس قدم نه کنيا آهن.
ڪاپي ڪرڻ يا ڪاپي ڪرائڻ قومي يا سماجي خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي، اسان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي رهيا آهيون، پنهنجي روشن مستقبل کي اونداهي ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون. اچوته سڀ گڏجي هن موذي مرض کي هميشه لاءِ ختم ڪريون ته جيئن اسان جو سماج تعليم يافته سماج بڻجي. جيتوڻيڪ هن دفعي سنڌ حڪومت اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ڪا گهڻي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي. موجوده صورتحال ۾ جٿي ڪو به ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ راضي نه هجي يا پنهنجي ذميواري نه سمجهي ته اتي ڪيتري به سختي ڪئي وڃي ته به مڪمل نتيجا حاصل ڪرڻ جي توقع نٿي رکي سگهجي. هڪ تعليم جو وزير ڪٿي ڪٿي وڃي ڪاپي کي ختم ڪرائيندو. اهو به ان سماج ۾ جتي ٻارن جا والدين، استاد ۽ اسڪول يا ڪاليج جي انتظاميه پنهنجو ڪردار ادا نه ڪن. جٿ ڪاپي کي ضروري سمجهو وڃي.
هي دور ٽيڪنولوجي جو دور آهي. دنيا جا ترقي ڪندڙ ادارا، حڪومتون، ملڪ وغيره ٽيڪنولوجي جو مثبت استعمال ڪري تيزي سان ترقي ڪري رهيا آهن. هر شعبي ۾ ٽيڪنولوجي جو استعمال ضروري ٿي ويو آهي. پر سنڌ حڪومت اڃا ان طرف نه سوچي رهي آهي تنهنڪري اسان جا سرڪاري ادارا ڪا خاص ترقي نه ڪري سگهيا آهن بلڪ اتي جو اتي بيٺا آهن. ٽيڪنولوجي جي استعمال نه ڪرڻ جي ڪري اسان جا سرڪاري اسڪول ۽ ڪاليج به ٻارن کي صحي طريقي سان تعليم نه ڏئي سگهيا آهن ڇاڪاڻ ته ڪيترائي اسڪول بند پيا آهن ته ڪٿي وري حاضري لڳائڻ لاءِ استاد وغيره اچن پيا. اها ئي حالت ڪاليجز جي به آهي. جيڪي ڪاليج پڙهائڻ چاهين ٿا ته اتي وري تمام گهڻيون داخلائون ٿين پيو، جنهنڪري ٻارن کي ويهڻ جي جڳھ به نٿي ملي. بي اي ۽ ايم اي جي امتحانن جي ڪري به هڪ ٻه مهينا ڪاليج بند رهن ٿا. بحرحال ڳالھ ته ڪجي پئي ته ڪاپي جهڙي موضي مرض کي ڪيئن روڪجي؟ منهنجي نظر ۾ اسان جيترو خرچ ڪاپي کي ختم ڪرڻ تي ڪريون ٿا جيڪڏهن ان کان گهٽ خرچ ٽيڪنولوجي جي اوزارن تي ڪريون ته ڪاپي مورڳو ختم ٿي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ هر بلاڪ ۾ ويجيلنس ڪيمرائون لڳايون وڃن. اهڙي طرح ڪوريڊور يا ورانڊن ۾ به ڪيمرائون لڳايون وڃن ته جيئن ڪلاس ۾ ڪاپي ڪندڙ ٻار ۽ انهن مٿان بيٺل انويجيليٽر جي خبر پئجي سگهي اهڙي طرح ڪوريڊور ۾ گهمندڙن يا ڪاپي ڪرائيندڙ ماڻهن جي به خبر پئجي سگهبي. ڪيمرائن کي آئي پي بيسڊ ڪيو وڃي ته جيئن ٻيا به لاڳاپيل ذميوار ماڻهو ان عمل کي جاچي سگهن. ڪيمرائن جو نتيجو ڏسڻ لاءِ پرنسپال يا هيڊ ماسٽر جي آفيس ۽ ورانڊن يا ڪوريڊور ۾ وڏيون ايل سيڊيز لڳايون وڃن ته جيئن پري کان ئي ڪاپي ڪندڙن کي ڏسي وٺجي. تعليم جي وزير، سيڪريٽري، تعلقي ۽ ضلعي آفيسرن کي به آئي پي ذريعي انهن ڪيمرائن جي پهچ ڏني وڃي ته جيئن هو پنهنجي آفيسز ۾ به ان لقاءُ کي ڏسي سگهن. ايتري تائين جو هو پنهنجي موبائيل فون تي به پوري سنڌ جي اسڪولس يا ڪاليجز ۾ ٿيندڙ امتحان جي عمل کي ڏسي سگهن ٿا ۽ بروقت ايڪشن کڻي سگهن ٿا. امتحان دوران اعلان ڪيو وڃي ته جنهن به بلاڪ مان ڪنهن به ڪاپي ڪئي ته ان شاگرد سان گڏ انويجيليٽر خلاف به قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. اهڙي طرح پرنسپال خلاف به قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. جيتوڻيڪ ان عمل کي لاڳو ڪرڻ لاءَ بجلي وغيره جو بهانو ته ڪيو ويندو پر هن ٽيڪنولوجي جي دور ۾ ڪو به عمل نا ممڪن نه آهي. سولر سسٽم ، جنريٽر ذريعي بجلي مهيا ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن نيڪ نيتي سان اهو ڪم ڪيو وڃي ته منهنجي خيال ۾ اسان وٽان هميشه لاءِ ڪاپي جهڙو گندو عمل ختم ٿي ويندو ۽ اسان جو سماج هڪ تعليم يافته سماج بڻجي پوندو.
ان عمل سان ڪاپي کي ته ختم ڪري سگهجي ٿو پر ڇا اهي ٻار جن کي ڪلاس ۾ پرهايو ئي نه پيو وڃي يا هڪ ڪلاس ۾ ايترا ٻار آهن جو هڪ استاد انهن کي صحي طريقي سان پڙهائي ئي نٿو سگهي ته اهي ٻار امتحان ڪيئن ڏئي سگهندا؟ اسان وٽ شهري ۽ پيسي وارا ٻار ته ٽيوشن وغيره وٺي تياري ڪري وٺن ٿا پر اهي ٻار جيڪي ٽيوشن جو خرچ نٿا ڀري سگهن يا جيڪي ڳوٺن ۾ رهن ٿا ۽ ٽيوشن حاصل نٿا ڪري سگهن اهي امتحانن جي تياري ڪيئن ڪري سگهندا؟ تنهنڪري ضرورت ان ڳالھ جي به آهي ته اڪيڊيمڪ نظام کي ٻيهر چڪاس ڪيو وڃي ۽ سليبس کي موجوده دور جي ضرورتن مطابق ٻيهر تيار ڪيو وڃي اهڙي طرح ڪلاس وٺڻ جي طريقن کي به سڌاريو وڃي. اسان وٽ حالتون ۽ سهولتون ايئن نه آهن جيئن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ آهن تنهنڪري اسان کي تعليم جو نظام پنهنجي ضرورتن، حالتن ۽ سهولتن مطابق ٺاهڻو پوندو. ضروري نه آهي ته ساليانه امتحان وٺون پر ان کي تبديل به ڪري سگهجي ٿو جنهن لاءِ ماهرن جي ٽيم ٺآهي وڃي جنهن ۾ يونيورسٽي جي پروفيسرس کي به شامل ڪيو وڃي ته جيئن ڪو مناسب ۽ بهتر تعليم جو نظام ٺهي سگهي. هن وقت جيڪو بورڊ جو امتحان ٿئي پيو، اهو هڪ ته ساليانو امتحان آهي ۽ ٻيو ته ان امتحان ۾ 100 مارڪس جو پيپير ٺاهي شاگرد جي اهليت کي ماپيو وڃي پيو جيڪو هڪ شاگرد لاءِ ڏکيو ڪم آهي. ڪنهن ٻار جي پڙهائي ۽ ان جي قابليت کي معلوم ڪرڻ لاءِ ٻيا به بهتر طريقا ٿي سگهن ٿا. پر خبر نه آهي ته اسان وٽ تعليمي بورڊس امتحانن جي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪا ماهرن جي ٽيم ڇو نه پيا ويهارن؟ 100 مارڪس جو پيپير ڪنهن به ٻار جي قابليت کي ماپي نٿو سگهي بلڪ ان ٻار کي ڪاپي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. سمورو سال پڙهندڙ ٻار جي اهليت کي 100 مارڪس جي پيپر تي ڪيئن ماپي سگهجي ٿو؟ تنهنڪري وزير تعليم، جيڪو تعليم جي شعبي سان تمام گهڻو سچو آهي ۽ هو سچائي سان ڪم به ڪري رهيو آهي، کي ان طرف به سوچڻ گهرجي. تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگي کي به وزير تعليم کي ڏسڻ گهرجي. چيئرمين ۽ سيڪريٽري تعليم لاءِ جيڪي ماڻهو ڀرتي ڪيا وڃن ٿا ڇا اهي اڪيڊمڪ پراسس ۾ ماهر آهن؟ ڇا جيڪي بورڊ آف اسٽيدِيز ڪرايون وڃن ٿيون، ان ۾ ڪي يونيورسٽي جا ماهر پروفيسر به شامل ٿين ٿا؟ ڇا امتحانن وٺڻ جو طريقيڪار موجوده دور جي ضرورتن مطابق طئي ڪيو ويو آهي؟ ٻارن کي مختلف ڪاليجز ۾ مختلف استادن طرفان جيڪو سليبس پڙهايو وڃي ٿو، ڇا امتحان ان سليبس مطابق ورتو وڃي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته ڪي استاد پنهنجو سليبس مڪمل ڪن ٿا ته ڪي وري سليبس به مڪمل نٿا ڪن بلڪ استادن جي اڪثريت سلييبس مڪمل ڪون پڙهائين ٿا. پر جڏهن امتحان ٿئي ٿو ته بورڊ طرفان ٺاهيل سليبس مان ئي امتحان ورتو وڃي ٿو. بورڊ اهو به ڄاڻڻ جي ڪوشش نٿو ڪري ته ڪهڙي ڪاليج ۾ ڪيترو سليبس مڪمل ڪرايو ويو. منهنجي خيال ۾ ڪاپي جو هڪ اهم ڪارڻ اسڪولس ۽ ڪاليجز ۾ موجود غلط قسم جو اڪيڊيمڪ نظام ۽ امتحانن جو طريقو به آهي جنهن کي درست ڪرڻ سان اسان جو تعليمي نظام بهتر ٿي سگهي ٿو ۽ ٻار به آساني سان امتحان ڏئي سگهندا.