Saturday, 23 February 2019


بين الاقوامي ٻولين جي ڏينهن تي مادري ٻولي جي اهميت ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت ۽ مستقبل تي سنڌ ٽيوي نيوز پروگرام صوفي لا ڪوفي ۾ 21 فيبروري 2019 بحث ڪيو.
اوهان وقت ڪڌي هي پروگرام ڏسو

https://www.youtube.com/watch?v=np_Jr1dSRy8&t=49s

چند سنڌي چوڻيون SOME SINDHI SAYINGS By Engineer Abdul Wahab Sahito


Proverbs are popular sayings which contain advice or state a generally accepted truth. Because most proverbs have their origins in oral tradition, they are generally worded in such a way as to be remembered easily and tend to change little from generation to generation, so much so that sometimes their specific meaning is no longer relevant. 

following link will take you to large number of proverbs, which were said in Sindhi language. The author has translated these proverbs into English as well that majority of people may understand the Sindhi proverbs. 

Please open the following link


Sunday, 3 February 2019

Sindhi culture and its importance

Sindhi culture and its importance

Culture shows the outlook, attitudes, values, morals goals and customs shared by a society. Culture is involved in each and every activity of our society therefore, it is a strong part of people’s lives. It influences their views, their values, their humor, their hopes, their loyalties, and their worries and fears. According to Wikipedia: “Culture is the social behavior and norms found in human societies. It is considered a central concept in anthropology, encompassing the range of phenomena that are transmitted through social learning in human societies.
Cultural activities are found in all human societies; these include expressive forms like art, music, dance, ritual, religion, and technologies like tool usage, cooking, shelter, and clothing. The concept of material culture covers the physical expressions of culture, such as technology, architecture and art, whereas the immaterial aspects of culture such as principles of social organization including practices of political organization and social institutions, mythology, philosophy, literature, both written and oral, and science comprise the intangible cultural heritage of a society.” Culture may be based on shared ethnicity, gender, customs, values, or even objects.
Some cultures place significant value in things such as ceremonial artifacts, jewelry, or even clothing. For example, Sindhi ajrak, turban, cap, dress-up, marriage traditions can be considered ceremonial or cultural objects. Even the colour day more commonly called holi or deep waalee, commonly called Ddyaari in Sindhi are the ceremonials or objects of culture. The definition of culture means a particular set of customs, morals, codes and traditions from a specific time and place. However, society and culture are not the same, because, while cultures are complexes of learned behavior patterns and perceptions, societies are groups of interacting organisms. They may be connected because culture is created and transmitted to others in a society. Cultures are not the product of only individuals. They are the continuously evolving products of people interacting with each other.
Cultural patterns such as language, social habits and politics make no sense except in terms of the interaction of people. If there is only one single human on earth, there would be no need for language or government or any culture. Sindhi culture is one of the oldest cultures of the world starting from Moen-Jo-Daro or may be even before that. Moen-Jo-Daro is symbol of honesty, peace, love, care, business, development, humanity, human socialisation, music, social traditions, civilized living and etc. Therefore, the culture of Sindh has its roots in the Indus Valley Civilization. Sindh has been shaped by the largely desert region having lots of natural resources including agricultural land as well as the Indus River, which is called Sindhu Daryaa in Sindhi language, that passes through the land.
The local climate also reflects the social habits and lifestyle of Sindhi people and this is why their language, folklore, traditions, customs, secular minds and lifestyle are so different from the neighboring regions and from the cultures and traditions of the world. Sindhi people are secular, loving, caring, great hosts and sincere in their nature. Archaeological research during 19th and 20th centuries showed the roots of social life, religion and culture of the Sindhi people, their agricultural practices, traditional arts and crafts, customs, tradition and other parts of social life, going back to a mature Indus Valley Civilization of the third millennium BC. Recent researches have traced the Indus Valley Civilization to even earlier ancestry; therefore, it can be called the mother of world civilizations. The ancient Sindhi civilization was the place, where the aesthetic utilisation of leisure was freely indulged as evident by the excavations of sites dating back to 3000 BC. Attacks by foreign invaders due to the agricultural development and richness of Sindh caused some changes in the culture and attitude of Sindhi people but it could not alter their sincerity and peace loving nature. They are fond of the arts, music, mysticism and dancing and are completely dedicated towards their land, culture and country. They prefer to wear traditional dresses and meet with their close ones on events and special occasions.
To celebrate Sindh’s rich culture, Sindhi people have been observing Sindh Cultural Day since a couple of years now. At this occasion, Sindhi people wear traditional dresses, eat traditional foods, arrange family and friends’ gatherings and show solidarity.

Friday, 1 February 2019

ٽيڪنولوجي جي اهميت ۽ مستقبل

My article on ٽيڪنولوجي جي اهميت ۽ مستقبل is published in daily Jeejal newspaper today on February 1, 2019. Article presents the importance an future of technology. Please don't ignore this article 
اڄوڪي روزاني جيجل ۾ منهنجو آرٽيڪل ٽيڪنولوجي جي اهميت ۽ مستقبل تي ڇپيو آهي. منهنجي نظر ۾ هي اهم آرٽيڪل آهي ڇاڪاڻ ته جيسيتائين اسان سائنس ۽ ٽيڪنولوجي کي نه سمجهنداسين تيسيتائين ترقي نه ڪري سگهنداسين.
اوهان هي آرٽيڪل ضرور پڙهجو ۽ پنهنجي راءِ ڏيندا
http://dailyjeejal.com/e-paper/2019-2-01/news/page4/1%20(6).htm?fbclid=IwAR3WFXb9m2wKmZCPq497qVggcSEvCWkySxnHKEeSNqF2KryYzswVTOliUE4

مختلف دورن ۾ ترقي ۽ تبديلي جا مختلف سبب رهيا آهن. دنيا ۾ ترقي ۽ تبديلي جو هڪ اهم ڪارڻ  ٽيڪنولوجي به رهي آهي. اها ٽيڪنولوجي سنڌ ۾ ڦيٿي ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي هجي يا درينيج جي نظام ٺاهڻ لاءِ ٿي هجي، ان ٽيڪنولوجي ڳڻپ کي آسان ڪرڻ لاءِ اباڪس کي ٺاهيو هجي يا وري رابطن لاءِ ٽيليفون، فيڪس يا ٻيا مختلف اوزار ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي هجي، اها ٽيڪنولوجي موجوده دور جو ڪمپيوٽر ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي هجي يا وري روبوٽ ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي هجي پر دنيا ۾ اهم تبديلين جو سبب ضرور رهي آهي. ٽيڪنولوجي جو مطلب ئي آهي ته اهڙو علم يا اهڙي ڄاڻ جيڪا هنر، مهارت ، فن ۽ مخصوص طريقن ۽ عملن ذريعي حاصل ٿئي ۽ جنهن سان ڪا نئين شئي يا اوزار ٺاهجي. موجوده دور ۾ ٽيڪنولوجي جو اهم ڪردار رهيو آهي بلڪه دنيا ۾ هڪ انقلاب برپا ڪيو اٿس.  ٽيڪنولوجي دنيا ۾ موجود بنيادي اساسن جي فطرت يا نيچر کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ۾ شيون يا ويسيلا هٿراڌو طريقن سان استتعمال ڪبا هئا پر هاڻي انهن جي اڪثريت خودڪار طريقن سان استعمال ٿئي پئي. جيتوڻيڪ اڃا تائين دنيا جو نقشو ته ساڳيو آهي پر ان ۾ موجود وسيلن ۽ ماڻهن جي فطرت ۽ سوچ کي ٽيڪنولوجي تبديل ڪري رهي آهي. اڳ ۾ ماڻهو پنڌ ۽ جانورن جي سواري وسيلي هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين پهچندا هئا پر هينئر تيز رفتار گاڏيون ۽ جهاز ماڻهو کي هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين تمام ٿوري وقت ۾ پهچائي ڇڏين ٿا. اڳ ۾ ٻولي سکڻ لاءِ تمام گهڻو وقت ڏيڻو پوندو هو پر هينئر ٽيڪنولوجي جي ڪري پنهنجي ٻولين کي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگهجي ٿو اهڙي طرح دنيا جي مختلف ٻولين کي پنهنجي ٻولي ۾ ترجمو ڪري سگهجي ٿو. اڳ ۾ نياپي، خط ، تار يا فون وغيره ذريعي مائٽن، دوستن وغيره سان رابطو ڪري سگهبو هو پر هينئر ٽيڪنولجي ان عمل کي ايميل، موبائيل فون، وڊيو فون وغيره جي ذريعي آسان ۽ وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهو پنهنجا رابطن کي ٽيڪنولوجي جي مختلف اوزارن ذريعي تيز ۽ ڪارائتو ڪري ڇڏيي آهي. تنهنڪري هاڻي ٽيڪنولوجي تبديلي جو اهڃاڻ بڻبي وڃي پئي. ماڻهن لاءِ آساني ۽ سهولتون پيدا ڪري پئي. روزگار جا ويسيلا پيدا ڪري رهي آهي. ديس پرديس جو فرق ختم ڪري رهي آهي. دنيا کي هڪ ڳوٺ ۾ تبديل ڪري رهي آهي.
 ٽيڪنولوجي جي ترقي جي ڪري ٿورو وقت اڳ ٺهيل اوزار ختم ٿيندا وڃن پيا. ڪجھ وقت اڳ وي سي آر اسان جي لاءِ اهم اوزار هئي جنهن ذريعي فلم ۽ ٻيون وڊيوز ڏسندا هئاسين پر هينئر وي سي آر جي ڪا اهميت نه رهي آهي. آڊيو ڪيسيٽ تمام گهڻي اهم هوندي هئي. هر ماڻهو پنهنجي پسند جي فنڪار جي ڪيسيٽ وٺي ايندو هو پر هينئر ڪو ماڻهو اها ڪيسيٽ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي ڇاڪاڻ ته نئين ٽيڪنولوجي انهن اوزارن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح ٿوري ٿوري وقت ۾ ٺهيل اوزارن ۾ تبديلي ايندي وڃي پئي ۽ پراڻا اوزار ڪنهن ڪم جا نٿا رهن. ٽيڪنولوجي جي ترقي جي ڪري ٺهندڙ اوزارن جي قيمت به گهٽجي رهي آهي، جنهنڪري ڪا نئون اوزار وٺڻ ۾ ڪا گهڻي معاشي تڪليف نه پئي ٿئي.
انفرميشن ٽيڪنولوجي نه صرف رابطن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي پر انهن ۾ جدت به پيدا ڪئي آهي، جنهن ذريعي ماڻهو ۽ مختلف قسم جون مشينون هڪ ٻئي سان پوري دنيا ۾ سيڪنڊس کان به گھٽ وقت ۾ رابطو قائم ڪري وٺن ٿا. ميڊيا جا مختلف قسم انفرميشن ٽيڪنولوجي ذريعي دنيا کي ڄاڻ، خبرون، سماجي رابطن جا اوزار مهيا ڪري رهيا آهن. انفرميشن ٽيڪنولوجي انفراسٽرڪچر جي ذريعي دنيا ۾ وڏا وڏا نيٽورڪ ۽ ڪلائوڊ  قائم ٿي رهيا آهن.  ڪمپيوٽر سائنس مختلف قسم جا سوفٽويئر ٺاهي دنيا ۾ موجود مسئلن جو حل پيش ڪري رهي آهي. واپار کي هٿي ڏيارڻ ۾ به ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفرميشن ٽيڪنولوجي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.  ڪمپيوٽر سائنس ايترو اڳتي نڪري وئي آهن جو ڪمپيوٽر يا ڪنهن به مشين کي ڪنهن مخصوص شعبي جي سکيا ڏئي ان کي ماهر بڻايو وڃي  ٿو. مثال طور ڪمپيوٽر کي بولي سکڻ، گرامر جو صحيح استعمال ڪرڻ، ماڻهن جي لکڻ يا ڳالهائڻ مان احساسن ۽ راين کي ڳولهڻ جي سکيا ڏيڻ کان پوءِ ان کي انهن شعبن ۾ هڪ ماهر طور استعمل ڪري سگهجي ٿو. ايتري تائين جو ڪنهن مشين کي سکيا ڏئي ان کان خودڪار طريقي سان ڊرائيونگ ڪرائي وڃي پئي، فيڪٽريز وغيره ۾ ڪم ورتو وڃي پيو، ڪمپيوٽر کي سکيا ڏئي شاعر، ۽ ڳائڻو بڻائي سگهجي ٿو.  اهائي مشين ترجمي لاءِ استعمال ٿئي ٿي. ماڻهن جي تڪليفن مطابق انهن جوعلاج ڪري ٿي، زمين کان ٻاهر چنڊ ۽ مريخ وغيره جون ڳالهيون ٻڌائي ٿي.  موسم، بارشن، ٻوڏن وغيره جي باري ۾  اڳواٽ خبرون ڏئي پئي.
موجوده دور انڊسٽريل انقلاب جو دور آهي جيڪو ٽيڪنولوجي جي ترقي جو چوٿون دور آهي. هن دور ۾ ٽيڪنولوجي مصنوعي ترقي يا آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي تمام گهڻي ترقي ڪري رهي آهي. روبوٽڪس، نيچرل لينگوئجز پروسس، مشين لرننگ، ڊيپ لرننگ ۽ اليڪٽرانڪ جيوگرافي وغيره جي ترقي ۽ استعمال جي ڪري دنيا سسندي وڃي پئي ۽ تيزي سان عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. قئانٽم ڪمپيوٽنگ موجوده ڪمپيوٽنگ کي تبديل ڪري رهي آهي جيڪا ٽيڪنولوجي کي وڌيڪ جدت ڏيندي ۽ دنيا کي حيران ڪن نتيجا مهيا ڪندي. جيڪا ڳالھ اسان جي تصور ۾ به ناهي سا ٽيڪنولوجي ذريعي ٿيندي. ان ٽيڪنولوجي جي ترقي ۾ سڀ کان اهم ڪردار ڪمپيوٽر سائنس، سسٽم انجنيئرنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، انفرميشن ٽيڪنولوجي ، اليڪٽرانڪ انجينئرنگ، ميڪاٽرانڪس ۽ بايوميڊيڪل ٽيڪنولوجي وغيره جو هوندو.
ناسا ۽ ڪجھ ٻيون تنظيمون ٽيڪنولوجي جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هٿراڌو ڏاهپ جي ذريعي نوان نوان اوزار ٺاهيا وڃن پيا، مختلف قسم جي مرضن لاءِ نوان ۽ بهترين علاج جا طريقا استعمال ڪيا وڃن پيا، ڳاڏي يا ٽيڪسي هلائيندڙ ڊرائيور جي حالت کي چڪاس ڪري رهيا آهن ته ڪٿي ڊرائيور نشي جي حالت ۾ ته نه آهي، خودڪار نظام جي ڪري پنهنجو پاڻ گاڏيون هلن پيون ۽ ماڻهن کي گهربل جڳهن تي پهچائن پيون، 5 جي انٽرنيٽ جي بنياد تي نوان ڊرون ٺاهيا وڃن پيا ۽ انهن جو استعمال انٽرنيٽ جي ترقي لاءِ ڪيو وڃي پيو وڃي، ان لاءِ سولر پينل استعمال ڪيا وڃن پيا. 5جي بيسڊ انٽرنيٽ 4جي کان 40 دفعا وڌيڪ انٽرنيٽ جي اسپيڊ مهيا ڪندي. اهڙي طرح رابطن ، ڊيٽا ۽ انفرميشن جي وسيلن ۾ تيزي اچي ويندي. ڊيٽا ۽ ٻين اهم اوزارن کي اسٽور ڪرڻ لاءِ 3ڊي اسٽوريج مهيا ڪئي وڃي پئي جيڪا آن لائين اسٽوريج کي وڌائيندي اهڙي طرح ماڻهن پنهنجا فائيل وغيره گڏ کڻڻ جي ضرورت ئي نه آهي. بس آن لائين پنهنجو اڪائونٽ ٺاهين ۽ پنهنجي ڊيٽا ۽ ٻين سوفٽ شين کي آن لائين اسٽور ڪن ۽ جتي چاهين کولين ۽ پنهنجو ڪم ڪن. ان سان ڊيٽا وغيره محفظ به رهندي.  بايو فريزر تي ڪم هلي رهيو جيڪي بغير دروازن ۽ خانن جي هونديون. انهن ۾ جيلي هوندي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو سامان رکيو ويندو. اهي فريزير تمام گهٽ بجلي استعمال ڪنديون. ان کان سواءِ  ٽيڪنولوجي کي استعمال ڪندي، سائنسدانن آڪيسجن جو انجيڪشن ٺاهين پيا جيڪي بيمار ماڻهن يا ساھ جي مرض ۾ مبتلا مريضن کي لڳايون وينديون جيڪي انهن کي ساھ کڻڻ ۾ مدد ڪنديون ايتري تائين اگر هو ڪن سببن جي ڪري ساھ نه پيا  کڻي سگهن ته به انهن کي آڪيسيجن ملندي. اها انجيڪشن يا سئي انهن ماڻهن کي به فائدو ڏيندي جيڪي اهڙي جڳھ تي وڃن ٿا جتي آڪسيجن نه آهي يا گهٽ آهي. ٽيڪنولوجي جي ترقي جي ڪري دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ پاڻي جي اندر رستا يا ٽنل ٺاهيا وڃن پيا جن ذريعي ڳاڏيون هڪ شهر کان يا هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ يا شهر تائين آساني سان پهچنديون.
سماجي رابطن جي اوزارن دنيا ۾ رهندڙ ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. ماڻهو پنهنجا، پنهنجي قوم ۽ ملڪ جا مسئلا انهن سماجي رابطن جي ويبسائيٽس تي هڪ ٻئي سان ونڊي رهيا آهن. هر خوشي ۽ ڏک جي خبر منٽن ۾ سمورن دوستن ۽ مائٽن سان ونڊيون وڃن ٿيون. اهڙي طرح انهن ويبسائيٽس ماڻهن جا پوري دنيا ۾ دوست پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ فيس بڪ، ٽوئيٽر، ماءِ اسپيس، انسٽاگرام، واٽس اپ، گوگل پلس، لنڪڊ ان وغيره اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهي واپار جي واڌاري لاءِ پڻ تمام گهڻيون سهولتون مهيا ڪري رهيا آهن. جيڪي ماڻهو ٿوري ناڻي سان ڪو به ڌنڌو شروع ڪرڻ چاهين ٿا ته اهي انهن اوزارن جي ذريعي بهتر واپار ڪري پئسا ڪمائي سگهن ٿا. سماجي ۽ سياسي تنظيمون يا فرد سماجي رابطن جي ويبسائيٽس ذريعي سماج کي سڌارڻ جا ڪم ۽ سياسي ڪم ڪن ٿا. ڪن ملڪن ۾ ته انهن ويبسائيٽس جي ڪري تبديليون به آيون آهن. ڪيترن ئي بي پهچ ماڻهن کي انهن ويبسائيٽس جي ڪري تمام گهڻي مدد ملي آهي ۽ انهن جا مسئلا حل ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترن جا وري مسئلا حل ٿي رهيا آهن.  سرچ انجنس يا ڳولها جي ويبسائيٽس جي ذريعي مختلف قسم جي ڄاڻ ۽ ڊيٽا حاصل ٿي رهي آهي. ڪنهن به موضوع تي تمام گهڻي ڊيٽا ملي وڃي ٿي. آن لائينز ڊڪشنريز ذريعي ڏکين لفظن جي معنا ڏسي سگهجي ٿي.  تحقيقي ڪم ۾ انٽرنيٽ ٽيڪنولوجي جي ذريعي پڻ اضافو ٿيو آهي. تحقيق لاءِ گهربل مواد ۽ اوزار آن لائين ملي وڃن ٿا. اهڙي طرح مختلف قسم جا جرنلس پڻ آن لائين آهن جيڪي تحقيق جي ڪم کي ٻين ماڻهن ۽ ادارن تائين پهچائڻ مدد ڪن ٿا.
مستقبل ۾ ڪمپيوٽر سائنس، انفرميشن ٽيڪنولوجي ، مصنوعي ڏاهپ ۽ رابطي جي نون طريقن ذريعي دنيا جي بناوٽ تبديل ٿي ويندي. اها تبديلي ايتري ته وڏي هوندي جو شايد موجوده دور جو انسان ان تبديلي کي تسليم ئي نه ڪري پر اها تبديلي هڪ حقيقت آهي جيڪا ضرور ايندي. تنهنڪري اسان پنهنجي نئين نسل کي سائنس ۽ ٽيڪنولوجي جي تعليم ڏيون ته جيئن هو هر دور سان گڏ هلي سگهن. ايندڙ وقت ۾ موبائيل فون هڪ ننڍڙي چپ ۾ تبديل ٿي ويندي جنهن ذريعي پوري دنيا سان آساني سان رابطو ڪري سگهبو. هولوگرام ٽيڪنولوجي ذريعي ماڻهو هڪ ٻئي جي سامهون هوندا. هٿراڌو چنڊ  ٺاهيو وڃي پيو جيڪو روشني فراهم ڪندو.  ٽرانسپورٽيشن جا ذريعا تبديل ٿي ويندا، اهڙي طرح ماڻهو پکين وانگر هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين اڏري پهچندا ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو سان گڏ اليڪٽرانڪ پر هوندا جن ۾ بيٽري  لڳل هوندي جيڪا ماڻهن کي اڏاري هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين پهچائيندي. جڏهن ته دنيا ۾ ڳالهائيندڙ سموريون ٻوليون ڪائناتي گرامر يا عالمي گرامر تحت ڪم ڪنديون جنهنجو مطلب ٿيو ته هر ٻولي کي پنهنجو گرامر ته هوندو پر اها ٻولي عالمي گرامر تحت وري ٻين ٻولين سان ڳنڍيل هوندي. هر ٻولي عالمي لفظن جي ڄار، جنهن کي ورڊ نيٽ چئجي ٿو،  جي ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڊيل هوندي. جنهن ذريعي اهي لفظ جيڪي اسم، صفت، ظرف ۽ فعل هوندا پوري دنيا  جي ٻولين جي اسم، صفت، ظرف ۽ فعل وارن لفظن سان ڳنڊيل هوندا. ساڳين معنا وارن لفظن جا به جوڙا ٺآهيا ويندا ته جيئن لفظن جي سڃاڻپ آساني سان ٿي سگهي.  دنيا، حقيقت ۾ عالمي ڳوٺ يا گلوبل وليج تڏهن ئي ٿيندي جڏهن سموريون ٻوليون هڪ ٻئي لاءِ سمجھ لائق هونديون ۽ سمورا وسيلا پوري انسانيت جي استعمال لاءِ هوندا.
ٽيڪنولوجي ۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي، تنهنڪري هن وقت ضرورت ان ڳاله جي آهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي يا نوجوانن کي سائنس، انجينيئرنگ ۽ ٽيڪنولوجي جي تعليم مهيا ڪريون ته جيئن هي نون ايندڙ نظرين ۽ ٽيڪنولوجيز کي سمجهي سگهن ۽ اسان جو سماج ۽ ملڪ ترقي ڪري سگهن ٻي صورت ۾ اسان دنيا کان پٺتي رهجي وينداسين. جيتوڻيڪ اسان ان رستي تي هلون پيا پر آهسته ۽ گهٽ تعداد ۾. هي دور آرٽيفيشل انٽيليجنس جو دور آهي جنهن کي ڊجيٽل ايج چون ٿا. ان لاءِ اسان کي هٿراڌو ڏاهپ ۽ ان سان لاڳاپيل سمورين ٽيڪنولجيز کي سمجھڻو پوندو ۽ ان مطابق تعليم حاصل ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي ادارن کي ٺاهڻو پوندو. حڪومت کي پنهنجي سمورن شعبن ۾ انفرميشن ٽيڪنولوجي، ڪمپيوٽرسائنس سان گڏ مختلف قسم جي ٽيڪنولوجيز کي استعمال ڪرڻو پوندو خاص ڪري تعليم جي شعبي، زراعت جي شعبي، صحت جي شعبي، نهري نظام جي شعبي، ٽرانسپورٽيشن جي شعبي، روينيو جي شعبي، فائننس جي شعبي ۾ ته جلد کان جلد ٽيڪنولوجيز جو استعمال ڪيو وڃي ۽ هر عمل کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو وڃي. صدر پاڪستان ته آرٽيفيشل انٽيليجنس کي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم اسڪيم شروع ڪئي آهي جنهن ذريعي ملڪ جي نوجوانن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مختلف شعبن ۾ سکيا ڏني ويندي.  تنهنڪري اسان جي نوجوانن کي ان اسڪيم مان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي. آرٽيفيشل انٽيليجنس سان گڏ مختلف ٽيڪنولوجيزجا ڪورس پڻ ڪرڻ گهرجن ته جيئن ترت نوڪري وٺڻ سان گڏ تيز رفتار دنيا سان گڏ هلي سگهجي. حڪومت پاڪستان هن وقت آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ ايم فل ڪرائڻ لاءِ سمورين يونيورسٽيز تي زور ڀري رهي آهي ته جيئن هي ڊگري ڪورس جلد شروع ڪري سگهجي. اسان جي حڪومت کي  انڊسٽريل دور جي ضرورتن کي سمجهڻو پوندو ۽ ان جي مطابق ترت قدم کڻڻا پوندا. صوبائي حڪومتن کي به اهڙا قدم کڻڻا پوندا خاص ڪري سنڌ حڪومت کي پنهنجي آئي ٽي جي شعبي ۾ جدت آڻڻي پوندي ۽ مختلف قسم جي وزراتن ۾ ٽيڪنولوجي جو ڀرپور استعمال ڪرڻو پوندو. هن وقت سڀ کان اهم سيڙپ ٽيڪنولوجي ئي آهي جنهن جا فائدا تمام گهڻا ۽ ڏوررس آهن.  هاڻي اهو دور ويو جڏهن صرف ڳالهين تي گذارو ڪبو هو. هي دور عمل جو دور آهي، تنهنڪري حڪومت ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن کي نون ٽيڪنولوجيز مطابق ڊانچا يا اسٽرڪچرس ٺاهڻا پوندا. اهڙي طرح اسڪولس، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز کي به اپگريڊ ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي وسيلا مهيا ڪرڻ سان گڏ پابند بڻايو وڃي ته هو ٽيڪنولوجي جو صحي استعمال ڪن. جيستيائين ٽيڪنولوجي جو صحي طريقي سان استعمال نه ٿيندو تيسيتائين اسان ترقي نه ڪري سگهنداسين.

Learning, Growth, and Success

Dr. Mazhar Ali Dootio In the dynamic landscape of personal and professional development, the principles of learning, growth, and success s...