روزاني جيجل حيدرآباد ۾ 24 ڊسمبر 2018ع تي منهنجو آرٽيڪل تعليمي ادارن جي ترقي ۽ اسان جا رويا!ٰ تي ڇپيو جيڪو اوهان منهنجي بلاغ تي پڙهي سگهو ٿا. هن آرتيڪل پڙهڻ سان اوهان کي موجوده دور ۾ تعليمي اداران جا مسئلا ڪهڙا آهن، انهن ادارن ۾ تعليم جو معيار ڇا آهي؟ اسان جا رويا ڪهڙا آهن ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جور ڪردار ڪهڙو آهي؟
http://dailyjeejal.com/e-paper/2018-12-23/news/page4/1%20(6).htm
ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ ضروري هوندو آهي ته اتان جو عوام سڄاڳ هجي. اتان جو عوام تعليم يافته هجي. اتان جا تعليمي ادارا نج تعليم ڏيڻ واري عمل ۾ مشغول هجن. انهن جو مقصد پنهنجي قوم کي تعليم يافته ڪرڻ هجي. اهي ادارا بهترين قسم جا تحقيقي مرڪز قائم ڪن. انهن وٽ انڪيوبيشن سينٽر هجن جتي تحقيق ۽ نوڪرين جي سکيا ڏني وڃي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان وٽ ان سطح جا تعليمي ادارا نه ٺهي سگهيا آهن. ڪرپشن، اها ڪرپشن سوفٽ ڪرپشن هجي يا هارڊ ڪرپشن هجي ، جلدي ۾ امير ٿيڻ واري سوچ، اقرباپروري، سفارش، پنهنجي عهدي جو ناجائز ۽ غلط فائدو وٺڻ ، پنهنجي ماڻهن کي ناجائز فائدو ڏيڻ ، انهن کي غير ضروري ۽ غير قانوني ترقي ڏيڻ ۽ ڀرتي ڪرڻ ، غير جهموري روين ۽ حڪومت، سماجي ادارن ۽ ميڊيا جي ناجائز مداخلت اسان جي ٻين ادارن سان گڏ تعليم جهڙي مقدس ادارن کي به تباھ ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان ۾ پي ايچ ڊي جي ڊگري کي حيثيت ملڪن جي حيٽيت مطابق ڏني ويندي آهي. ٻاهرين ملڪن مان ڊگري وٺندڙن جي اهميت سڀ کان وڌيڪ هوندي آهي. اهڙي طرح ٻاهرين ملڪن مان به يوروپين ۽ امريڪن ملڪن جي پي ايچ ڊي کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي. ان کان پوِءِ ايشين ملڪن جي پي ايچ ڊي جي ڊگري کي اهميت ڏني ويندي آهي. پاڪستان ۾ وري پرائيويٽ ادارن مان پي ايچ ڊي جي ڊگري وٺندڙن کي پبلڪ سيڪٽر جي يونيورسٽيز کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي جنهنجو مطلب ته پاڪستان ۾ پي ايچ ڊي جي ڊگري کي به مختلف حيٽيتن ۾ ورهايو ويو آهي جيئين هڪ دور ۾ پيلي ڊريس پائيڻ جي بنياد تي شاگردن ۽ اسڪولس جي سڃاڻپ ٿيندي هئي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته امريڪن ۽ يوريپين يونيورسٽيز ۾ پڙهائي جي نظام اسان جي يونيورسٽِز کان بهتر آهي تنهنڪري اتان ڊگريز وٺندڙن جي ڄاڻ ۽ پڙهائي جو طريقيڪار به مختلف هوندو آهي. پاڪستان ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪو پاڪستان جي سمورين يونيورسٽيز کي سنبالي ٿو، انهن جا نصاب ٺاهي ٿو ۽ يونيورسٽيز کي فنڊ مهيا ڪري ٿو. اهڙي طرح اهو ئي ادارو آهي جيڪو مختلف ڊگرين ڏيڻ جا معيار به مقرر ڪري ٿو خاص ڪري ايم فل يا پي ايچ ڊي جي ڊگرين جا معيار مقرر ڪري ٿو. هي ادارو ئي ٻاهرين يونيورسٽيز کي رڪگنائيز ڪري ٿو جتان پاڪستاني وڌيڪ تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. پر افسوس جو اڄ تائين ان اداري ڪو اهڙو طريقيڪار نه ٺاهيو آهي جنهن جي معيار کي پبلڪ ۽ پرائيويٽ يونيورسٽيز ۾ نافذ ڪيو وڃي ته جيئين ٻنهي ادارن جي ڊگرين جي اهميت ۾ ڪو فرق نه هجي. ان سان گڏ هي ادارو اهڙو معيار نه ٺاهي سگهيو آهي جنهن ذريعي پاڪستان مان ٿيندڙ پي ايچ ڊي جي ڊگري کي بين الاقوامي ڊگري جي حيثيت ملي جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ ٿيندڙ پي ايچ ڊي ٻاهريان ٿيندڙ پي ايچ ڊي کان وڌيڪ ڏکي ۽ پيچيده آهي. تنهنڪري پاڪستان ۾ ٿيندڙ پي ايچ ڊي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي نه ئي ان ڊگري جي اهميت کي گهٽائي سگهجي ٿو. ٻاهرين ملڪن مان پي ايچ ڊي ڪندڙن کي کوڙ ساريون سهولتون، رعاتيون ۽ اسڪالرشپس ملن ٿيون جڏهن ته پاڪستان ۾ اهڙيون سهولتون ۽ رعايتون ڪون ملن ٿيون. هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي هڪ خاص نصاب ۽ طريقيڪار نه ٺاهڻ جي ڪري، پاڪستان مان پي ايچ ڊي ڪندڙن جي حيثيت ٻاهريان پي ايچ ڊي ڪندڙن جي نظرن ۾ گهٽ رهي ٿي ۽ هتان جا ادارا ٻاهريان پي ايچ ڊي ڪنڊڙ يا خانگي ادارن مان پي ايچ ڊي ڪندڙ کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. تنهنڪري هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي ان معامري تي گهرائي سان سوچڻ گهرجي ٻي صورت ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ پي ايچ ڊيز جي ڊگرين جي اڳتي هلي اهميت نه رهندي يا اهي ڊگريون صرف ترقي ۽ الائونس لاءِ حاصل ڪيون وينديون. .
جيڪڏهن اسان پنهنجي ملڪ، قوم ۽ صوبي سان سچا آهيون ته اسان کي پنهنجي سمورن ادارن جي ترقي لاءِ سوچڻ سان گڏ مثبت ڪم به ڪرڻو پوندو، اسان کي پنهنجي سوچ به مثبت ڪرڻي پوندي خاص ڪري تعليمي اداران جي ترقي لاءِ اسان کي مثبت ٿي سوچڻو پوندو ۽ انهن جي تباهي جي سببن تي به مثبت سوچ رکي بحث ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ اسان ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهنداسين ڇاڪاڻ ته بهتر تعليم ۾ ئي اسان جي سمورن مسئلن جو حل آهي. اسان جون تنقيدون صرف ادارن کي بدنام ڪرڻ لاءِ هونديون آهن جڏهن ته تنقيد براءِ اصلاح هئڻ گهرجي. تنهنڪري جڏهن به اسان ڪنهن اداري يا شخصيت تي تنقيد ڪريون ته ان کي مختلف رخن کان ڏسون ۽ تنقيد سان گڏ ان جو حل ۽ تجويزيون پڻ ڏيون. اسان تنقيد پنهنجي نالي ۽ مفاد لاءِ نه ڪريون پر اداري جي ترقي ۽ بهتري لاءِ ڪريون. ڪنهن هڪ فرد يا ڪجھ فردن جي ڪري پنهنجي ادارن جي غلا نه ڪريون. اسان ڊرائنگ روم واري سياست جيان پنهنجي تعليمي ادارن تي به گهر ۾ ويهي بغير ڪنهن ڄاڻ جي تنقيد ڪندا آهيون ۽ انهن لاءِ گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهيون. صرف ڳالهين ڪرڻ سان سماج ۽ ادارا ترقي نه ڪندا آهن. پر ان لاءِ عملي ڪم ڪرڻا پوندا آهن. ذاتي لالچ ۽ ٻئي جي ٽنگ ڪڍڻ لاءِ ڪم ۽ تنقيد ڪنداسين ته اسان جو سماج موجوده حالت کان به خراب حالت ۾ هليو ويندو.
اسان وٽ يونيورسٽيز ۾ تحقيق واري عمل کي گهٽ اهميت ڏني وڃي ٿي. اهڙي طرح جيڪي تحقيق ڪرڻ چاهين ٿا انهن وٽ گهربل فنڊ ۽ وسيلا نه آهن تنهنڪري ڪا اهم ۽ خاص تحقيق سامهون نه اچي سگهي آهي. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا تحقيق ڪندڙن ۽ تحقيقي ادارن جي ڪا خاص مدد نٿا ڪن جنهن جو سئون سڌو نقصان يونيورسٽيز ، سماج ۽ لاڳاپيل ادارن کي ٿئي ٿو. ڪنهن به يونيورسٽي جو وڏي ۾ وڏو ڪم تحقيق کي وڌائڻ ۽ تحقيقي ادارا قائم ڪرڻ هوندو آهي پر اسان وٽ بدقسمتي سان ائين نه آهي. هتي جن ادارن کي فنڊ ۽ وسيلا مهيا ڪيا وڃن ٿا انهن ادارن ۾ سٺي تحقيق ٿي رهي آهي ۽ نتيجا به سٺا نڪري رهيا آهن يا جيڪي تحقيق ڪندڙ پنهنجي گهران خرچ ڪن ٿا اهي به بهتر تحقيق ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي تحقيق نتيجا به ڏئي رهيا آهن. اسان وٽ بدقسمتي سان تحقيقي عمل ۾ به مداخلت آهي. اسان وٽ ڊپارٽمينٽس جا سربراھ ، دوست ۽ ڪجھ استاد پنهنجي شعبي ۾ ترقي حاصل ڪرڻ جي ڪري زور ڀريندا آهن ته تحقيقي مقالن ۾ انهن جو نالو به شامل ڪيو وڃي جيڪو هڪ غير اخلاقي ۽ ڪريل عمل آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن جو ان تحقيقي ڪم ۾ ڪو به ڪردار نه هوندو آهي. هو بغير ڪم ڪرڻ جي پاڻ کي تحقيق جو حصو بڻائيندا آهن. جڏهن ته ٿيڻ ائين گهرجي ته هو ماڻهو پاڻ ئي ان عمل جو حصو نه ٿين جنهن عمل يا ڪم ۾ انهن جو ڪنهن به حوالي سان ڪو ڪردار يا ڪم نه رهيو آهي، اهڙي طرح ان عمل جي ڪري تحقيق جو معيار به نٿو رهي. حقيقت ۾ اها به هڪ قسم جي ڪرپشن آهي جيڪا اسان جي يونيورسٽي يا ڪاليج جا استاد ڪن ٿا. ان کان سواِءِ اسان وٽ تحقيق کان وڌيڪ اڪيڊيمڪ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. ڪجھ استاد تحقيق ڪرڻ کان وڌيڪ رسمي طريقن سان سبجيڪٽ پڙهائڻ کي ترجيح ڏين ٿا ڇاۡڪاڻ ته هو تحقيق واري عمل کان ايترا واقف نه آهن جڏهن ته هڪ يونيورسٽي استاد لاءِ تحقيق ئي سڀ ڪجھ هوندي آهي. ايتري تائين جو يونيوريسٽي استاد جي ترقي به تحقيق ۽ تحقيق واري ڊگري جي ڪري ٿئي ٿي. هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي اهڙو نظام ٺاهڻ گهرجي جنهن ذريعي انهن استادن کي اڳين گريڊ ۾ ترقي ڏني وڃي جنهن جا گهربل تحقيقي مقالا پنهنجا هجن نه ڪي ٻين جي ڪم جا هجن.
تعليمي ادارن جي ترقي نه ڪرڻ ۾ مختلف قسمن جي مداخلت ۽ ڪرپشن سان گڏ محترم استادن ۽ اسٽاف جي يونينز جو پڻ اهم ڪردار رهيو آهي. اهي به ڪن عملن ذريعي تعليمي ادارن کي نقصان ڏين ٿا. اهڙي طرح اهي يونينز به اداري جي ترقي لاءِ ڪي خاص ڪم ۽ مثبت ڪردار ادا نه ڪري سگهيا آهن، نه ئي تحقيق ۽ تدريس واري ڪم کي وڌائڻ لاءِ ڪا خاص جدوجهد ڪري سگهيا آهن.

دنيا ۾ ترقي جا معيار مقرر ٿيل آهن، جنهن تحت قومون، ملڪ ۽
ادار ڪم ڪن ٿا. ترقي يافته ملڪن جا ماڻهو ملڪي ادارن کي پنهنجو سمجهندا آهن
جنهنڪري انهن ملڪن جا سمورا ادارا بهترين نتيجا ڏئي رهيا آهن ۽ دنيا ۾ پنهنجو نالو
ڪري رهيا آهن. ماڻهو انهن ادارن ۾ ڪنهن به قسم جي ناجائز ۽ غير ضروري مداخلت نٿا
ڪن، نه ئي وري ڪا بي تڪي تنقيد ڪن ٿا بلڪه انهن ادارن کي بهتر بڻائڻ لاءِ انهن جي
جائز مدد ڪن ٿا. انهن ملڪن جا ڏاها، تجربيڪار ۽ ماهر ماڻهو انهن ادارن کي بهتر هلائڻ
لاءِ هر وقت ڪارائتا مشورا ڏيندا رهن ٿا. اسان وٽ ماڻهن جا رويا انهن ترقي ڪندڙ
ملڪن جي ماڻهن کان مختلف آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان جا ادارا ڪي خاص نتيجا نه
ڏئي سگهيا آهن.
پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين اسان وٽ ڪا به عالمي سطح
جي يونيورسٽي ڪون ٺهي سگهي آهي جنهن جي ڊگريز کي پوري دنيا ۾ مڃيو وڃي. اسان وٽ اهڙيون
گهٽ اسپتالون آهن جت ڪو بهتر ۽ عالمي معيار جو علاج ٿيندو هجي. جنهن به اداري کي
ڏسبو ته هو خراب حالت ۾ ئي نظر ايندو. آخر ڪهڙا سبب آهن جو اسان وٽ ادارا گهربل
نتيجا نٿا ڏين ۽ نه ئي وري ڪا ترقي ڪندي نظر اچن ٿا، ڪهڙا عنصر آهن جيڪي انهن
ادارن کي ترقي ڪرڻ نٿا ڏين؟ اها ڪهڙي قسم جي مداخلت آهي جيڪا ادارن ۾ ڪم ڪندڙن کي
آزاد ٿي ڪم ڪرڻ نٿي ڏئي ۽ ترقي واري عمل کي روڪي ٿي؟ ڇا اسان جا ادارا عالمي
معياري طريقي کي سمجهندي ان تي هلن ٿا، جنهن سان صحي ۽ ميرٽ تي ڪم ڪري سگهجي؟ ڇا اسان جا ادارا آئي ايس او سرٽيفيڪيشن جو سوچين
ٿا، جنهن سان ادارا عالمي معيار جا نتيجا ڏيندا آهن؟ ڇا اسان جي ادارن جي سربراهن
کي هڪ آزاد ۽ خاص عمل ذريعي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو؟ اهي ڪهڙا عمل آهن جيڪي ادارن
جي سربراهن ۽ انهن جي ماتحت ماڻهن کي ڪرپشن ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا؟ ان کانسواءِ کوڙ
سارا ٻيا سوال آهن جيڪي اسان جي ادارن جي ترقي ۾ رڪاوٽ کي ظاهر ڪري سگهن ٿا.
ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ ضروري هوندو آهي ته اتان جو عوام سڄاڳ هجي. اتان جو عوام تعليم يافته هجي. اتان جا تعليمي ادارا نج تعليم ڏيڻ واري عمل ۾ مشغول هجن. انهن جو مقصد پنهنجي قوم کي تعليم يافته ڪرڻ هجي. اهي ادارا بهترين قسم جا تحقيقي مرڪز قائم ڪن. انهن وٽ انڪيوبيشن سينٽر هجن جتي تحقيق ۽ نوڪرين جي سکيا ڏني وڃي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان وٽ ان سطح جا تعليمي ادارا نه ٺهي سگهيا آهن. ڪرپشن، اها ڪرپشن سوفٽ ڪرپشن هجي يا هارڊ ڪرپشن هجي ، جلدي ۾ امير ٿيڻ واري سوچ، اقرباپروري، سفارش، پنهنجي عهدي جو ناجائز ۽ غلط فائدو وٺڻ ، پنهنجي ماڻهن کي ناجائز فائدو ڏيڻ ، انهن کي غير ضروري ۽ غير قانوني ترقي ڏيڻ ۽ ڀرتي ڪرڻ ، غير جهموري روين ۽ حڪومت، سماجي ادارن ۽ ميڊيا جي ناجائز مداخلت اسان جي ٻين ادارن سان گڏ تعليم جهڙي مقدس ادارن کي به تباھ ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ جهڙو تعليمي نظام يا نصاب ۽ تعليمي ادارن ۾ بهترين ماحول
قومن ۽ ملڪن کي ترقي ڏياريندا آهن ۽ سماج ۾ برابري واري سوچ پيدا ڪندا آهن. پر
اسان وٽ ائين نه آهي. اسان جا اسڪول ۽
ڪاليج جنهن نصاب تحت تعليم ڏين ٿا اهو نصاب موجوده دور جي ضرورتن مطابق نه آهي. تنهنڪري
اسان جا ٻار اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پراڻن نظرين ۽ طريقن سان تعليم حاصل ڪن ٿا. اسان وٽ
پرائمري سطح کان وٺي يونيورسٽي تائين تعليم جا معيار مختلف آهن. اسڪولس، ڪاليجز ۽
يونيورسٽيز جو الڳ الڳ تعليم جو نظام آهي. اهڙي طرح حڪومتي ۽ خانگي اداران جا جدا
جدا تعليمي نظام آهن. خانگي اسڪولس ۾ به مختلف قسم جا تعليمي معيار ۽ طريقا آهن.
هر خانگي اسڪول پنهنجو الڳ نطاب ۽ ڊريس ڪوڊ ٺاهي ويٺو آهي. پاڪستان ۾
مدرسن جو پنهنجو تعليمي نظام آهي. هتي مدرسن جا به ڪي پنج ڇھ تعليمي نظام
آهن. اهڙن تعليمي نصابن ۽ نظامن جي ڪري اسان جو نوجوان طبقو مختلف سوچن ۾ ورهايل
رهيو آهي جنهنڪري هن ملڪ ۾ اڄ تائين ڪو بهتر سياسي، معاشي ۽ سماجي ترقي جو نظام نه
ٺهي سگهيو آهي. حڪومتون اهڙن نظرين تي قائم ڪيون وڃن ٿيون جن سان ملڪ ۽ قوم کي ڪو
خاص فائدو نه پهچي سگهيو آهي.
پاڪستان ۾ تعليم جا معيار پرائمري کان وٺي پي ايچ ڊي تائين مختلف
رهيا آهن. جڏهن ته معاشي طبقاتي نظام جو به اسان جي تعليم ادارن تي اثر رهندو اچي
پيو. طبقاتي نظام جي ڪري هر طبقو پنهنجي حيثيت
مطابق پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياري رهيو آهي. اسان وٽ ڪو به اهڙو ادارو نه ٺهيو آهي
جيڪو انهن معيارن کي ماپي ڪو هڪ نصاب ۽ نظام ٺاهي ته جيئن ملڪ ۾ سڀ جا سڀ ماڻهو
هڪجھڙي تعليم حاصل ڪري سگهن. اهڙي طرح ادارن جي بناوٽ جا به ڪي خاص اصول نه ٺاهيا
ويا آهن تنهنڪري مختلف طبقن لاءِ مختلف قسم جا ادارا ٺاهيا وڃن ٿا جنهنڪري سماج ۾
اڻ برابري واري سوچ پيدا ٿئي ٿي جيڪا ملڪ جي ترقي تي سئون سڌو اثر ڪري ٿي.
جيئن پرائمري، مڊل ۽ ڪاليج تائين تعليم جا معيار مختلف رهيا
آهن ائين ئي وري پي ايچ ڊي جي ڊگري به پاڪستان ۾ مختلف معيارن تحت ڏني وڃي ٿي.
يونيورسٽيز پنهنجي سهولتن ۽ ماحول مطابق پي ايچ ڊي ڪرائڻ جا طريقا ٺاهن ٿيون
جنهنڪري ان ڊگري جا معيار به مخلتف رهيا آهن. ايتري تائين جو تحقيقي مقالن جي چڪاس
لاءِ به مختلف معيار مقرر ٿيل آهن جنهن سان پي ايچ ڊي جهڙي اهم ڊگري جي اهميت تي
اثر پوي ٿو. پاڪستان ۾ ماڻهو پنهنجي محنت،
سهولت، وسيلن جي بنياد تي هيٺين ادارن مان پي ايچ ڊي جون ڊگريون وٺن ٿا.
پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيز ذريعي پي ايچ ڊي جي ڊگري
پرائيويٽ سيڪٽر ذريعي پي ايچ ڊي جي ڊگري
يوروپين ۽ امريڪن ملڪن جي يونيورسٽيز مان پي ايچ ڊي جي ڊگري
ايشين ملڪن جي يونيورسٽيز مان پي ايچ ڊي جي ڊگري
پرائيويٽ سيڪٽر ذريعي پي ايچ ڊي جي ڊگري
يوروپين ۽ امريڪن ملڪن جي يونيورسٽيز مان پي ايچ ڊي جي ڊگري
ايشين ملڪن جي يونيورسٽيز مان پي ايچ ڊي جي ڊگري
پاڪستان ۾ پي ايچ ڊي جي ڊگري کي حيثيت ملڪن جي حيٽيت مطابق ڏني ويندي آهي. ٻاهرين ملڪن مان ڊگري وٺندڙن جي اهميت سڀ کان وڌيڪ هوندي آهي. اهڙي طرح ٻاهرين ملڪن مان به يوروپين ۽ امريڪن ملڪن جي پي ايچ ڊي کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي. ان کان پوِءِ ايشين ملڪن جي پي ايچ ڊي جي ڊگري کي اهميت ڏني ويندي آهي. پاڪستان ۾ وري پرائيويٽ ادارن مان پي ايچ ڊي جي ڊگري وٺندڙن کي پبلڪ سيڪٽر جي يونيورسٽيز کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي جنهنجو مطلب ته پاڪستان ۾ پي ايچ ڊي جي ڊگري کي به مختلف حيٽيتن ۾ ورهايو ويو آهي جيئين هڪ دور ۾ پيلي ڊريس پائيڻ جي بنياد تي شاگردن ۽ اسڪولس جي سڃاڻپ ٿيندي هئي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته امريڪن ۽ يوريپين يونيورسٽيز ۾ پڙهائي جي نظام اسان جي يونيورسٽِز کان بهتر آهي تنهنڪري اتان ڊگريز وٺندڙن جي ڄاڻ ۽ پڙهائي جو طريقيڪار به مختلف هوندو آهي. پاڪستان ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪو پاڪستان جي سمورين يونيورسٽيز کي سنبالي ٿو، انهن جا نصاب ٺاهي ٿو ۽ يونيورسٽيز کي فنڊ مهيا ڪري ٿو. اهڙي طرح اهو ئي ادارو آهي جيڪو مختلف ڊگرين ڏيڻ جا معيار به مقرر ڪري ٿو خاص ڪري ايم فل يا پي ايچ ڊي جي ڊگرين جا معيار مقرر ڪري ٿو. هي ادارو ئي ٻاهرين يونيورسٽيز کي رڪگنائيز ڪري ٿو جتان پاڪستاني وڌيڪ تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. پر افسوس جو اڄ تائين ان اداري ڪو اهڙو طريقيڪار نه ٺاهيو آهي جنهن جي معيار کي پبلڪ ۽ پرائيويٽ يونيورسٽيز ۾ نافذ ڪيو وڃي ته جيئين ٻنهي ادارن جي ڊگرين جي اهميت ۾ ڪو فرق نه هجي. ان سان گڏ هي ادارو اهڙو معيار نه ٺاهي سگهيو آهي جنهن ذريعي پاڪستان مان ٿيندڙ پي ايچ ڊي جي ڊگري کي بين الاقوامي ڊگري جي حيثيت ملي جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ ٿيندڙ پي ايچ ڊي ٻاهريان ٿيندڙ پي ايچ ڊي کان وڌيڪ ڏکي ۽ پيچيده آهي. تنهنڪري پاڪستان ۾ ٿيندڙ پي ايچ ڊي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي نه ئي ان ڊگري جي اهميت کي گهٽائي سگهجي ٿو. ٻاهرين ملڪن مان پي ايچ ڊي ڪندڙن کي کوڙ ساريون سهولتون، رعاتيون ۽ اسڪالرشپس ملن ٿيون جڏهن ته پاڪستان ۾ اهڙيون سهولتون ۽ رعايتون ڪون ملن ٿيون. هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي هڪ خاص نصاب ۽ طريقيڪار نه ٺاهڻ جي ڪري، پاڪستان مان پي ايچ ڊي ڪندڙن جي حيثيت ٻاهريان پي ايچ ڊي ڪندڙن جي نظرن ۾ گهٽ رهي ٿي ۽ هتان جا ادارا ٻاهريان پي ايچ ڊي ڪنڊڙ يا خانگي ادارن مان پي ايچ ڊي ڪندڙ کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. تنهنڪري هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي ان معامري تي گهرائي سان سوچڻ گهرجي ٻي صورت ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ پي ايچ ڊيز جي ڊگرين جي اڳتي هلي اهميت نه رهندي يا اهي ڊگريون صرف ترقي ۽ الائونس لاءِ حاصل ڪيون وينديون. .
جيڪڏهن اسان پنهنجي ملڪ، قوم ۽ صوبي سان سچا آهيون ته اسان کي پنهنجي سمورن ادارن جي ترقي لاءِ سوچڻ سان گڏ مثبت ڪم به ڪرڻو پوندو، اسان کي پنهنجي سوچ به مثبت ڪرڻي پوندي خاص ڪري تعليمي اداران جي ترقي لاءِ اسان کي مثبت ٿي سوچڻو پوندو ۽ انهن جي تباهي جي سببن تي به مثبت سوچ رکي بحث ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ اسان ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهنداسين ڇاڪاڻ ته بهتر تعليم ۾ ئي اسان جي سمورن مسئلن جو حل آهي. اسان جون تنقيدون صرف ادارن کي بدنام ڪرڻ لاءِ هونديون آهن جڏهن ته تنقيد براءِ اصلاح هئڻ گهرجي. تنهنڪري جڏهن به اسان ڪنهن اداري يا شخصيت تي تنقيد ڪريون ته ان کي مختلف رخن کان ڏسون ۽ تنقيد سان گڏ ان جو حل ۽ تجويزيون پڻ ڏيون. اسان تنقيد پنهنجي نالي ۽ مفاد لاءِ نه ڪريون پر اداري جي ترقي ۽ بهتري لاءِ ڪريون. ڪنهن هڪ فرد يا ڪجھ فردن جي ڪري پنهنجي ادارن جي غلا نه ڪريون. اسان ڊرائنگ روم واري سياست جيان پنهنجي تعليمي ادارن تي به گهر ۾ ويهي بغير ڪنهن ڄاڻ جي تنقيد ڪندا آهيون ۽ انهن لاءِ گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهيون. صرف ڳالهين ڪرڻ سان سماج ۽ ادارا ترقي نه ڪندا آهن. پر ان لاءِ عملي ڪم ڪرڻا پوندا آهن. ذاتي لالچ ۽ ٻئي جي ٽنگ ڪڍڻ لاءِ ڪم ۽ تنقيد ڪنداسين ته اسان جو سماج موجوده حالت کان به خراب حالت ۾ هليو ويندو.
اسان وٽ تنقيد ڪرڻ جو ڄڻ ته رواج پئجي ويو آهي. هتي تنقيد
جي ڪي معيار ئي ڪونهن. هر ڪم تي تنقيد
ڪريون ٿا ايتري تائين جو جنهن ڪم جي خبر به نه آهي ان تي به ڳالهايون ٿا. تنهنڪري
جنهن شعبي ۾ اسان کي مهارت هجي ان شعبي تي اصلاحي تنقيد ڪريون ته بهتر ٿيندو ٻي
صورت ۾ اداري جي بدنامي کان سواءِ ڪجھ به نه ملندو جنهنجو نقصان ملڪ، قوم ۽ صوبي
جو هوندو.
تعليم ئي سماج کي ترقي ڏياريندي آهي، تعليم ئي پٺتي پيل
سماجن کي اڳتي آڻيندي آهي تنهنڪري تعليمي ادارن تي ڳالهائڻ ۽ انهن تي تنقيد ڪرڻ
کان اڳ ۾ پنهنجي شخصيت کي به جاچڻ گهرجي ته ڇا اسان جي ڄاڻ ۽ تجربو انهن ادارن تي
تنقيد ڪرڻ جي لائق آهن. ڇا اسان تعليمي
ماهر آهيون يا جنهن تعليمي اداري تي تنقيد ڪريون پيا ان جي اداري جي بناوٽ جي ڪا
خبر آهي يا صرف هوا ۾ تير هڻون پيا. جيسيتائين اسان کي ان لاڳاپيل اداري جي نظام
جي خبر نه هجي تيسيتائين اسان کي ان اداري تي تنقيد ڪرڻ جو به ڪو حق نه هجڻ گهرجي.
اسان وٽ ٿئي ائين پيو ته ٻڌي ڳالهين تي يا دوستي يا ڪنهن لالچ جي ڪري مختلف ادارن
تي بي تڪي تنقيد ڪجي ٿي. اسان وٽ ميڊيا،
حڪومتي، سياسي ۽ سماجي ادارن جي تعليمي ادارن ۾ تمام گهڻي مداخلت رهي ٿي. جنهنڪري
اسان جا تعليمي ادارا تحقيقي ۽ تدريسي عمل ۾ ڪا گهربل ترقي نه ڪري سگهيا آهن ۽ ني
ئي وري ڪي خاص نتيجا ڏئي سهگيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان جا ادارا عالمي سطح جي
حيثيت حاصل نه ڪري سگهيا آهن. اها مداخلت مثبت هجي ته تمام بهتر ٿئي پر هتي پنهنجي
مفادن خاطر فردن ۽ ادارن کي بدنام ڪيو وڃي پيو.
اسان وٽ يونيورسٽيز ۾ تحقيق واري عمل کي گهٽ اهميت ڏني وڃي ٿي. اهڙي طرح جيڪي تحقيق ڪرڻ چاهين ٿا انهن وٽ گهربل فنڊ ۽ وسيلا نه آهن تنهنڪري ڪا اهم ۽ خاص تحقيق سامهون نه اچي سگهي آهي. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا تحقيق ڪندڙن ۽ تحقيقي ادارن جي ڪا خاص مدد نٿا ڪن جنهن جو سئون سڌو نقصان يونيورسٽيز ، سماج ۽ لاڳاپيل ادارن کي ٿئي ٿو. ڪنهن به يونيورسٽي جو وڏي ۾ وڏو ڪم تحقيق کي وڌائڻ ۽ تحقيقي ادارا قائم ڪرڻ هوندو آهي پر اسان وٽ بدقسمتي سان ائين نه آهي. هتي جن ادارن کي فنڊ ۽ وسيلا مهيا ڪيا وڃن ٿا انهن ادارن ۾ سٺي تحقيق ٿي رهي آهي ۽ نتيجا به سٺا نڪري رهيا آهن يا جيڪي تحقيق ڪندڙ پنهنجي گهران خرچ ڪن ٿا اهي به بهتر تحقيق ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي تحقيق نتيجا به ڏئي رهيا آهن. اسان وٽ بدقسمتي سان تحقيقي عمل ۾ به مداخلت آهي. اسان وٽ ڊپارٽمينٽس جا سربراھ ، دوست ۽ ڪجھ استاد پنهنجي شعبي ۾ ترقي حاصل ڪرڻ جي ڪري زور ڀريندا آهن ته تحقيقي مقالن ۾ انهن جو نالو به شامل ڪيو وڃي جيڪو هڪ غير اخلاقي ۽ ڪريل عمل آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن جو ان تحقيقي ڪم ۾ ڪو به ڪردار نه هوندو آهي. هو بغير ڪم ڪرڻ جي پاڻ کي تحقيق جو حصو بڻائيندا آهن. جڏهن ته ٿيڻ ائين گهرجي ته هو ماڻهو پاڻ ئي ان عمل جو حصو نه ٿين جنهن عمل يا ڪم ۾ انهن جو ڪنهن به حوالي سان ڪو ڪردار يا ڪم نه رهيو آهي، اهڙي طرح ان عمل جي ڪري تحقيق جو معيار به نٿو رهي. حقيقت ۾ اها به هڪ قسم جي ڪرپشن آهي جيڪا اسان جي يونيورسٽي يا ڪاليج جا استاد ڪن ٿا. ان کان سواِءِ اسان وٽ تحقيق کان وڌيڪ اڪيڊيمڪ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. ڪجھ استاد تحقيق ڪرڻ کان وڌيڪ رسمي طريقن سان سبجيڪٽ پڙهائڻ کي ترجيح ڏين ٿا ڇاۡڪاڻ ته هو تحقيق واري عمل کان ايترا واقف نه آهن جڏهن ته هڪ يونيورسٽي استاد لاءِ تحقيق ئي سڀ ڪجھ هوندي آهي. ايتري تائين جو يونيوريسٽي استاد جي ترقي به تحقيق ۽ تحقيق واري ڊگري جي ڪري ٿئي ٿي. هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي اهڙو نظام ٺاهڻ گهرجي جنهن ذريعي انهن استادن کي اڳين گريڊ ۾ ترقي ڏني وڃي جنهن جا گهربل تحقيقي مقالا پنهنجا هجن نه ڪي ٻين جي ڪم جا هجن.
تعليمي ادارن جي ترقي نه ڪرڻ ۾ مختلف قسمن جي مداخلت ۽ ڪرپشن سان گڏ محترم استادن ۽ اسٽاف جي يونينز جو پڻ اهم ڪردار رهيو آهي. اهي به ڪن عملن ذريعي تعليمي ادارن کي نقصان ڏين ٿا. اهڙي طرح اهي يونينز به اداري جي ترقي لاءِ ڪي خاص ڪم ۽ مثبت ڪردار ادا نه ڪري سگهيا آهن، نه ئي تحقيق ۽ تدريس واري ڪم کي وڌائڻ لاءِ ڪا خاص جدوجهد ڪري سگهيا آهن.
اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڪجھ اهڙا به شاگرد هوندا آهن يا
اهڙيون شاگردياڻيون هونديون آهن جيڪي پڙهائي دوران محنت نه ڪندا آهن يا محنت نه
ڪنديون آهن نه ئي وري ريگيولر ڪلاس اٽينڊ ڪندا آهن. جڏهن اهڙن شاگردن يا
شاگردياڻين تي اسان جا محترم استاد سختي ڪندا آهن ته اهي شاگرد يا شاگردياڻيون
ڪوڙيون شڪايتيون ڪندا آهن اهڙي طرح انهن جي غلط شڪايتن تي اسان جا ڪجھ مخصوص ادار
۽ سول سوسائيٽي جا نمائندا اسان جي محترم استادن جي بيعزتي ڪندا آهن. ان عمل سان
اسان جي محترم استادن جي دل آزاري ٿيندي آهي جنهن جو نقصان به اسان جي تعليمي
ادارن ۽ اسان جي سماج کي ٿئي ٿو. تنهنڪري اهڙي قسم جي مداخلت کي ختم ڪيو وڃي ته
جيئن محترم استاد صحي ۽ معياري تعليم ڏئي سگهن ۽ محنت ڪندڙ شاگردن کي اڳتي آڻي سگهن.
جيڪڏهن تعليمي ادارن ۾ ميرٽ کي برقرار نه رکيو ويندو ته اسان جو سماج ترقي نه ڪندو
۽ نه ئي وري اسان جا تعليمي ادارا عالمي حيثيت جا بڻجي سگهندا.
ڪنهن به قوم جي ترقي ۾ سڀ کان اهم ڪردار تعليم ۽ تحقيق جو
هوندو آهي. تعليم ۽ تحقيق سان سماج ترقي ڪندو آهي. هن وقت اسان وٽ شاگردن ۾ تعليم
۽ تحقيق جو شعور پيدا ٿي رهيو آهي. اسان جا ٻار پڙهڻ چاهين ٿا. اسان وٽ تحقيق جو
رجحان پيدا ٿي چڪو آهي پر مخصوص ادارن جي نه هجڻ جي ڪري ۽ بي تڪي مداخلت جي ڪري اهو
سلسلو گهڻو وڌي نه سگهيو آهي. تنهنڪري اچو ته مثبت ڪردار ادا ڪريون اصلاحي راءِ
ڏيون. اداران کي بدنام نه ڪريون. جيڪا تنقيد ڪريون ان جو حل به ڏيون. هي اسان جا
ادارا آهن انهن جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي. قومون ترقي تڏهن ڪنديون آهن جڏهن فرد
ايمانداري ۽ سچائي سان ڪم ڪندا آهن ۽ صحي ڪم ڪندڙ جي مدد ڪندا آهن. پنهنجي مفادن
خاطر ڪنهن جا پير ڪڍڻ قوم ۽ ملڪ سان ڌوڪو هوندو آهي. ڪنهن به يونيورسٽي تي تنقيد
ڪرڻ کان اڳ ۾ اهو ضرور سوچيو وڃِي ته ڇا اسان جون يونيورسٽيز ايتريون ئي آزاد آهن
جيتريون يورپ، آمريڪا ۽ دنيا جي ترقي ڪندڙ ملڪن جون يونيورسٽيز آزاد آهن؟ ڇا اسان
جا استاد ايترا ئي آزاد آهن جيترا ترقي ڪندڙ ملڪن جا
استاد آزاد آهن؟
استاد آزاد آهن؟